انساني حقن جي تنظيم،’هيومن رائٽس واچ‘ چيو آهي ته جن عورتن کي طالبان جي زيادتين جي خلاف احتجاج ڪرڻ تي پڪڙيو ويو هو، انهن کي تحويل دوران اذيتون ڏنيون ويون ۽ ٻين سنگين بد سلوڪين جو نشانو بنايو ويو.
انهن عورتن ٻڌايو آهي ته کين سندن خاندان سميت، جن ۾ ٻار به شامل آهن، بنان ڪنهن جائز سبب جي پڪڙيو ويو، کين ڌمڪيون ڏنيون ويون، مار ڪٽ ڪئي وئي، خطرناڪ حالتن ۾ بند رکيو ويو، قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، رهائيءَ جي لاءِ ناقابل بيان شرط رکيا ويا، ان کان علاوه ٻئي زيادتيون به ڪيون ويون. عمل دارن پڪڙيل مرد مٽن مائٽن کي اليڪٽرڪ شاڪ ڏنا.
تحويل جي دوران عورتن جيڪي تجربات بيان ڪيا اهي ان ڳالهه تي روشني وجهن ٿا ته طالبان احتجاج ڪندڙ عورتن سان ڪنهن قسم جو سلوڪ جاري رکيو، ۽ ان مان طالبان پاران احتجاجي تحريڪ کي دٻائڻ جي ڪوششن تي به روشني پوي ٿي.
’هيومن رائٽس واچ’ جي عورتن جي حقن جي ايسو سي ايٽ ڊائريڪٽر، حيدر بار چيو آهي ته انهن افغان عورتن جي بهادري بيان کان ٻاهر آهي جيڪي طالبان جي زيادتين جي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن ۽ انهن عورتن جي روداد ٻڌائي ٿي ته طالبان سندن سرگرمين تي ڪيترا خوف زده آهن ۽ انهن کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ طالبان ڪنهن حد تائين بربريت جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا.
طالبان فبروري 2022 ۾ ڪابل جي هڪ گهر تي ڇاپو هنيون جنهن دوران ٽن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کين ۽ سندن خاندانن کي وزارت داخله جي عمارت اندر بند رکيو ويو. کين بظاهر عورتن جي حقن جي لاءَ احتجاج جي منصوبه بنديءَ ۾ شامل ٿيڻ ۽ احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت جي الزام ۾ پڪڙيو ويو. رها ٿيڻ کان پوءِ اهي ملڪ مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون.
پندرهن آگسٽ 2021 تي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ طالبان عورتن ۽ نياڻين جا حق کسڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. هوڏانهن عورتن به طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کان هڪ هفتو اڳ سڙڪن تي احتجاج شروع ڪري ڏنو هو ۽ هيءُ احتجاج هو انهن سنگين خطرن جي باوجود ڪنديون رهيون جيڪي انهن کي درپيش هيا.
ٻڌايو ويو آهي ته انهن احتجاجي مظاهرن تي طالبان جو ردعمل شروع کان ئي جابرانه رهيو آهي. اهي احتجاج ڪرڻ وارين عورتن کي مار ڪٽ ڪندا هيا، مظاهرن ۾ هر قسم جي رنڊڪ وجهڻ سان گڏوگڏ صحافين کي به گرفتار ڪندا هيا جيڪي انهن مظاهرن جو خبرون شائع يا نشر ڪندا هيا.
حيدر بار ٻڌايو ته افغان عورتن ۽ ڇوڪرين کي طالبان جي حڪمرانيءَ جي ڪن انتهائي سخت روين سان واسطو پيو آهي.
بار چيو ته اهي عورتون افغانستان ۾ پنهنجي حقن جي تحفظ جي لاءِ انتهائي مشڪل لڙائيءَ جي سرواڻي ڪري رهيون آهن. بدقسمتيءَ سان عالمي برادري نه انهن سان گڏ اٿي کڙي ٿي ۽ نه ئي سندن مسئلن ڏانهن ڪو گهربل ڌيان ڏنو ويو آهي.