پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اڄڪلهه غير معمولي برساتون وسي رهيون آهن ۽ ڪجهه ضلعن ۾ ته ڳڙو به پيو آهي. برساتن جي تازي سلسلي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي، جنھن سبب فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ لاڳت وڌڻ جو انديشو آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر اينڊ مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) برسات جي ھلندڙ سلسلي کي آڏو رکندي برساتي نالن ۽ هيٺانهن علائقن ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
تازين برساتن سبب ملڪ مان ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، پر ماڻهن جو مالي نقصان تمام گھڻو ٿيو آهي، جنهن سبب زميندار، هاري توڙي ٻني ٻاري سان لاڳاپيل طبقو ڳڻتيءَ جو شڪار آهي.
پنجاب يونيورسٽي جي زرعي تحقيقاتي شعبي جي ريسرچ آفيسر ڪرامت علي ھاڻوڪين برساتن جي نتيجي ۾ فصلن جي گهٽ پيداوار جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. سندس چوڻ آھي ته ان جو سبب موسمياتي تبديلي آھي.
هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي سلسلي ۾ هر ٽئين چوٿين سال معمول کان وڌيڪ مينھن پوندا آھن، طوفان ايندا آهن ۽ ڳڙو به وسندو آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ھن وقت جيتوڻيڪ سڄي پاڪستان ۾ ڪڻڪ جو لابارو ھلي رھيو آھي پر خاص طور پنجاب جي منڊي بهاءُ الدين، اوڪاڙه، پاڪ پتن ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات دوران ڳڙا پوڻ سبب ڪڻڪ کي نقصان رسيو آهي.
هن چيو ته ڳڙي جي ڪري ڪڻڪ جو ٻوٽو ٽٽي ڪِري پوي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پيداوار 40 مڻ ٿيڻي ھوندي آھي ته اھا گھٽجي 30 کان 33 مڻ في ايڪڙ ٿيو وڃي.
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ھن وقت ڦُٽي پوکي پئي وڃي ۽ ڪرامت علي موجب ھلندڙ وسڪارن سبب اُن کي پڻ ڌڪ رسندو.
سندس چوڻ آھي ته ڪپهه جو گل ٽڙڻ مھل جيڪڏهن مينھن پئجي ويو ته ٻني جو مٿاڇرو سخت ٿيو وڃي، جنهن سبب هارين کي ڪپهه جو فصل ٻيهر پوکڻو پوي ٿو، ان ڪري سندن خرچ وڌيو وڃي.
ٻئي پاسي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر چوڌري محمد اسلم جو چوڻ آهي ته جن علائقن ۾ گهٽ برسات جو امڪان ھجي پر اتي وڌيڪ برسات پئجي وڃي ته اھڙي مينھن کي موسمياتي تبديلي جو نتيجو چيو ويندو.
هن چيو ته تازين برساتن کي ’ٽرانزيشن پيرڊ‘ (تبديلي جو مدو) سڏيو ويندو آهي جيڪو سياري کان اونهاري ڏانھن ايندو آهي. اھي مينھن مارچ ۽ اپريل ۾ وسندا آهن جن ۾ مينھن سان گڏ ڳڙن پوڻ جو امڪان به گھڻو ھوندو آهي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ھاڻوڪيون برساتون سڄي ملڪ ۾ اولھندي وارين هوائن جي ڪري وسيون آهن. انهن برساتن جا ٽي سلسلا مارچ ۾ آيا، جڏهن ته هڪ سلسلو اپريل ۾ جاري آهي، جنھن ۾ ٿوري وقفي کانپوءِ ٻه ٻيا سلسلا شامل ٿيندا.
گھٽ پيداوار جو خدشو
پنجاب جي زراعت کاتي موجب ھينئر جو موسم ۽ برساتون پاڪستان ۾ فصلن لاءِ مناسب ناهن. رڳو پنجاب ۾ 8 لک ايڪڙ تي پوکيل فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
پنجاب جي زراعت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد انجم علي ٻڌائي ٿو ته صوبي ۾ پهرين "ھيٽ ويو" (گرمي جي لهر) ڏٺي وئي جنهن کانپوءِ ھاڻ "ڪولڊ ويو" (سردي جي لهر) جو اثر ھلي رھيو آھي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 98 لک ايڪڙ زمين پوکي لائق آهي، جنهن مان هڪ ڪروڙ 60 لک ايڪڙ تي ڪڻڪ جو فصل پوکيو ويو آهي.
هن چيو ته 8 لک ايڪڙ زمين برساتن ۽ ڳڙي جي ڪري متاثر ٿي آهي. ان ايراضي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ست کان اٺ مڻ في ايڪڙ گهٽجي ويندي. پنجاب ۾ 50 هزار ايڪڙ تي ڳڙا وسيا آهن، جنهن ڪري پيداوار تي مجموعي طور اڍائي لک ٽن جو فرق پوندو.
هن چيو ته هارين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻنيءَ مان پاڻي نيڪال ڪن ۽ برسات جو پاڻي ڪنهن به فصل ۾ بيھڻ نه ڏين، ان سان سندن نقصان گهٽ ٿيندو.
آبادگار رائو حامد علي جو چوڻ آهي ته هڪ عام هاري ڪڻڪ جي فصل ۾ في ايڪڙ ڊي اي پي ڀاڻ جي هڪ ٻوري ۽ يوريا ڀاڻ جون ٻه ٻوريون استعمال ڪندو آهي. جيئن ته مڪئي هڪ هائبرڊ فصل آهي تنھن ڪري ان کي وڌيڪ خوراڪ گھرجي. ان کان علاوه زنڪ، سلفر ۽ پوٽاش جو استعمال ڌار ٿئي ٿو.
هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جو ڪڻڪ جو فصل ڇهن مهينن ۾ ۽ مڪئي جو فصل چئن کان ساڍن چئن مهينن ۾ هاريءَ کي پنهنجي محنت جو ڦل ڏئي ٿو.