رسائی کے لنکس

عمران خان جو صدر علويءَ جي نالي خط، ’اسٽيبلشمنٽ جي سياست ۾ مداخلت جو نوٽيس ورتو وڃي’


صدر عارف علوي (فائيل فوٽو)
صدر عارف علوي (فائيل فوٽو)

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي چئيرمين عمران خان پاڪستان فوج جي سپريم ڪمانڊر ۽ مملڪت جي صدر عارف علويءَ کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ انٽيلي جينس ايجنسين ۽ اسٽيبلشمنٽ جي سياست ۾ ڪردار جو الزام عائد ڪندي ان جو نوٽيس وٺڻ ۽ موثر قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي طرفان لکيل خط ۾ پي ٽي آئي جي ڪور ڪاميٽيءَ جي قرارداد به شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ننڍن مقدمن ۾ گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن تي حراست دوران، مبينه طور تي، تشدد به ڪيو پيو وڃي.

سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار حامد مير چيو آهي ته اهي ئي الزام عمران خان تي لڳايا ويندا هيا ته هو ايجنسين کي پنهنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ساڳيا الزام موجوده حڪومت تي به لڳايا پيا وڃن.

عمران خان جي پاران مملڪت جي صدر کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آئي جي ڪور ڪاميٽي ۽ پارليماني پارٽيءَ جو گڏيل اجلاس 29 جنوريءَ تي منعقد ٿيو، جنهن ۾ متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي وئي هئي جنهن ۾ توهان کان بطور سپريم ڪمانڊر پاڪستان فوج، خفيه ايجنسين ۽ اسٽيبلشمنٽ جي سياست ۾ ڪردار جو نوٽيس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته گورنر خيبرپختونخوا جو 27 جنوريءَ جو بيان ان حوالي سان اهم مثال آهي جنهن ۾ هن اهو چيو ته صوبائي اسيمبلين جي چونڊ جي تاريخ هو پاڻ طئي نه ٿو ڪري سگهي. اهو ڪم انٽيلي جينس ايجنسين ۽ اسٽيبلشمنٽ جو آهي.

پي ٽي آئي جي قرارداد ۾ مملڪت جي صدر جو ڌيان مبنيه طور تي اغوا ۽، سندس بقول، ننڍن پرچن جي اندراج ڏانهن ڇڪرايو ويو آهي. قرارداد ۾ پي ٽي آئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي مبينه ڌمڪيون ڏيڻ ۽ انهن تي حراست دوران مبينه تشدد جو معاملو به اٿاريو ويو آهي. ان قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون جي انحراف ۽ بنيادي حقن جي خلاف ورزين جي تدارڪ جي لاءِ قدم کنئيا وڃن.

ان قراردار ۽ خط سان گڏ خيبرپختونخوا جي گورنر سان گفتگوءَ جو نقل پي ٽي آئي جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر جي پاران موڪليو ويو آهي.

اليڪشن جي تاريخ جو معاملو بدستور حل طلب

ٻئي پاسي ٻنهين صوبن پنجاب ء۽ خيبرپختونخوا ۾ اليڪشن جي تاريخ جي حوالي سان معاملو هينئر تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. خيبرپختونخوا جي گورنر غلام عليءَ جو اربع ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ملي چڪو آهي جنهن ۾ هن چيف اليڪشن ڪمشنر کي چيو آهي ته صوبي ۾ اليڪشن جي تاريخ پاڻ اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪري. ان حوالي سان قانون نافذ ڪرڻ واران ادارن سان صلاح ڪئي وڃي.

هوڏانهن پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان جي اليڪشن ڪميشن جي نالي سوشل ميڊيا تي وائرل خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ جي لاءِ وڏي وزير مشوري تي صحي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي مان اسيمبلي ٽوڙي آهي. ان ڪري اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ سندس ڪم ناهي بلڪه اهو ڪم اليڪشن ڪميشن پاڻ ڪري.

(عاصم علي رانا جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG