ڀارت ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن خميص ڏينهن نئي دهليءَ ۾’جي 20’ گروپ جي اعليٰ سفارت ڪارن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي، جنهن نان سندن سال 2020 کان وٺي تعلقات ۾ ڇڪتاڻ جي صورت حال۾ برف پگهرڻ جو اشارو ملي ٿو.
ملاقات کان پوءِ، ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر چيو ته سندس چين جي هم منصب، ڪن يينگ سان ڳالهه ٻولهه ’’ٻه طرفي تعلقات کي درپيش موجوده چيلنجن خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ امن امان کي منهن ڏيڻ تي لڳل رهي’’.
هن اخباري نمائندگن کي ٻڌايو ته ڀارت ۽ چين جي تعلقات ۾’’حقيقي مسئلا آڏو آهن جن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي جن تي اسان جي وچ ۾ کليل دل سان ۽ کلي ڳالهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي اهو ئي ڪم آهي جيڪو اسان کي اڄ ڪرڻو آهي’’.
چين جي پرڏيهي وزير جي شنڪر سان ملاقات کان هڪ ڏينهن اڳ بيجنگ ۾ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ’’چين ڀارت کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو’’.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ سٺا تعلقات برقرار رکڻ سندن مفادن جي لاءِ بنيادي اهميت جو حامل آهي.
نئين دهليءَ ۽ بيجنگ جا تعلقات 2020 ۾ان وقت خراب ٿيا جڏهن لداخ جي علائقي ۾ ڀارتي ۽ چيني فوجين جي پنهنجي زميني سرحد تي جهڙپ ٿي هئي. ان جهڙپ ۾ 20 ڀارتي ۽ چار چيني فوجي مارجي ويا هيا.
پٿريلي ۽ غير هموار علائقي ۾ ٿيڻ واري اها جهڙپ ٻنهين ملڪن جي ناتن ۾ ڊگهي ڇڪتاڻ واري صورت اختيار ڪري ورتي ۽ ٻنهين ڌرين تڏهن کان وٺي ان علائقي ۾ هزارين فوجي تعينات ڪيا آهن جن کي توپ خاني، ٽينڪن ۽ جنگي جهازن جي مدد حاصل آهي.
ڀارت ۽ چين جي فوجي ڪمانڊرن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ٿيل سترهن دورن جي باوجود اهو جمود اڃان جاري آهي.
چين سنه 2020 کان اولهه لداخ جي ’لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرل’ جي نالي سان ڄاتل سرحد جي ڀر ۾ سخت سيءُ دوران پنهنجي فوجن کي ترسائڻ جي لاءِ درجن کان وڌيک ٺڪاڻا اڏي رهيو آهي.
ڀارت ميڊيا جي رپورٽن مطابق، چين ان علائقي ۾ نوان هيلي پيڊ، وسيع فضائي پٽي، نيون بيرڪون، زمين مان فضا ۾ مار ڪرڻ وارا ميزائيل ۽ ريڊار جا نوان سائيٽس به اڏيا آهن.
پوئين سال فيبروريءَ ۾ ڀارت ۽ چين لداخ ۾ پينگونگ تسو، گوگرا ۽ گالوان جي واديءَ جي اترئين ۽ ڏاکڻين ڪناري تي ڪجهه هنڌن تان فوجين کي واپس سڏائي ورتو آهي.
ليڪن ٻنهين ملڪن تعيناتيءَ جي منصوبن هيٺ واڌو فوجين کي سرحد جي پنهنجي پاسي تعينات رکيو آهي.
نئين دهليءَ چيو آهي ته چين اڪسائي چن جي سطح تي ڀارت جي 38000 چورس ڪلوميٽر (15000 چورس ميل) علائقي تي قبضو ڪيو آهي جنهن کي ڀارت لداخ جو حصو سمجهي ٿو.
ڀارت ۽ چين جي ان سرحد تي 1962 ۾ جنگ ٿي هئي.
(هن خبر جي لاءَ معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)