رسائی کے لنکس

ٽوئيٽر اڪائونٽ ڪيئن محفوظ بڻائجي؟


سماجي رابطن ۾ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجيءَ جو اثرائتو استعمال (فائيل فوٽو)
سماجي رابطن ۾ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجيءَ جو اثرائتو استعمال (فائيل فوٽو)

گزريل هفتي ٽوئيٽر پنهنجي صارفين کي هڪ پيغام موڪليو ھو ته جيڪڏهن ھو پنهنجو اڪائونٽ ٻن مرحلن واري تصديقي عمل (ٽو فيڪٽر آٿينٽي ڪيشن) هيٺ رکڻ چاهن ٿا ته کين ڪمپنيءَ جو ’بليو چيڪ مارڪ’ وٺڻو پوندو، جنهن جي قيمت اٺ ڊالر ماھانه آهي.

پيغام ۾ چيو ويو ته اهڙا اڪائونٽ 19 مارچ کان پوءِ ٽيڪسٽ ميسيج ذريعي تصديق واري فيچر کان محروم ٿي ويندا.

ڪمپني موجب 20 مارچ کان پوءِ ماھانه سبسڪرپشن سروس فقط ٽوئيٽر بليو استعمال ڪندڙن کي ئي ملندي.

ان جو مطلب ته جيڪي ٽوئيٽر صارف ٽو فيڪٽر آٿينٽي ڪيشن لاء ٽيڪسٽ ميسج تي انحصار ڪن ٿا تن کي سبسڪرپشن سروس وٺڻي پوندي.

ٽوئيٽر جو خيال آهي ته ايس ايم ايس ذريعي ٻن مرحلن وارو تصديقي ڪوڊ موڪلڻ محفوظ ناهي ۽ هيڪر آساني سان ڊوائيس جو ڪنٽرول سنڀالي ڪنهن به اڪائونٽ تائين پھچي سگهن ٿا.


ٽو فيڪٽر آٿينٽي ڪيشن ڇا آهي؟

ان فيچر تحت جيڪڏهن ڪو صارف پنهنجي اڪائونٽ ۾ ’لاگ ان’ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان اڪائونٽ سان لاڳاپيل فون نمبر تي هڪ سيڪيورٽي ڪوڊ موڪليو ويندو. هن ڪوڊ کي ويب سائيٽ تي صحيح طور داخل ڪري ئي لاگ ان ٿي سگهجي ٿو.

هن فيچر تحت لاگ ان ڪرڻ لاءِ پاس ورڊ سان گڏ و گڏ هڪ ٻي ايپ، ڊيوائس يا فون نمبر جي به ضرورت پوي ٿي، تنهن ڪري هن فيچر ذريعي آن لائن اڪائونٽس کي محفوظ بڻايو وڃي ٿو.

پر ٽوئيٽر ھاڻ عام صارفين لاءِ اھو تصديق وارو فيچر ختم ڪري رهيو آهي.

ٽوئيٽر هن فيچر کي ڇو ختم ڪري رهيو آهي؟

گزريل هفتي ٽوئيٽر هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو هو ته جيتوڻيڪ هي فيچر صارفين کي ڏاڍو پسند آهي پر ڪجهه ’خراب عناصر’ هن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن.

ڪمپنيءَ ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ڏيڻ بابت ايسوسي ايٽڊ پريس (اي پي) جي درخواست جو ڪو جواب نه ڏنو.

آمريڪي ارب پتي ايلون مسڪ، جنهن ٽوئيٽر کي گزريل سال 44 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو، ڪمپنيءَ جو نفعو وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.


ٽوئيٽر اڪائونٽ محفوظ بنائڻ جا ٻيا ڪهڙا طريقا آهن؟

صارفين پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ پنهنجي فون تي آٿينٽي ڪيشن (تصديق واري) ايپ انسٽال ڪري سگهن ٿا. اهي ايپس سيڪيورٽي ڪوڊ ٺاهينديون آهن، جن کي اوهان ٽوئيٽر جي ايپ ۾ لاگ ان ٿيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.

اهي ايپس گوگل يا اينڊرائيڊ ايپ اسٽور تان ڊائون لوڊ به ڪري سگهجن ٿيون. انهن ۾ مائيڪروسافٽ ۽ گوگل کان علاوه ’ڊيئو موبائل’، ’اوٿي’ ۽ ’ون پاس ورڊ’ شامل آهن.

هن طريقي کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر تي ٽوئيٽر ويب سائيٽ کوليو ۽ ’سيٽنگ اينڊ پرائيويسي’ ۾ وڃو. هتي 'سيڪيورٽي اينڊ اڪائونٽ ايڪسيس' جو آپشن آهي جتي 'سيڪيورٽي' جو آپشن هوندو.

ھتي آٿينٽي ڪيشن ايپ چونڊيو ۽ ھدايتن تي عمل ڪريو. ٽوئيٽر هتي اوهان کان اي ميل ايڊريس گھرندو.

هتي سيٽنگ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اوهان آٿينٽي ڪيشن ايپ ۾ ٺهيل ڪوڊ استعمال ڪندي ٽوئيٽر تي لاگ ان ٿي سگهو ٿا.

XS
SM
MD
LG