غيرقانوني طور مڇيءَ جو شڪار ساليانو اربين ڊالرن جي هڪ اھڙي عالمي صنعت آهي جنھن جو منظم ڏوهن سان ويجهو لاڳاپو آهي.
برطانيه جي ’رائل يونائيٽيڊ سروسز انسٽي ٽيوٽ’ جي رپورٽ موجب، ھڪ اھڙي وقت ۾ جڏھن موسمياتي تبديلي سبب دنيا جا سمنڊ گرم ٿي رھيا آھن، اهو غير قانوني واپار سيڪيورٽي لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي ويندو.
رپورٽ موجب مڇيءَ پڪڙڻ جي غير قانوني، غير رپورٽ ٿيل ۽ غير منظم واپار جو مُلھ ساليانو 36.4 ارب ڊالر تائين آهي، ۽ اھو عالمي سطح تي رپورٽ ٿيندڙ 33 سيڪڙو ڪيسن جي نمائندگي ڪري ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني شڪار جي ڪري مقامي ساحلي علائقن جي مھاڻن جو روزگار خراب ٿيندو.
رائل يونائيٽيڊ سروس انسٽي ٽيوٽ جي لارن ينگ جو چوڻ آهي ته جيئن ئي مقامي مهاڻن جي روزگار تي اثر پوڻ شروع ٿيندو، تيئن ئي هو مڇي مارڻ جي ڏوهارين وارا طريقا اختيار ڪري سگهن ٿا، يا ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا.
ينگ چيو ته منشيات، انساني اسمگلنگ ۽ مزورن سان ڏاڍايون ڪندڙ گروھن جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ھوندو آهي.
ڪيترن ئي غريب ملڪن وٽ پنهنجن پاڻيءَ جي وسيلن جي نگراني ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي. آفريقا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪجھ حصن ۾ ساحلي برادرين جي ماڻھن جو چوڻ آهي ته چيني جھازن سميت غير ملڪي ٽرالرن مڇي جي آبادين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڪيمرون جي هڪ مڇي مارڻ واري الفريڊ اوجا جو چوڻ هو ته مڇي مارڻ وارين چيني ٻيڙين جي اچڻ کان اڳ ڪو مهاڻو سمنڊ ۾ ويندو هو ته کيس گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن لاءِ سٺو مال ملي ويندو هو، پر اڄڪلهه اسان مهاڻن لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت اچي ويو آهي.
چين ان ڳالهه کي رد ڪري ٿو ته هن جا سامونڊي جهاز غير قانوني طور مڇي مارن ٿا.
آمريڪي ڪوسٽ گارڊ 2021 ۾ چيو ھو ته غير قانوني مڇي ماريندڙ بحري جھاز، سامونڊي قزاقن (ڌاڙيلن) جي ڀيٽ ۾ دنيا جي سمونڊن جي سلامتيءَ لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن.
برطانوي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ چيني سمنڊ جي گرم ٿيڻ سبب مڇي مارڻ جي ھنڌن ۽ سامونڊي حدن وچ ۾ اڳ ئي سخت مقابلو آهي ۽ هاڻ اتي اڪثر ڪري هٿياربند ويڙهه پڻ ٿيڻ لڳي آھي.
لارين ينگ جو چوڻ آهي ته ”ڪيترائي ماڻهو چين جي ’نائن ڊيش لائن’ واري واعدي جو حوالو ڏين ٿا، جيڪا چين جي پاڻمرادو ٺاھيل سامونڊي سرحد آهي، پر موسمياتي تبديليءَ جي ڪري اتي پھرين کان موجود ڇڪتاڻ اڃا به وڌڻ جو امڪان آهي’’.
هن مهيني گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن سامونڊي جيوت جي بچاءُ لاء سمنڊن بابت ھڪ معاھدو ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آھي ته جيئن وسيع ۽ محفوظ سامونڊي علائقا ٺاھي سگھجن.
لارين ينگ جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديليءَ جي حوالي سان اهو هڪ ھاڪاري قدم آهي، جنھن ذريعي اسان دنيا جي سمنڊن جي وڌيڪ حفاظت لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون، اسان کي انهن معاهدن تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪرڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.
رپورٽ جي ليکڪن حڪومتن ۽ گھڻ قومي ادارن کان گُھر ڪئي آھي ته موسمياتي تبديليءَ جي اڳڪٿين جي آڌار تي مڇي مارڻ جي سرگرمين کي منهن ڏيڻ لاءِ، جهازن جي نگراني جي صلاحيت ۾ واڌاري لاءِ، وسيع ڏوھن جي نيٽ ورڪ ۾ غير قانوني مڇي مارڻ واري صنعت جي ڪردار کي تسليم ڪندي قانون جي نفاذ کي سخت ڪيو وڃي.
(وي او اي نيوز)