آچر ڏينهن سڄيءَ دنيا جي مختلف ملڪن موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿيڻ وارن غريب ملڪن جي امداد جي لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان فيصلي کي 30 سال اڳ گڏيل قومن جي اداري ۾ ماحوليات تي بحث جي آغاز کان پوءِ غير معمولي پيش رفت قرار ڏنو ويو آهي.
عالمي اداري جي ان فنڊ جي قائم ٿيڻ سان بنيادي طور تي اها ڳالهه تسليم ڪئي وئي آهي ته غريب ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي ڪري موسم جي شدت آڏو آئي آهي جڏهن ته اهو به مڃيو ويو آهي ته انهن جي ڪنهن حد تائين مدد ڪرڻ ٻين ملڪن جي ذمي داري آهي جتي صنعتن جي ڦهلاءَ موسمياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي.
جتي هڪ طرف مختلف ملڪن جي حڪومتن، ماهرن ۽ ماحولياتي ڪارڪنن فنڊ قائم ڪرڻ جي منصوبي جو خير مقدم ڪيو آهي اتي هن فنڊ جي لاءِ رقمون ڪٺيون ڪرڻ ۽ پوءِ ورهائڻ سميت ڪيترا اهم سوال به اٿاريا ويا آهن.
هتي ماحولياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ’نقصان ۽ هاڃن’ منجهان مقصد ڇا آهي ۽ فنڊ ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪندو؟ ان باري ۾ تفصيل فراهم ڪيا پيا وڃن.
تاريخي پس منظر
لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا اڳ 1990 ۾ ’الائنس آف سمال آئي لينڊ اسٽيٽس’ مطالبو ڪيو هو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيڻ واري نقصان جي پورائي لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي سطح تي هڪ فنڊ قائم ڪيو وڃي.
مختلف ننڍن ملڪن جو هي اتحاد عالمي اداري جي فنڊ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو. هي ملڪ انهن سامونڊي ساحلن تي واقع هيا جتي سمنڊ جي سطح بلند ٿي رهي آهي جڏهن ته ان اتحاد ۾ ننڍا جزيرا به شامل آهن.
ان کان پوءِ گڏيل قومن جي اداري جي موسمياتي تبديليءَ تي ٿيڻ واري سالياني سربراه اجلاس ۾ هميشه هي معاملو ايجنڊا ۾ شامل رهيو آهي.
آب و هوا جي تبديليءَ تي گڏيل قومن جي اداري جي سالياني اجلاس ۾ عام طور تي هي معاملو زير بحث نه ايندو هو يا وري ان جي لاءِ انتهائي گهٽ وقت رکيو ويندو هو، البته هلندڙ سال مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ٿيڻ واري اجلاس ’سي او پي 27’ ۾ ان معاملي کي مرڪزي اهميت جو معاملو قرار ڏنو ويو.
’سي او پي 27’ ۾ فنڊ قائم ڪرڻ جي معاملي کي نه صرف ايجنڊا جو حصو بڻايو ويو بلڪه فورم تي ٿيڻ واري بحث جو محور به اهو ئي موضوع رهيو.
هن فنڊ ۾ ڪير رقمون ڏيندو؟
ابتدائي طور تي گڏيل قومن جي اداري هن فنڊ ۾ترقي يافتا ملڪ حصو وٺندا، جڏهن ته مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ذريعن مان به رقمون هن ۾ ڪٺيون ٿينديون. بين الاقوامي مالياتي ادارو به ان جي لاءِ فنڊ فراهم ڪندو، جڏهن ته اهو آپشن به موجود آهي ته اهي ملڪ به ان جو حصو وٺي سگهن ٿا جن جي معيشت تمام وڏي آهي.
ان ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته فنڊ کي وسعت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ذريعن جي به نشاندهي ڪئي ويندي. فنڊ جي قيام جي دوران يورپ جي ملڪن، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي قومون جيڪي دنيا ۾ گدلاڻ جون ذمي دار آهن انهن کي معيار مطابق ترقي ڪندڙ ملڪ قرار ڏنو ويندو آهي، انهن کي به ان فنڊ جي لاءِ پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي.
فنڊ قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مذاڪرات دوران چين جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي اداري جي هن نئين فنڊ جي لاءِ رقم ترقي يافتا ملڪن کي ڏيڻ گهرجي، ۽ کيس ادائگي نه ڪرڻ کپي. البته اها روايت رهي آهي ته چين رضاڪارانه طور تي فنڊ جي لاءِ رقم ڏيندو جڏهن ته آمريڪا به ائين ئي ڪندو رهندو آهي.
سال 2014 ۾ براڪ اوباما آمريڪا جو صدر هيو ۽ ان وقت ’گرين ڪلائميٽ فنڊ’ جي لاءِ آمريڪا ٽي ارب ڊالر ڏنا هيا، جڏهن ته چين ٽي ارب 10 ڪروڙ ڊالر فنڊ ۾ شامل ڪيا هيا.
گڏيل قومن جي اداري جي تازي قائم ڪيل فنڊ جي حوالي سان هڪ ڪاميٽيءَ فيصلو ڪندي ته ڪير ڪيتري رقم فراهم ڪندو. ان حوالي سان هڪ سال اندر فيصلا ڪيا ويندا.
ڪهڙن ملڪن کي فنڊ منجهان ادائگي ٿيندي؟
عالمي اداري جي قائم ڪيل فنڊ جي لاءِ ٿيڻ واري معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته ان مان اهڙن ترقي ڪندڙ ملڪن جي مدد ڪئي ويندي جيڪي موسمياتي تبديليءَ کان گهڻو متاثر ٿيا آهن.
ان سان گڏ وگڏ انهن ملڪن جي مدد جو به امڪان آهي جتان جي معاشي صورت حال وچولي نوعيت جي آهي.
هن فنڊ مان پاڪستان ۽ ڪيوبا جهڙن ملڪن کي فائدو ملي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ تازي عرصي ۾ سيلاب آيو هو. ان دوران ملڪ جو ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو هو جڏهن ته ڪيوبا کي سامونڊي طوفان ’ايان’ نقصان پهچايو.
ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ايندڙ سال سامهون ايندا.
اعتماد جي بحاليءَ جي ڪوشش
هن فنڊ جي قائم ڪرڻ سان هڪ طرف متاثر ٿيڻ وارن ملڪن جي مالي امداد ٿي سگهندي، اتي هن قدم کي هڪ وڏي پيش رفت جي طور تي به ڏٺو پيو وڃي. البته، اهو واضح ناهي ته هي فنڊ ڪنهن حد تائين جلد ممڪن ٿيندو ۽ ان سان ڪيسيتائين امداد جو آغاز ڪيو ويندو.
شرم الشيخ جي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته هن فنڊ قائم ڪرڻ جي لاءِ جلد از جلد هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي ۽ ان ڪاميٽيءَ کي ڀرپور مينڊيٽ ڏنو وڃي.
فيصلي جا اثرات
دنيا جي امير يا ترقي ڪيل ملڪ گڏيل قومن جي اداري جي موسمياتي تبديليءَ جي نقصان ڀرڻ جو فنڊ قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. انهن کي ان ڳالهه جو انديشو آهي ته هي هڪ اهڙو ٻوجهه هوندو جيڪو ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين هو ڀريندا رهندا.
وقت سان گڏ اهو به اهم آهي ته مذاڪرات ڪندڙ ڪهڙيءَ ريت اهو ممڪن بنائن ٿا ته هن فنڊ ۾ ڏيڻ واري رقم کي مستقل ٻوجهه جي جاءِ تي رضاڪارانه تعاون سمجهو وڃي.