پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي معاملي تي مسلم ليگ (ق) اسان سان گڏ آهي.
لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي پارليماني پارٽيءَ جي اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي اڳوڻي وزير اعظم چيو ته سندس چوڌري پرويز الاهيءَ سان ملاقات ٿي آهي.
عمران خان چيو ته چوڌري پرويز الاهيءَ کيس يقين ڏياريو آهي ته هو اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي هن جي فيصلي تي فوري عمل درآمد ڪندو.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته ميڊيا ۾ اچي رهيو آهي ته مسلم ليگ (ق) مڃي ويندي يا نه، ته مان اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته اها اسان سان گڏ آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر هن چيو ته اسان سان گڏ وهو ۽ عام چونڊن جي تاريخ ڏيو نه ته اسيمبليون تحليل ڪري ڇڏينداسين.
جيڪڏهن گڏ وهنداسين ته ڪو نه ڪو حل نڪري ايندو، رانا ثنا الله
اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي طرفان مذاڪرات جي مشروط پيش ڪش جي جواب ۾ داخله جي وفاقي وزير رانا ثنا الله چيو ته جيڪڏهن هو ملي وهندا ته ڪو نه ڪو حل نڪري ايندو.
هڪ بيان ۾ رانا ثنا الله چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) هميشه ئي مذاڪرات جي حمايت ڪندي رهي آهي.
رانا ثنا الله چيو ته اتحادين سان صلاح ڪرڻ کان سواءِ عمران خان جي مذاڪرات جي پيش ڪش تي في الحال ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.
پنجاب اسيمبليءَ کي تحليل ڪرڻ جي معاملي تي پي ٽي آئي جو اجلاس
پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي، پنجاب جي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي معاملي تي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) ۽ اپوزيشن جماعتن پنهنجا الڳ الڳ اجلاس سڏايا آهن.
پي ٽي آئي اڄ وڏي وزير جي رهائش گاه تي پارليماني پارٽيءَ جو اجلاس سڏايو آهي جنهن جي لاءِ پي ٽي آئي جي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي لاهور پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ اسيمبلين جي تحليل جي معاملي تي پي ٽي آئي جي مرڪزي رهنمائن ۽ پنجاب جي رهنمائن تي مشتمل ڪاميٽيءَ تجويز ڏني هئي ته 20 ڊسمبر تائين اسيمبليون تحليل ڪيون وڃن. ليڪن پنجاب سان تعلق رکڻ وارن ڪن اراڪين اها تجويز ڏني هئي ته اسيمبلين تان اسعيفائن جو معاملو 20 ڊسمبر تائين پوئتي ڪري ڇڏجي.
لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جو اجلاس سڏايو ويو
ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) به پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ اڄ اجلاس سڏايو آهي.
ابلاغ جي مقامي ذريعن جي مطابق، وزير اعظم شهباز شريف ماڊل ٽائون لاهور ۾ پارٽيءَ جي رهنمائن جو اجلاس سڏايو آهي جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي صورت حال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
وزير اعظم شهباز شريف اڄ خصوصي جهاز جي ذريعي لاهور پهتو آهي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز، داخله جو وفاقي وزير رانا ثنا الله، خواجا سعد رفيق ۽ قانون جي وفاقي وزير نذير تارڙ سميت پارٽيءَ جا ٻئي به رهنما شريڪ ٿيندا.
آمريڪا ۾ پاڪستان جو اڳوڻو سفير اسد مجيد سيڪريٽري خارجه مقرر
پاڪستان حڪومت آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد کي پرڏيهي ناتن جي وزارت جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي.
اسد مجيد اڄ ڪلهه بيلجيم ۾ پاڪستان جو سفير آهي.
اسد مجيد هلندڙ سال مارچ ۾ ان وقت خبرن ۾ آيو جڏهن اڳوڻي وزير اعظم عمران خان دعوا ڪئي ته آمريڪي سفارت ڪار ڊونلڊ لو اسد مجيد کي پيغام ڏنو هو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ عمران خان جي حڪومت برقرار رهي ته پاڪستان جي لاءِ مشڪلات اينديون.
انهيءَ بنياد تي عمران خان چيو هو ته آمريڪا سندس حڪومت هٽائڻ جي لاءِ سازش ڪئي هئي. ليڪن پاڪستان جي قومي سلامتي ڪائونسل چيو هو ته عمران خان حڪومت هٽائڻ لاءِ ڪنهن غير ملڪي سازش جا ثبوت نه مليا آهن.