رسائی کے لنکس

مينهوڳيءَ ۽ سيلاب جي ڪري موهن جي دڙي جي آثار قديما کي نقصان


موهن جو دڙو (فائيل فوٽو)
موهن جو دڙو (فائيل فوٽو)

هن سال گهڻي، تيز ۽ لڳاتار مون سون جي غير معمولي بارشن جي ڪري پاڪستان ۾ سيلابي صورتحال درپيش آهي، موهن جي دڙي جي 4،500 سال قديم آثارن جي مشهور هنڌ کي برساتن جي ڪري خطرو آهي. اها ڳالهه سائيٽ جي عمل دار اڱاري ڏينهن ٻڌائي.

موهن جي دڙي جا کنڊرات سنڌو درياهه جي ڪناري واقع آهن، جيڪو يونيسڪو جي ورثي جو محفوظ مقام آهي، جنهن کي ڏکڻ ايشيا ۾ شهري وسندين جي بهترين تحفظ جو مثال قرار ڏنو ويندو آهي. هتان جي تاريخي کنڊرات کي 1922 ۾ دريافت ڪيو ويو هو ۽ ان تهذيب جو نالو نشان مٽجي وڃڻ تي اڄ ڏينهن تائين ڳجهه جو معاملو چيو ٿو وڃي، جيڪو پراڻي مصر ۽ ميسو پوٽيما جي آثار قديما جي دور سان تعلق رکي ٿو.

سنڌو درياه تار وهي رهيو آهي، جڏهن ته طوفاني بارشن ۽ سيلاب جي ڪري پاڪستان جي وڏي علائقي ۾ تباهي ڦيهلجي چڪي آهي. گهٽ ۾ گهٽ 1343 ماڻهو مري ويا آهن، لکين ماڻهن جا گهر لڙهي ويا آهن. ڪيترن ئي ماهرن مون سون جي غير معمولي بارشن جو ڪارڻ موسمياتي تبديليءَ کي قرار ڏنو آهي.

گڏيل قومن جي اداري جو سربراه، اينٽونيو گتيرس اربع ڏينهن ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ وارو آهي. هو هن ڏکئي وقت ۾ سيلاب متاثرين سان ايڪي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندو. هو بين الاقوامي برادري کي امداي ڪم ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪندو ته جيئن پاڪستانين جي هن ڏکئي وقت ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.

موهن جي دڙي جي سنڀال ڪندڙ عمل دار احسن عباسيءَ ٻڌايو ته اڳ ۾ ئي گتيرس چئي چڪو آهي ته تمام گهڻي مينهوڳيءَ ۽ ٻوڏ جي صورت حال جو سبب موسمياتي تبديلي آهي جنهن جي ڪري زمين جي سياري تي تباهي ڦهلجي رهي آهي. گڏيل قومن جي اداري جي سربراه خبردار ڪيو آهي ته اڄ پاڪستان سڀاڻي ڪنهن ٻئي جو وارو ٿي سگهي ٿو.

منڇر ڍنڍ جي شهر جا ٻار
منڇر ڍنڍ جي شهر جا ٻار

احسن عباسيءَ چيو ته ٻوڏ براه راست موهن جي دڙي کي نقصان نه پهچايو آهي، پر رڪارڊ توڙ برساتن پوڻ جي ڪري هن قديم شهر جي آثارن کي نقصان پهتو آهي.

هن ايسو سي ايٽڊ پريس کي ٻڌايو ته ڪيتريون ئي وڏيون ڀتيون جن کي لڳ ڀڳ 5000 سال اڳ کڙو ڪيو ويو هو، تن کي مون سون جي برساتن نقصان پهچايو آهي.

احسن عباسيءَ چيو ته آثار قديما جي ماهرن جي نگرانيءَ ۾ ڪيترا ئي اڏاوت جا ڪارڪن تعمير جي ڪم ۾ جمبي ويا آهن. هن موهن جي دڙي جي مرمت جي ڪم تي ٿيندڙَ خرچ جي اندازي جي باري ۾ نه ٻڌايو.

ٻڌمت جواسٽوپا موهن جي دڙي جو امتيازي نشان آهي، جيڪو پوڄا، مراقبي ۽ تدفين سان متعلق اهڃاڻ آهي، صحيح سلامت آهي. ليڪن تيز ۽ لڳاتار بارشن جي ڪري ٻاهرين ڀتين جا راڱا لٿا آهن، اونچن ڀتين کي به نقصان رسيو آهي جيڪي ڪن ڪمرن ۽ اڱڻن کي جدا ڪن ٿيون.

عباسيءَ چيو ته موهن جي دڙو ۾، جنهن کي سنڌيءَ زبان ۾ ‘مئن جو دڙو‘ به چيو ويندو آهي، پراڻي زماني ۾ پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جو تفصيلي نظام موجود آهي، جيڪو ماضي ۾ پوندڙ بارشن کي سولائيءَ سان منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندو هو.

هونئن ته سيلاب سموري پاڪستان تي اثر ڪيو آهي پر سنڌ جو صوبو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

هوڏانهن فوج جي انجنيئرن سومر ڏينهن منڇر ڍنڍ جي بند کي ٽڪو ڏنو ، جيڪا پاڪستان ۾ تازي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، ته جيئن سيوڻ جي ويجهي شهر کي وڏيءَ ٻوڏ کان بچائي سگهجي.

باجارا ڳوٺ، سيوڻ
باجارا ڳوٺ، سيوڻ

ڍنڍ مان وهندڙ پاڻيءَ ويجهن درجن کن ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ڳوٺاڻن کي تيزيءَ سان ڪچي مٽيءَ جا ٺهيل گهر، ڪک ۽ اباڻا اجها ڇڏڻا پيا.

ساڳئي وقت فوج ۽ رضاڪارن جي مدد سان اڱاري ڏينهن بچاءَ جو ڪم جاري رهيو، ۽ ڦاٿل ماڻهن کي بچاءَ جي ويجهن ڪيمپن ۾ پهچايو ويو. هزارين ماڻهو اڳ ۾ ئي انهن ڪيمپن ۾ رهي رهيا آهن، جيڪي سڙڪن جي ڪناري ۽ اوچن هنڌن تي قائم ڪيو ويون آهن.

ٻاونجاهه ورهن جي ڄمار جو غلام صابر، جنهن جو تعلق سيوڻ جي ڳوٺاڻي علائقي سان آهي، ٻڌايو ته هن ٽي ڏينهن اڳ پنهنجو گهر ڇڏيو، جڏهن عمل دارن کيس گهر خالي ڪرڻ جو چيو.

صابر چيو ته مان پنهنجي ٻارن کي ساڻ ڪري هن محفوظ جاءِ تي پهچي ويم.هن چيو ته ان کان پوءِ سندس ڳوٺ ۽ گهر جو ڇا حال ٿيو ان جي کيس ڪا خبر ڪانهي.

اڱاري ڏينهن رات جو ٽيلي ويزن تي تقرير ڪندي، وزير اعظم شهباز شريف پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته سيلاب متاثرين جي امداد لاءِ عطئي ڏيڻ ۾ دير نه ڪن، جڏهن ته زياده تر سيلاب متاثرين سرڪاري امداد تي انحصار ڪري رهيا آهن.

شهباز شريف بين الاقوامي برادريءَ کي به عطيات ڏيڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي خوفناڪ صورت حال ۾ ڦاٿل آهي.

(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG