انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستان حڪومت پاران اعلان ڪيل ’فيول سبسڊي‘ سميت ٻين معاملن تي ڪنھن آخري نتيجي تي پهچڻ کانپوءِ ئي اسٽاف سطح جو معاهدو ڪيو ويندو.
پاڪستان ساڍن ڇھن ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي تُرت بحاليءَ جو خواهشمند آهي، پر ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ آئي ايم ايف جي عملدارن وچ ۾ ڳالھين جا ڪيترا ئي دور ھلڻ جي باوجود اڃا تائين اھو پروگرام بحال نه ٿي سگهيو آهي.
پاڪستان لاءِ آئي ايم ايف جي نمائنده ايسٿر پيريز ريوز، وائس آف آمريڪا جي نمائنده ساره زمان کي هڪ سوال جي جواب ۾ اي ميل ذريعي ٻڌايو ته آئي ايم ايف جي جائزه پروگرام جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪافي اڳتي وڌي آهي.
ايسٿر پيريز موجب پاڪستاني حڪومت پاران تازو اعلان ڪيل "سستي پيٽرول جي پروگرام" سميت ڪجهه ٻين معاملن تي اڃا حتمي ڳالھ ٻولھ ٿيڻ باقي آهي، ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کانپوءِ ئي اسٽاف سطح جو معاهدو ڪيو ويندو.
پاڪستان حڪومت پاران تازو ئي عوام کي سستو پيٽرول ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان پروگرام ۾ حڪومت موجب اميرن کان پيٽرول تي واڌو قيمت وصول ڪري غريبن کي سستو پيٽرول ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ويندي. حڪومت جو چوڻ آھي ته ان اسڪيم تي سرڪار پاران ڪابه سبسڊي نه ڏني ويندي.
"سستو پيٽرول پروگرام" پيش ڪندي پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ دعويٰ ڪئي ته اميرن کي پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 100 رپيا وڌيڪ ڏيڻا پوندا، جڏهن ته موٽرسائيڪل ۽ 800 سي سي تائين گاڏيون رکندڙن کي پيٽرول 100 رپيا سستو ڏنو ويندو.
پاڪستان حڪومت جي اها اسڪيم ڪيئن ۽ ڪڏهن لاڳو ٿيڻي هئي، اڃا انهن معاملن تي غور ۽ ويچار ھلي رهيو هو ته مٿان آئي ايم ايف اِن پروگرام تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو.
آئي ايم ايف ماضي ۾ به حڪومت کي پيٽروليم وارين شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڀريندي رهي آهي.
واضع رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت 2019 ۾ آئي ايم ايف سان ساڍا ڇھ ارب ڊالر جي قرض جو معاهدو ڪيو هو، ۽ اقتدار جي آخري مھينن ۾ پي ٽي آئي حڪومت پيٽروليم جي شين تي وڏي سبسڊي پڻ ڏني ھئي، جنهن سان قومي خزاني کي ماهوار 120 ارب رپين جو نقصان ٿيندو ھو.
ان کان پوءِ هاڻوڪي حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي ختم ڪرڻ کان پوءِ، آئي ايم ايف سان ڳالهيون اڳتي وڌيون آهن. انهن ئي سببن جي ڪري آئي ايم ايف جو قرض پروگرام ڪيترن ئي مهينن تائين معطل رهيو هو.