رسائی کے لنکس

آمريڪي سياح سرڪاري پارڪ مان وڏو هيرو ڳولي لڌو


ڳولهي لڌل ’بگ اگلي ڊائمنڊ’
ڳولهي لڌل ’بگ اگلي ڊائمنڊ’

آمريڪا جي رياست آرڪنسا جي ھڪ سرڪاري پارڪ ’ڪريٽر آف ڊائيمنڊز‘ ۾ هڪ سياح 3.29 قيراط جو ھڪ قيمتي هيرو ڳولي لڌو آهي.

پارڪ انتظاميه پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته اهو ھيرو پارڪ مان ملندڙ ھن سال جو سڀ کان وڏو هيرو آهي. ياد رهي ته هڪ قيراط ھيري جو وزن 200 ملي گرام برابر ھوندو آهي.

ڊيوڊ اينڊرسن نالي ان شخص کي ناسي رنگ جو هي هيرو 4 مارچ تي ان پارڪ مان مليو، جتي سياح اڪثر ڪري هيرن جي ڳولا لاءِ پري پري کان ايندا آهن. اھو سرڪاري پارڪ 37 ايڪڙ ايراضيءَ تي مشتمل آھي.

’ڪريٽر آف ڊائيمنڊز‘ دنيا جو واحد سرڪاري پارڪ آهي جتي عوام کي هيرا ڳولي کڻي وڃڻ جي اجازت آھي.

اھو پارڪ 1972 ۾ ٺاھيو ويو ۽ ان جي ڪل ايراضي 900 ايڪڙن کان وڌيڪ آهي. اھو پارڪ هڪ اُجڙيل آتش فشان (ٻرندڙ جبل) جي منڍ تي ٺھيل آهي، جتان هيرا ۽ ٻيا قيمتي پٿر قدرتي طور ملندا رھندا آهن.

ان آتش فشاني جبل جي ٽڪريءَ کي سرڪاري پارڪ جي حيثيت ڏيڻ کان پوءِ ھتان ذري گھٽ 35 ھزار هيرا ڳوليا ويا آهن.

پارڪ جي ويب سائيٽ موجب هيرن جي شوقين ماڻھن کي پاڻ سان گڏ کاڻ کوٽڻ جو سامان آڻڻ يا ان کي پارڪ مان ڪرائي تي وٺڻ جي اجازت آھي، جيتوڻيڪ بيٽري يا موٽر تي ھلندڙ سامان آڻڻ منع آهي.

هن پارڪ مان ملندڙ ھن وقت تائين سڀ کان وڏو هيرو 40.23 قيراط جو هو، جنهن کي ’انڪل سام’ جو نالو ڏنو ويو ھو. هي هيرو ھن وقت تائين آمريڪا ۾ ڳوليل ھيرن مان وڏي ۾ وڏو آهي.

ڊيوڊ اينڊرسن به هيرن جي شوقين اھڙن ئي ماڻھن منجھان آهي، جيڪو 2007 کان وٺي پارڪ گھمڻ ايندو رهيو آهي. هن هينئر تائين 400 کان وڌيڪ هيرا ڳولي لڌا آهن، جن کي پوءِ بازار ۾ وڃي وڪڻي ڇڏيندو آھي.

ان کان اڳ ڊيوڊ 3.83 قيراط جو ھڪ پيلي رنگ جو هيرو پڻ ڳولي چڪو آھي.

هيرن جا شوقين انهن جي دريافت کان پوءِ هيرن جا نالا به رکن ٿا. ڊيوڊ نئين هيري جو نالو ’بي يو ڊي‘ (بگ اگلي ڊائمنڊ) رکيو آھي.

هن چيو ته ڳولها دوران جڏهن کيس هيرو لڌو ته ان مھل اهو ڏاڍو چمڪي رھيو هو. شروع ۾ هن سمجهيو ته اهو هڪ قديم وساميل پٿر آهي، پر جڏهن هُن ھيري کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو ته پوءِ کيس محسوس ٿيو ته اهو واقعي هيرو آهي.

XS
SM
MD
LG