عالمي ايئرلائينز جي تجارتي ايسو سي ايشن، انٽرنشنل ايئر ٽرانسپورٽ ايسو سي ايشن (آءِ اي ٽي اي) اربع ڏينهن معاشي بحران جي شڪار پاڪستان کي چتاءُ ڏنو آهي ته نقد ادائيگين ۾ مسلسل رڪاوٽ جي ڪري غير ملڪي ايئرلائينز پاڪستان جي لاءِ پنهنجون پروازون بند ڪري سگهن ٿيون.
هڪ بيان ۾ ايسو سي ايشن چيو آهي ته پاڪستان کي جنوريءَ تائين غير ملڪي ايئرلائينز کي تقريبن 29 ڪروڙ ڊالر جي ادائگي ڪرڻي هئي.
نائيجيريا کان پوءِ پاڪستان ٻئي نمبر تي آهي جنهن کي گهربل وڏي رقم ادا ڪرڻي آهي.
آءِ اي ٽي اي جي ايشيا پيسيفڪ جي علائقائي نائب صدر، فلب گا چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون ڪنهن ملڪ ۾ فضائي آپريشن جا خرچ برداشت نه ڪري سگهن ته اهڙي وقت ايئرلائينز کان اميد رکڻ کپي ته اهي پنهنجا قيمتي هوائي جهازن جا اثاثا ڪنهن ٻئي نفعي بخش جاءِ تي استعمال ڪن.
ان ڏس ۾ اداري چيو آهي ته ورجن ايٽلانٽڪ ايئرويز تازو پاڪستان جي لاءِ اڏامون بند ڪيون آهن. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا تازو گهٽ ٿي 4.6 ارب ڊالرن کان به هيٺ هليا ويا آهن، جيڪي چئن هفتن جي درآمد کي پوري ڪرڻ جي لاءِ مشڪل سان ڪافي آهن ۽ جنهن جي ڪري مرڪزي بينڪ کي ملڪ کان ٻاهر ڊالر موڪلڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي.
آءِ اي ٽي اي چيو آهي ته پاڪستان جي غير ملڪي ناڻي تي ڪنٽرول جي ڪري غير ملڪي ڪمپنين جي لاءِ پنهنجون رقمون واپس وٺڻ ۽ ضروري ادائگيون ڪرڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي. اياٽا ڌيان ڇڪائيندي چيو آهي ته ان جي ايئرلائينز جا پاڪستان ۾ 2022 ۾ ڪيل سيلز جا فنڊ اڃان تائين ڦاٿل آهن. اها رقم حاصل ڪرڻ مشڪل ۽ ڊگهو عمل آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايئرلائينز هر دفعي هڪ عدد آڊيٽر جو سرٽيفيڪيٽ پيش ڪرڻ لازمي طور تي مهانگيء َجي ماهانه آڊٽ منجهان گزرڻو پوي ٿو.
پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف جي حڪومت بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف آهي ته جيئن قرض فراهم ڪرڻ جي لاءِ آئي ايم ايف کي آماده ڪري سگهجي ته اها 2019 ۾ طئي ڪيل 6.5 ارب ڊالر جي بيل آئوٽ پروگرام هيٺ نومبر ۾ وڌيڪ هڪ ارب ڊالر جاري ڪري، ليڪن مالياتي اصلاحن تي پيش رفت نه ڏيکارڻ تي ان فنڊ جاري نه ڪيس آهن.
آئي ايم ايف جو فنڊ پاڪستان کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچائڻ جي لاءِ ٻين ملڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ رستو هموار ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جن ۾ چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جهڙا ملڪ شامل آهن، جن قرض ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.
فلپ تقريبن 22 ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ پاڪستان ۾ ايئرلائينز جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي حالتن کي تمام ڏکيون قرار ڏنو آهي. هن وقت لڳ ڀڳ 28 غير ملڪي ايئرلائنون پاڪستان اينديون آهن.
حڪومت اڳ ۾ ئي پريميم مسافرن جي لاءِ ٽڪيٽن تي فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي لڳائي آهي ۽ ان کي وڌائڻ گهري ٿي. ان جي ڪري هوائي سفر مهانگو ٿي ويندو.
پنج سال اڳ اياٽا جي هڪ تحقيق ۾ اهو نتيجو حاصل ڪيو ويو هو ته پاڪستان 2038 تائين هوائي سفر ڪرڻ وارن جو تعداد موجوده هڪ ڪروڙ ڏهه لکن کان وڌي ساليانو ٽي ڪروڙ 50 لک تائين وڃي پهچندو، ۽ اهڙيءَ ريت ملڪ مجموعي قومي پيداوار ۾ 9.3 ارب ڊالر جو حصو وجهندو ۽ تقريبن اٺ لک نيون ملازمتون پيدا ٿينديون.
(وي او اي نيوز)