رسائی کے لنکس

عمران خان جو جمعي کان ’لانگ مارچ’ شروع ڪرڻ جو اعلان


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي مخالف ڌر جي جماعت، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي سربراه ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي جي لاءِ جمعي ڏينهن لاهور کان اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندو.

هن اهو اعلان اڱاري جي رات لاهور ۾ پارٽي رهنمائن سان گڏجي ڪيو. هن چيو ته جمعي ڏينهن صبح جو يارهين بجي لبرٽي چوڪ کان لانگ مارچ شروع ٿيندو ۽ جي ٽي روڊ کان عوام کي ساڻ وٺي هو اسلام آباد پهچندو.

عمران خان چيو ته سندس احتجاج پرامن هوندو ۽ هو اسلام آباد ۾ ڪا لڙائي وڙهڻ نه ٿو وڃي. هن چيو ته اسان جا ورڪر انتشار نه ڦهلائيندا ۽ ڪنهن انتشار ڪيو ته اها حڪومت ئي هوندي.

تازو عمران خان ڪيترا ئي ڀيرا اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اشارو ڏيندو رهيو آهي ۽ عوامي جلسن ۾ ڪارڪنن کي ان حوالي سان تيار رهڻ جو به چوندو رهيو آهي.

هلندڙ مهيني جي آغاز تي وائس آف آمريڪا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پي ٽي آئي جي مرڪزي رهنما بابر اعوان چيو هو ته لانگ مارچ ۾’’دير ڪانهي. اليڪشن جي لاءِ آخري احتجاج، آخري جلسو يا آخري ڌرنو، ان جو فيصلو عمران خان جلد ڪندو’’.

ٻئي پاسي، منصوبه بنديءَ جي وفاقي وزير، احسن اقبال عمران خان جي لانگ مارچ جي اعلان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو هو ته عمران خان ’’توشا خانه ۽ فارين فنڊنگ ڪيس کان ’اين آر او’ وٺڻ لاءِ لانگ مارچ ڪري رهيو آهي’’.

ان کان اڳ پي ٽي آئي ۽ حڪومت جي وچ ۾ انتخابات جي مطالبي تي مذاڪرات جون خبرون به اينديون رهيون هيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملاقات به ٿي هئي.

عمران خان جي پاران لانگ مارچ جو اعلان اهڙي وقت ڪيو ويو آهي جڏهن بظاهر سندس حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ سان پردي جي پٺيان ٿيڻ وارا مذاڪرات ناڪام ٿي ويا آهن.

اپريل ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ عمران خان تڪڙيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي ۽ ان حوالي سان هو وقتا فوقتا حڪومت کان سواءِ اسٽيبلشمنٽ کي به نشانو بڻائيندو رهيو آهي.

عمران خان چيو آهي ته لانگ مارچ سياست کان مٿاهين شئي آهي، هي مارچ فيصلو ڪندو ته پاڪستان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي. هن چيو ته سندس ’هينڊلرز’ سمجهن ٿا ته اسان رڍون ٻڪريون آهيون جڏهن ته هي اسان جي حقيقي آزاديءَ جو مارچ آهي.

خيال رهي ته حڪومت عمران خان جي ممڪنه لانگ مارچ کي سامهون رکندي اسلام آباد جي اندروني رستن تي پهريان ئي ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا آهن. ڊڄ ان ڳالهه جو آهي ته پي ٽي آئي جي لانگ مارچ کي ڏسندي حڪومت وفاقي گاديءَ واري هنڌ جي داخلي رستن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪري ڇڏيندي.

حڪومت لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي پوليس جي واڌو نفري به سڏائي ورتي آهي جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختون خوا وفاق جي مطالبي تي قانون نافذ ڪرڻ وارن اهل ڪارن جي نفري اسلام آباد موڪلڻ کان انڪار ڪيو هو.

ان کان اڳ عمران خان 25 مئي تي خيبر پختون خوا کان اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو هو جنهن کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪنٽينر لڳائي رستا بند ڪري ڇڏيا هيا.

حڪومت جي پاران پي ٽي آئي ڪارڪنن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ لاٺي چارج به ڪيو ويو هو.

عمران خان جمعي ڏينهن لانگ مارچ جو اعلان ڪندي، پنهنجي 25 مئي جي لانگ مارچ جو به حوالو ڏنو. هن چيو ته 25 مئي تي اسان جي پرامن احتجاج تي تشدد ڪيو ويو ۽ هن صرف ملڪ جي خاطر ان لانگ مارچ کي ’ڪال آف’ ڪيو هو.

پي ٽي آئي جي سربراه چيو ته اسلام آباد پهچي هو فيصلو ڪندو ته جلسو اتي ڪيو ويندو جتي عدالت اجازت ڏيندي. عمران خان چيو ته سياست ۾ مذاڪرات جو رستو بند نه ٿيندو آهي ۽ سندس جماعت پنهنجي مطالبن تي پردي پٺيان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي.

XS
SM
MD
LG