هڪ جديد سائنسي تحقيق مطابق سادو پاڻي قدرت جو هڪ اڻ ملهه عطيو آهي جيڪو بيمارين جي مقابلي جي سگهه به رکي ٿو ته وڏي۽ صحتمند زندگيءَ جي نعمت به بخشي ٿو.
تحقيق مطابق، جيڪڏهن شروع کان وٺي گهڻو پاڻي پيڻ جي عادت وڌي وڃي ته دل جا مرض، ذيابيطس ۽ بلڊ پريشر جي موذي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو يا انهن کي ٽاري سگهجي ٿو.
’اي هائيو ميڊيسين’ نالي رسالي ۾ آمريڪي نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف هيلٿ (اين آئي ايڇ) پاران شائع ٿيندڙ هڪ تحقيق جي مطابق، جيڪي ماڻهو مناسب مقدار ۾ پاڻي پيندا رهن ٿا ۽ پاڻ کي ’ڊي هائيڊريٽ’ ٿيڻ نه ٿا ڏين، اهي نه رڳو صحت مند رهن ٿا بلڪه انهن ماڻهن جي مقابلي ۾ ڊگهي ڄمار کي رسن ٿا جن جي جسم ۾ پاڻيءَ جو مقدار گهٽ هوندو آهي.
پاڻي پيڻ ته هونئن به جسم جي بهتريءَ جي لاءِ ۽ حرارت جي درجي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ تمام فائديمند هوندو آهي. ليڪن اين آئي ايڇ جي پاران سڄيءَ آمريڪا منجهان 11000 کان وڌيڪ ماڻهن تي 30 سالن تائين ٿيندڙ تحقيق اهو ثابت ڪري ٿي ته جسم ۾ پاڻيءَ جو مقدار سوڊيم جي سطح کي گهٽائي ٿو جنهن جي ڪري نه صرف بيمارين کان بچي سگهجي ٿو بلڪه توهان پيرسن ٿيڻ جي رفتار کي گهٽائي وڏي ڄمار ماڻي سگهو ٿا.
مختلف اسٽڊيز جي مطابق، دنيا ۾ 50 في صد جي لڳ ڀڳ انسان جيئڻ جي لاءِ گهربل مقدار ۾ پاڻي نه ٿا پين.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته روزانو ڪيترو پاڻي پيڻ کپي؟
نسشنل اڪيڊمي آف ميڊيسين ٻڌايو آهي ته گهڻي ڀاڱي عورتن کي روزانو ڇهن کان نون گلاس (يا ائين چئجي ته ڏيڍ کان سوا ٻه ليٽر) پاڻي پيڻ کپي، جڏهن ته مردن کي گهرجي ته اهي 8 کان 12 گلاس (يعني ٻن کان ٽي ليٽر) پاڻي پين.
جسم ۾ پاڻيءَ جي ضروري مقدار کي سادي پاڻيءَ کان علاوه فروٽ جوسز يا صحت بخش شربت کي به واپرائي سگهجي ٿو.
مختصر ڳالهه اها آهي ته ’پاڻي پيو ۽ نوبنا رهو’ ۽ اهڙيءَ معلومات جي لاءِ وائس آف آمريڪا پڙهندا رهو.