پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي اڳواڻ ۽ سابق وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ’’هن وقت پي ڊي ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ ئي پاسي بيٺل آهن ۽ هاڻي به جنرل باجوه جي پاليسي هلي رهي آهي’’.
لاهور ۾ ’وائس آف آمريڪا’ جي نمائندي، ضياالرحمان کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ عمران خان چيو آهي ته جنرل باجوه هاڻي پاڻ تسليم ڪري رهيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هن ئي ڪيرائي. ان ڪري، فوج ۾ سندس خلاف انڪوائري ٿيڻ کپي.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جيڪڏهن حڪومت کيس گرفتار ڪندي ته کيس جي لاءِ ڪو فرق نه ٿو پوي، ڇو ته کيس تي قاتلانه حملو ٿي چڪو آهي جنهن کان پوءِ هن کي ٻي حياتي ملي آهي. ليڪن، سندس گرفتاريءَ تي جيڪو رد عمل ايندو، ان کي ڪو به سنڀالي نه سگهندو.
عمران خان چيو ته حڪومت گهري ٿي ته مون کي نااهل ڪرائي جيل ۾ وڌو وڃي، ڇو ته اهي سڀئي ڊنل آهن ته جڏهن به چونڊون ٿيون ته اهي هارجي ويندا.
’جنرل باجوه جي خلاف فوج پاران انڪوائري ٿيڻ کپي’
هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته جنرل باجوه هاڻي پاڻ تسليم ڪري رهيو آهي ته پي ٽي آئي جي حڪومت هن ئي ڪيرائي. هو پاڻ اهو اعتراف ڪري رهيو آهي ته ’رجيم چينج’ آپريشن هن ڪرايو.
عمران خان چيو ته ’’هن (جنرل باجوه) تي فوج جي اندر انڪوائري ٿيڻ گهرجي ته هن جيڪي تڪبرانه ڳالهيون ڪيون، جيئن ته هو معيشت جو ڪو وڏو ماهر هجي، ته مون اهو فيصلو ڪيو. ان ڪري فوج جي اندر ان تي انڪوائري ٿيڻ کپي’’.
اڳوڻي وزير اعظم ڪابينا اجلاس ۾ سعودي ولي عهد متعلق نا مناسب زبان استعمال ڪرڻ جي الزام جي به ترديد ڪندي ان کي ’’ڪوڙ’’ قرار ڏنو.
خيال رهي ته ڪالم نويس جاويد چوڌريءَ خميص ڏينهن اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات جو تفصيل بيان ڪيو هو. جاويد چوڌريءَ جي ڪالم مطابق جنرل باجوه کيس ٻڌايو ته عمران خان جي حڪومت ملڪ جي لاءِ خطرناڪ هئي ۽ معيشت تنزليءَ ڏانهن وڃي رهي هئي.
ڪالم ۾ اهو به چيو ويو هو ته جنرل باجوه اهو ٻه ٻڌايو ته عمران خان ڪابينا اجلاس جي دوران سعودي ولد عهد بن سلمان جي خلاف پنجابيءَ ۾ ڪجهه نامناسب لفظ استعمال ڪيا هيا، جنهن جو تذڪرو سندس ڪابينا جي هڪ وزير سعودي سفير سان ڪيو هو.
عمران خان چيو ته ’’ائين ٿو لڳي ته جنرل باجوه هاڻي صفائي پيش ڪري رهيو آهي. ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هن سازش ڪري عمران خان جي حڪومت کي ڪيرايو، ۽ اهو فيصلو ٺيڪ هيو. اهو هڪ وڏو سوال آهي ته هڪ آرمي چيف وٽ ايڏي طاقت هئڻ کپي ته هو هڪ منتخب حڪومت کي ختم ڪري سگهي.
’پارليماني نظام ۾ اصلاحات ڪرڻ مشڪل هوندو آهي’
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته هن وقت سندس سوچ اها ناهي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام هجي، ليڪن پارليماني نظام ۾ جڏهن ڪا اصلاح ڪرڻ جي ضرورت هجي ته ائين ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.
سندس بقول، جيسيتائين پارليامنيٽ ۾ واضح اڪثريت به هجي تيسيتائين اصلاحات ڪرڻ مشڪل معاملو هوندو آهي.
’لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اليڪشن ٿي ويندا’
عمران خان چيو آهي ته جنهن قسم جون خبرون اچن ٿيون، لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته سموري ملڪ ۾ به اليڪشن ٿي وينديون. پر هنن حالتن ۾ جنهن قسم جو نگران سيٽ اپ آيو آهي ۽ جانب دار حڪومتون آهن، اهڙي وقت اليڪشن تي ٿي سگهن ٿا پر شفاف اليڪشن نه ٿا ٿي سگهن.
اڳوڻي وزير اعظم هڪ دفعو ٻيهر ٻن صوبن جي اسيمبلين کي ٽوڙڻ جي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته سندس اها پاليسي ڪامياب رهي آهي.
’تازي دهشت گرديءَ تي مون کي ڏوهي قرار ڏيڻ بي بنياد آهي’
سابق وزير اعظم چيو آهي ته تازي دهشت گرديءَ جو کيس ذمي دار قرار ڏيڻ بي بنياد الزام آهي.
هن چيو ته 2021 ۾ هن جنرل باجوه کي چتاءُ ڏنو هو ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسيءَ جو اثر پاڪستان تي پوندو. ان ڪري اسان کي تياري ڪرڻ کپي. ليڪن اسان بچي ويا سين ڇو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ خانه جنگي ٿي ته پاڪستان تي ان جو گهڻو اثر پوي ها.
’جيل وڃڻ جو ڪو ڊڄ ڪونهي’
جيل ڀريو تحريڪ ۽ پاڻ جيل وڃڻ جي سوال تي عمران خان چيو ته هو جيل وڃڻ کان نه ٿو ڊڄي، ڇو ته کيس تي اڳ ۾ ئي قاتلانه حملو ٿي چڪو آهي ۽ هو نئين زندگي گزاري رهيو آهي.
عمران خان چيو ته اصلي سوال هي آهي ته ’’ڇا هي مون کي جيل ۾ وجهي ان کان پوءِ اچڻ واري رد عمل جو مقابلو ڪري سگهندا’’؟