تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقويءَ کي پي ٽي آئي جي حڪومت جي خاتمي جو اهم ڪردار قرار ڏيندي سندس تقرريءَ جي خلاف صوبي ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
عمران خان الزام لڳايو ته پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ سڀ کان اهم ڪردار محسن نقويءَ جو هو.
تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي ورچوئل خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ’’محسن نقوي پي ٽي آئي جو دشمن آهي. هن نيب کان ’پلي بارگين’ ڪري پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا’’.
هن الزام مڙهيو ته محسن نقوي هاڻي انهن ماڻهن ۽ ڪامورن کي آڻيندو جيڪي پي ٽي آئي جا مخالف هوندا. پولنگ اسٽيشنن ۾ اهڙو اسٽاف لڳايو ويندو جن جي مدد سان تحريڪ انصاف کي هارايو وڃي. هو اهڙو اٽالو آڻيندو جنهن سان پي ٽي آئي کي ڪاميابي نه ملي.
عمران خان چيو ته آصف زرداري محسن نقويءَ کي پنهنجو ٻيو پٽ قرار ڏيندو آهي ۽ زرداريءَ جي بدعنوانيءَ کان سڀئي واقف آهن.
واضح رهي ته پنجاب ۾ اسمبلي ٽوڙڻ کان پوءِ قاعدي مطابق ويندڙ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ نگران وڏي وزير جي نالن تي اتفاق رائي نه ٿيڻ کان پوءِ آچر ڏينهن اليڪشن ڪميشن محسن نقويءَ کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو هو.
عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تي الزام لڳايو ته هاڻي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ڪنٽرولڊ اليڪشن ڪرايا وڃن.
پي ٽي آئي جي سربراه چيو ته تحريڪ انصاف مختلف شهرن ۾ احتجاج شروع ڪري رهي آهي. محسن نقويءَ کي بطور وڏي وزير جي تسليم نه ڪيو ويندو.
هن عدالت وڃڻ جو به اعلان ڪيو.