پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي اڄ ڪلهه پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي بيانن جو پڙلاءُ پري پري تائين ٻڌو پيو وڃي. ٻنهين جي پاران اهي بيان اهڙي وقت تي سامهون آيا آهن جڏهن پاڪستان جي اڳوڻي سپه سالار جنرل (رٽائيرڊ) قمر جاويد باجوه کي پنهنجي عهدي تان هٽئي اڃان پنج ڏينهن مس ٿيا آهن.
گزريل ڪجهه ڏينهن کان جڏهن عمران خان اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي متعلق ڪو بيان ڏيندو آهي ته پرويز الاهي ان جي ابتڙ بيان ڏئي ڇڏيندو آهي. سياسي حلقن ۾ اها ڳالهه بحث جو موضوع بڻيل آهي ته پرويز الاهي ائين ڇو ڪري رهيو آهي. ڇا اها سندس حڪمت عملي آهي يا هو ڪنهن جي چوڻ تي اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي.
خيال رهي ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو هو ته قمر جاويد باجوه ڊبل گيم کيڏي، جڏهن ته چوڌري پرويز الاهيءَ اهڙي تاثر جي نفي ڪئي آهي.
سياسي مبصر سمجهن ٿا ته پرويز الاهيءَ جا بيان پنهنجي جماعت جي اهميت ۽ پنهنجو سياسي قد وڌائڻ جي لاءِ آهن، هو چاهي ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) وڏي سياسي قدڪاٺ سان نروار ٿئي.
پرويز الاهي اسيمبلي تحليل نه ڪندو
سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار سلمان غني چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي ڪڏهن به پنجاب اسيمبلي تحليل نه ڪندو. هي هڪ سياسي خاندان آهي. اهڙا ماڻهو ان ٻيڙيءَ کي غرق نه ڪندا آهن جنهن ۾ هو پاڻ سوار آهن. اهڙا ئي ڪجهه ماڻهو عمران خان جي جماعت جي اندر به موجود آهن.
سندس مطابق، اهڙا ماڻهو هيءَ رائي رکن ٿا ته جيڪڏهن اسيمبليون تحليل ڪيون وينديون ۽ انهن تي چونڊون به نه ٿيون ته هو ڪيڏانهن ويندا.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هنن چيو ته چوڌري پرويز الاهي طاقت ور حلقن جو طاقت ور اميدوار آهي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه ئي وڏو وزير ٺاهيو، ۽ پرويز الاهي پاڻ به اها ڳالهه ٻڌائي چڪو آهي.
هن چيو ته چار ڏينهن اڳ چوڌري پرويز الاهيءَ جي اسلام آباد ۾ هڪ خاص ملاقات ٿي جنهن کان پوءِ هن ۽ مونس الاهيءَ انٽرويو ڏنا آهن.
سندس بقول ق ليگ جي ذمي دار شخصن مطابق پرويز الاهي عمران خان کي اهو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن هن اٺن مهينن جي لاءِ وڏي وزير جو عهدو ڇڏڻو آهي ته ايندڙ چونڊن جي لاءِ کيس ٻيهر پنجاب جي وڏي وزير جي ضمانت ڏني وڃي، جيڪا عمران خان ڪڏهن به نه ڏيندو.
پرويز الاهي هواءِ جو رخ ڏسندو آهي
سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار افتخار احمد مطابق، پرويز الاهي سياسي شخص آهي ۽ پاڻ کي صورت حال مطابق خبرن ۾ زنده رکندو آهي. انهن کي جيڪو مناسب لڳندو آهي هو اها ئي ڳالهه ڪندا آهن.
موجوده صورت حال ۾ کيس ان کان وڏو عهدو نه ٿو ملي سگهي.
هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي هوا جو رخ ڏسي پنهنجي سياست جو رخ مقرر ڪندو آهي.
ق ليگ ۽ ن ليگ ويجهو اچي سگهن ٿيون
پنجاب جي سياسي صورت حال متعلق ڳالهائيندي، سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار سلمان غني چيو ته جيڪڏهن عمران خان پاڻ ڪو وڏو فيصلو ڪندو ته پرويز الاهي ن ليگ جي ڪيمپ ۾ وڃي سگهي ٿو.
سندس رائي ۾ چوڌري پرويز الاهي ايندڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آئي کان 25 سيٽون گهري رهيو آهي جڏهن ته موجوده اسيمبليءَ ۾ سندس چونڊيل ميمبرن جو تعداد اٺ آهي.
(ضيا الرحمان جي رپورٽ)