رسائی کے لنکس

الهان عمر کي پرڏيهي ناتن جي ڪاميٽيءَ تان خارج ڪرڻ جي قرارداد منظور


الهان عمر (فائيل فوٽو)
الهان عمر (فائيل فوٽو)

سخت مباحثي کان پوءِ، ريپبلڪن جي اڳواڻيءَ واري ايوان نمائندگان خميص ڏينهن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي رڪن الهان عمر کي چيمبر جي پرڏيهي ناتن جي ڪاميٽيءَ تان خارج ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ قرارداد 211 جي ڀيٽ ۾ 218 ووٽن تان منظور ٿي وئي.

ان ووٽنگ جو سبب ڊيموڪريٽس جي دور جي آخري سيشن ۾ سندس اسرائيل مخالف تبصرا هيا جن تي انتهائي ساڄي ڌر جي ريپبلڪن قانون سازن جي ڪاوڙ وڌي هئي.

ايوان جي اسپيڪر ڪيون ميڪارٿيءَ نئين ريپبلڪن اڪثريتي ڪانگريس ۾ صومالي نزاد مسلم خاتون جي خلاف ريپبلڪن موقف جي حمايت جڏهن ته ڪجهه ريپبلڪن قانون سازن ان تي تحفظات جو اظهار ڪيو.

هائوس ڪاميٽيءَ تان ڪنهن ميمبر کي خارج ڪرڻ جو ٻه سال اڳ تائين ڪو مثال موجود نه هو. ان کان اڳ ڊيموڪريٽس جارجيا سان تعلق رکڻ واري ريپبلڪن ميمبر ڪانگريس مارجوئي ٽيلر گرين ۽ ايريزونا جي پال گوسر کي، جن کي انتهائي ساڄيءَ ڌر جا اڳواڻ سمجهو ويندو آهي، هائوس ڪاميٽيءَ منجهان ڪڍيو ويو هو.

الهان عمر کي خارجه معاملن جي ڪاميٽيءَ تان خارج ڪرڻ جي حق ۾ 218 ووٽ پيا، جڏهن ته 211 ميمبرن ان قرارداد جي مخالفت ڪئي.

ڊيموڪريٽس ريپبلڪنز تي الزام مڙهيو آهي ته هنن الهان عمر کي سندس نسل جي بنياد تي هدف بڻايو آهي.

الهان عمر ايوان جي فلور تي پنهنجو دفاع ڪندي چيو ته ڇا ڪنهن کي کيس نشانو بنائڻ تي حيراني ٿي آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته جڏهن طاقت کي پوئتي ڌڪيو ويندو آهي ته اها تيزيءَ سان واپس ڌڪيندي آهي.

ووٽنگ جي دوران ڊيموڪريٽڪ ساٿي کيس ڳلي لڳائيندا رهيا.

الهان عمر پنهنجي اختتامي تقرير ۾ چيو ته منهنجو آواز بلند ۽ مضبوط ٿيندو ويندو ۽ منهنجي اڳواڻيءَ جي سموري دنيا اقرار ڪندي.

ريپبلڪنز کيس پرڏيهي ڪاميٽيءَ مان خارج ڪرڻ جي لاءِ سندس ڇهن بيانن کي بنياد بڻايو. اوهائيو جي ريپبلڪن ميمبر ميڪس ملر جيڪو صدر ٽرمپ جي انتظاميه ۾ شامل هو، قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته عمر جي تبصرن جي ڪري ايوان نمائندگان جي بي قدري ٿي آهي.

نيو يارڪ جي ڊيموڪريٽ ليڊر حڪيم جيفريز چيو ته عمر کان ڪنهن وقت غلطيون ٿيون آهن ۽ هن يهودي دشمني جو استعمال ڪيو آهي، جنهن جي چار سال اڳ ڊيموڪريٽس مذمت ڪئي هئي، ليڪن خميص ڏينهن ٿيندڙ ووٽنگ ان باري ۾ نه هئي.

هن چيو ته هي هڪ خاتون کي سندس رنگ جي بنياد تي نشانو بنائڻ جي ڳالهه آهي.

الهان عمر ڪانگريس جي لاءِ منتخب ٿيڻ وارين ٻن مسلمان عورتن منجهان هڪ آهي. هوءَ ايوان ۾ حجاب پائڻ واري پهرين خاتون به آهي جنهن کي مذهب جي بنياد تي ايوان ۾ حجاب پائڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ قاعدن ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي.

(ايسو سي ايٽڊ پريس)

XS
SM
MD
LG