افغانستان جي سابق صدر اشرف غني جي ڀاءُ حشمت غني چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان قيادت ۽ هيٺئين سطح جي ڪمانڊرن وچ ۾ چين آف ڪمانڊ جي ڪمي آهي.
وائس آف آمريڪا کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ويجهن ڏينهن دوران طالبان جي ڪجهه عمل دارن جلال آباد ۾ واقع سندس جائداد کي خالي ڪرڻ لاءِ چيو آهي، جيڪو طالبان جي دعون جي بالڪل ابتڙ آهي، ڇو ته، سندس بقول، طالبان جو بيان رهيو آهي ته افغانستان ۾ هر ڪنهن جي جان و مال ۽ جائداد جي تقدس جو احترام ڪيو ويندو.
هن اشرف غني جي آخري ڏينهن ۾ صدارت جو حال ٻڌائيندي چيو ته آفيس ۾ سندس تمام معامله آمريڪي ۽ اين ڊي ايس جي حڪم تي هلندا هيا.
صدر غني جي ڪابل ڇڏڻ جي فيصلي جي حمات ڪندي، حشمت غنيءَ چيو ته جيڪڏهن هو پاڻ اقتدار کان الڳ نه ٿئي ها ته خون خرابي جي خطري سان گڏ سندس جان کي به جوکم رسي ها ۽ افغانستان هڪ ٻئي ليڊر جي موت جهڙي دکدائڪ واقعي جو متحمل نه ٿئي ها. انهيءَ ڪري ئي هن راه فرار اختيار ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
هن چيو ته منهنجو ڀاءُ 18 مهينن تائين عالمي برادريءَ کي دوحا امن معاهدي ۾ خامين کان آگاه ڪندو رهيو ۽ اهو ئي سبب آهي ته طالبان کي اقتدار سنڀالي هڪ سال ٿيڻ وارو آهي پر افغانستان بي يقينيءَ جو شڪار آهي ۽ ملڪ جو پوريءَ دنيا سان رابطو منقطع آهي.
خيال رهي ته افغانستان ۾ طالبان هڪ سال کان اقتدار ۾ آهن پر ڪنهن هڪ ملڪ به کين باضابط طور تي تسليم ناهي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت بي روزگاري عروج تي آهي جڏهن ته معاشي عدم استحڪام ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.
ماهرين ان ڳالهه جي انديشي جواظهار ڪري رهيا آهن ته افغانستان جون حالتون انهيءَ پاسي وڌينديون رهيون ته ملڪ هڪ ڀيرو وري خانه جنگيءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
ڪابل تي افغانستان جي ڪنٽرول متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ حشمت غني چيو ته اهو سندس لاءِ حيران ڪن ناهي ڇو ته ان جو آغاز 18 مهينا اڳ دوحا امن معاهدي ۾ ٿيو هو.
حشمت غني جو پاڻ هڪ قبائلي رهنما هئڻ سان گڏ سياسي رهنما ۽ واپاري به آهي، هو طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ چئن مهينن تائين ڪابل ۾ ئي رهيو ۽ هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڪابل ويندو رهندو آهي. هن چيو ته هن ڪيترا ئي ڀيرا طالبان قيادت کي ملڪ جي معاملن کي افهام و تفهيم سان هلائڻ تي زور ڏنو آهي، ليڪن هاڻي تائين مثبت نتيجا نه نڪتا آهن.
ٻئي پاسي مبصرين جو خيال آهي ته طالبان حڪومت کي عالمي سطح تي تسليم ٿيڻ ۾ اڃان ڪافي وقت لڳندو ڇو ته طالبان قيادت لچڪ جو مظاهرو ڪرڻ ۾ دلچسپي نه پئي ڏيکاري.
افغان امور جي ماهر ۽ سينئر تجزيه ڪار، رامش سالمي چيو آهي ته دوحا امن معاهدي جي بنياد تي افغانستان ۾ وسيع البنياد حڪومت جي تشڪيل نو جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، ليڪن طالبان اشرف غني جي حڪومت کي طاقت جي زور تي ڪيرائي اقتدار تي قبضو ڪيو.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي رامش سالمي چيو ته عورتن جي حقن خصوصي طور تي تعليم ۽ روزگار تي پابندي لڳائي طالبان مغرب کي چيلنج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ طالبان جي سڃاڻپ جو معاملو وڌيڪ ڏکيو ٿي پيو ۽ هن وقت تائين ڪو به ملڪ طالبان کي تسليم ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿو رکي.
ٻئي پاسي ملڪ ۾ بينڪنگ جو نظام معطل آهي، تعليمي ادارا بند آهن، انساني حقن جي واقعن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته خواتين جي آزاديءَ ۽ روزگار جي حصول تي پابندي لڳل آهي.