آمريڪي رياست الي نوائي جي گورنر هڪ قانون تي صحي ڪئي آھي جنهن موجب ملازم ھاڻي آفيس مان موڪل ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪارڻ ڄاڻائي سگهن ٿا.
الي نوائي آمريڪا جي ٽئين رياست آهي جتي ملازمن کي هاڻي آفيس مان موڪل وٺڻ جو جواز گھڙڻ يا حيلو بھانو ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
خبرن جي اداري ’ايسوسي ايٽڊ پريس‘ موجب الي نوائي ۾ آفيسن جا مالڪ هاڻي ڪم جي شيڊول مطابق ئي ساليانيون موڪلون ڏيندا، ۽ ان لاءِ ملازمن کي فقط ضابطي موجب نوٽيس ڏيڻو پوندو.
نئين قانون تحت ملازمن کي موڪل جي نوعيت ۽ ان جي تفصيل ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي. ان کان اڳ آمريڪي رياستن مئين ۽ نيواڊا ۾ ملازمن کي موڪلون پنھنجي مرضيءَ سان گزارڻ جي اجازت هئي.
آمريڪا جي گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن ڊي سي سميت 14 رياستن ۾ جيتوڻيڪ ضابطا ۽ قانون ملازمن کي صحت سان لاڳاپيل موڪلون ڏيندا آهن، پر اهي موڪلون رڳو بيماريءَ جي صورت ۾ استعمال ٿي سگهن ٿيون.
الي نوائي جي گورنر جي بي پرٽزڪر سومر تي شڪاگو شهر ۾ نئين قانون تي صحي ڪندي چيو ته هو هڪ اھڙي رياست قائم ڪرڻ چاهي ٿو جتي خاندان ۽ ڪاروبار وڌن ويجھن، ترقي ڪن ۽ ماڻهن کي سٺن پگھارن واريون نوڪريون ملن.
نئين قانون تحت ملازمن کي هر 40 ڪلاڪن جي ڪم کانپوءِ هڪ ڪلاڪ جي ’سِڪ ليو‘ (بيماريءَ جي موڪل) جي سھولت ملندي. اها سهولت وڌ ۾ وڌ 40 ڪلاڪن تائين هوندي جڏهن ته مالڪ وڌيڪ موڪلون پڻ ڏئي سگهن ٿا.
ملازم 90 ڪلاڪن جي ڪم کان پوءِ ان موڪل جا حقدار هوندا، جڏهن ته ان قانون ۾ مالڪن کي خاص مدي لاءِ رکيل ملازمن جي معاملي ۾ ڇوٽ مليل آھي.
(هن خبر لاءِ مواد ايسوسي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو )