حڪومت وڃڻ کان پوءِ، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي سربراه ۽ اڳوڻي وزير اعظم، عمران خان پنهنجن سياسي جلسن، جلوسن ۽ بيانن ۾ حڪومت سان گڏ مسلسل اسٽيبلشمنٽ کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيو آهي.
گزريل آچر ڏينهن هڪ ڀيرو وري راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسٽيبلشمنٽ ئي سندس جماعت جي خلاف ڪريڪ ڊائون جي ذميدار آهي. هن اسٽيبلشمنٽ جي طرف اشارو ڪندي سوال ڪيو ته ڇا نيوٽرلز واقعي نيوٽرل آهن؟
اڳوڻي وزير اعظم جي بيان تي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا عمران خان مستقل اسٽيبلشمنٽ مخالف بيان جو انداز اپنائي چڪو آهي ۽ پنهنجي ان بيانئي مان هوآخر ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو؟
حڪومتي حلقا عمران خان پاران ادارن تي تنقيد کي بلاجواز قرار ڏين ٿا ۽ ان عمل جي سختيءَ سان مخالفت ڪري رهيا آهن.
پنهنجيءَ رپورٽ ۾ فرقان عليءَ چيو آهي ته ڪجهه مبصرن مطابق، هاڻي تائين عمران خان جي اسٽيبلشمنٽ مخالف بيان بازي ڪارگر رهي آهي ۽ پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جي نتيجي ۾ هن لاءِ حڪومت قائم ڪرڻ ممڪن ٿي.
نئون نسل نه ٿو چاهي ته اسٽيبلشمنٽ جو سياست ۾ ڪو ڪردار هجي
تجزيه ڪار ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته عمران خان پنهنجي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ اسٽيبلشمنٽ جي خلاف بيان بازي اختيار ڪئي. ڏکڻ پنجاب جهڙن علائقن ۾ جتي سياسي طور تي روايتي سياست دان جو ئي عمل دخل هوندو آهي اتي عمران خان ڪافي شهرت جو مالڪ آهي ۽ اليڪشن کٽي رهيو آهي. هن چيو ته انهيءَ جي ڪري ئي عوام جو مزاج اسٽيبلشمنٽ جي خلاف آهي. پاڪستان جو نئون نسل نه ٿو چاهي ته اسٽيبلشمنٽ جو سياست ۾ڪو ڪردار هجي.
ڊاڪٽر عائشه صديقه جي لفظن ۾ عمران خان پنهنجي بيانئي سان فوج جي سياسي ڪردار کي اجاگر ڪري ان کان سياسي طاقت حاصل ڪري رهيو آهي.
مسلم ليگ (ن) جي سربراه ۽ اڳوڻي وزير اعظم جو نالو وٺي هن چيو ته نواز شريف هڪ ڀيرو اسٽيبلشمنٽ جي خلاف سڌي سئين ڳالهه ڪئي پر پوءِ خاموش ٿي ويو. اهڙيءَ طرح پيپلز پارٽيءَ ڪافي ڏکيائيون سٺيون. هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته پي ٽي آئي اسٽيبلشمنٽ جي طرفان ايندڙ رد عمل کي ڪيترو برداشت ڪري سگهي ٿي.
صورت حال حڪومت جي قابوءَ ۾ اچڻ بجائي وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي
تجزيه ڪار۽ پاڪستاني فوج جي سابق ليفٽيننٽ جنرل، امجد شعيب چيو آهي ته حڪومت کي اها اميد نه هئي ته عمران خان اقتدار مان نڪرندو ته سندس شهرت ايتري حد تائين وڌي ويندي. حڪومت عمران خان جي مقبوليت کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ڇوته ان جو نه انهن کي اندازو هو ۽ نه ئي ڪا منصوبه بندي.
امجد شعيب چيو ته حڪومت پنهنجي بچاءَ لاءِ هر ڪو قدم کڻي رهي آهي، جنهن جي ڪري حالات خراب ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن حڪومت عوام جي خواهشن جي خلاف ويندي ته وڳوڙ وڌي ويندو. حڪومت چونڊن کان بچڻ لاءَ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر صورت حال انهن جي قابوءَ ۾ اچڻ جي جاءِ تي وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.
عمران خان فوج جي سربراه ۽ ادارن جي وچ ۾دوري پيدا ڪري رهيو آهي
دفاعي معاملن جي تجزيه ڪار، اعجاز حيدر چيو آهي ته عمران خان فوج تي دٻاءَ جي حڪمت عملي اپنائي آهي، مگر هو فوج جي بحيثيت هڪ اداري جي سڌي سئين تنقيد ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو.
مثال ڏيندي، هن چيو ته رٽائرڊ فوجي آفيسر اعلانيه طور تي عمران خان جي حق ۾ ڳالهائي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح پنجاب ۾ صوبائي اسمبلي جي ڪيترين ئي سيٽن تي ضمني چونڊن ۽ ڪراچيءَ جي اين اي 245 جي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ عمران خان سمهجي ٿو ته عوام جو هڪ وڏو حصو ساڻس گڏ آهي.
اعجاز حيدر چيو ته عمران خان هر هر اهو چئي رهيو آهي ته هن سان زيادتي ڪئي وئي ۽ کيس غلط طريقي سان ڪڍيو ويو.
ڇا عمران خان پنهنجي بيانئي کي جاري رکي سگهندو؟
اهو سوال به اٿاريو ٿو وڃي ته پي ٽي آئي جي اسٽيبلشمنٽ مخالف بيانئي کي ايندڙ چونڊن تائين برقرار رکي سگهبو؟ مبصرن جو چوڻ آهي ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف اسٽيبلشمنٽ مخالف جذبات سان گڏ انهي ئي انداز کي کڻي اڳتي هلندو.
عائشه صديقه چيو ته عمران خان جي خلاف مقدما ۽ گرفتاري جي ڪوششن جو مقصد اهو ئي آهي ته کيس اسٽيبلشمنٽ مخالف بيان تان هٽايو وڃي.
ڊاڪٽر عائشه صديقه جي بقول جيڪڏهن عمران خان گرفتار ٿي ٿو وڃي ته يقينن پي ٽي آئي پوئتي ڌڪجي ويندي ۽ اهو به خدشو آهي ته تشدد جو الزام لڳائي جماعت تي پابندي لڳائي وڃي.
عمران خان کي اسٽيبلشمنٽ جي اندران حمايت حاصل آهي
اعجاز حيدر چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جو اسٽيبلشمنٽ مخالف بيان بازي ان ڪري اڳتي نه هلي سگهي جو اسٽيبلشمنٽ جي اندران جي حمايت ۽ دلچسپي نه هئي. ليڪن سندس بقول عمران خان جي معاملو مختلف آهي ۽ کيس اسٽيبلشمنٽ جي اندران جي حمايت حاصل آهي.
اعجاز حيدر چيو ته عمران خان پنهنجي ان حڪمت عمليءَ تي اڳتي وڌندو، جيڪڏهن هن کي گرفتار ڪيو ٿو وڃي ته هي بيان بازي ختم ٿي ويندي.
هن چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته اسٽيبلشمنٽ تي دٻاءُ وڌي ۽ حڪومت جي ناڪاميءَ کي ڏسندي انتخابات جي راه هموار ٿئي.
امجد شعيب جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمنٽ هن وقت رد عمل نه ڏنو ته پوءِ اڳتي به رد عمل سامهون نه ايندو.
هن چيو ته عمران خان جو الطاف حسين سان مقابلو ممڪن ڪونهي ڇو ته عمران خان ڪا دهشت گردي جي ڪاروائي نه ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت عمران خان جي خلاف دهشت گرديءَ جي مقدمي تحت ڪاروائي ڪندي ته اهو هڪ مثال ٿي پوندو جنهن سان سڀاڻي کين به تڪليف پهچندي.
عائشه صديقه چيو ته اسٽيبلشمنٽ کي ناراضگيءَ جي ضرورت ناهي بلڪه هائبرڊ نظام حڪومت ۾ مشڪل فيصلن جو بار سياسي حڪومت تي ۽ ڪارڪردگي جو صلو اسٽيبلشمنٽ وٺندي آهي.
عمران خان ڇا ٿو چاهي؟
ماضيءَ ۾ پي ٽي آئي کي گهڻي ڀاڱي اسٽيبلشمنٽ جي پنهنجي جماعت قرار ڏنو پئي ويو آهي، البته هاڻي هو پاڻ ان تاثر کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
ليفٽيننٽ جنرل امجد شعيب چيو ته عمران خان سمجهي ٿو ته هن جي جماعت جي ارڪان جي خلاف ٿيڻ وارو ڪريڪ ڊائون اسٽيبلشمنٽ جي مرضيءَ سان ڪيو ويو.
هن چيو ته پي ٽي آئي جو سربراه چاهي ٿو ته اسٽيبلشمنٽ موجوده حڪومت جي حمايت ترڪ ڪري.
عائشي صديقه چيو ته هن وقت اسٽيبلشمنٽ جي لاءِ سڀ کان وڏو سواليه نشان اهو آهي ته جيڪڏهن عمران خان اسٽيبلشمنٽ مخالف بنانيه جي ڪري واپس اقتدار ۾ اچي ٿو وڃي ته سمورا معاهده ۽ آمريڪا ۽ مغرب سان جيڪي تعلقات سٺي ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن انهن سڀني تي سواليه نشان لڳي ويندو.
سندس مطابق، اسٽيبلشمنٽ عمران خان جي آمريڪا مخالف بيانئي جي حق ۾ ناهي، اها آمريڪا سان تعلقات بهتر ڪرڻ چاهي ٿي.