ڀارت آچر جي ڏينهن هڪ راڪيٽ مدار ۾ روانو ڪيو جنهن تي 36 خانگي انٽرنيٽ سيٽلائيٽس موجود آهن، جنهن کي مهينو اڳ موڪلڻ جو ارادو هو، ليڪن يوڪرين جي لڙائيءَ جي ڪري ان ڪم ۾ دير لڳي.
اهي انٽرنيٽ سيٽلائيٽس لنڊن ۾ قائم ’ون ويب’ خانگي ڪمپنيءَ جا آهن، جن کي ڀارت جي ڏاکڻين علائقي مان خلا ۾ موڪليو ويو. روس جي يوڪرين تي حملي جي ڪري، مارچ ۾ تحقيق جي ان ڪم ۾ ڀارت روس کان راهون جدا ڪيون هيون.
ڀارت جي خلائي اداري جي سربراه، ايس سومناٿ چيو آهي ته ’’اسان مدار ۾ پهچڻ جو ڪم عمدگيءَ سان ڪري ڏيکاريو آهي. هينئر راڪيٽ پهنهجي گهربل مدار ۾ گردش ڪري رهيو آهي’’.
هن چيو ته مدار ۾ 16 سيٽلائيٽ پهچايا ويا. هن ان ڳالهه تي پر اميد هجڻ جو اظهار ڪيو ته سورهين سيٽلائيٽ وانگر ٻيا سيٽلائيٽس به کلي ۽ حفاظت سان مدار ۾ داخل ٿيندا.
ون ويب جا 462 سيٽلائيٽس مدار ۾ گردش ڪري رهيا آهن، جن منجهان ڪمپنيءَ جي چوڻ موجب 70 في صد منجهان سموري دنيا کي براڊ بينڊ سروسز فراهم ڪيون وينديون. هن سال جي ان خلل جي باوجود ون ويب جو چپڻ آهي ته ايندڙ سال تائين ڪمپني ان قابل ٿي ويندي ته ون ويب عالمي ڪوريج جو وعدو پورو ڪري سگهي. ڪمپنيءَ جو پروگرام آهي ته تيسيتائين 648 سيٽلائيٽس مدار ۾ موجود هوندا. اڳ ۾ ئي اها ڪمپني اترئين ويڪرائي ڦاڪ ۾ پنهنجون خدمتون فراهم ڪري رهي آهي.
ون ويب جي هر هڪ سيٽلائيٽ جو وزن تقريبا 330 پائونڊ (150 ڪلوگرام) آهي.
ڪمپنيءِ آچر ڏينهن چوڏهون ڀيرو ون ويب سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليا ۽ هن دفعي ڪمپنيءَ کي ڀارت جي ڳوري راڪيٽ جو سهارو وٺڻو پيو، جيڪو عام طرح سان سرڪاري خلائي گاڏي خلا ۾ موڪلڻ جي ڪم ايندو آهي. ان کان اڳ ون ويب فلائيٽس روسي راڪيٽن ذريعي روانا ڪيا ويندا هيا. اهڙو پهريون روسي راڪيٽ سال 2019 ۾ خلا ۾ موڪليو ويو هو.
ڀارت جي لاءِ اهو هڪ اهم ڪم آهي، جنهن کان پوءِ سندس خلائي ادارو بتدريج خانگي گراهڪن جي لاءَ کلي پوندو. اها ڳالهه راجيشوري ڦولائي راجاگوپالن ٻڌائي آهي جيڪس نئين دهليءَ ۾ قائم ’آبزرور ريسرچ فائونڊيشن’ جي سربراه آهي، ۽ جنهن کي خلا ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ مهارت حاصل آهي.
راجا گوپالن چيو آهي ته ڀارت ننڍا سيٽلائيٽ روانا ڪرڻ ۾ مهارت رکندو آهي ۽ مارڪيٽ جي ان شعبي ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، کيس وٽ سيٽلائيٽ رواني ڪرڻ جي معياري تنصيب موجود آهي.
يوڪرين ۾ لڙائي اڃان وڌي رهي آهي، ان جي ڪري جيسيتائين ٻاهريان ملڪ روسي لانچنگ تنصيبات استعمال نه ڪندا، تيسيتائين اهي ڀارت ڏانهن رخ ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته ان سلسلي ۾ سندس ڌيان گهڻي ڀاڱي ڀارت ڏانهن مرڪوز ٿي سگهي ٿو.
(هن رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)