ڀارت ۾ ھن سال جي فيبروري کي 1901 کان وٺي 2023 تائين جي گرم ترين مھيني طور رڪارڊ ڪيو ويو آھي.سال 1901 کان وٺي ڀارت ۾ موسم جو رڪارڊ رکجڻ شروع ٿيو.
ڀارت جي موسميات کاتي گرمي جي اھڙي لھر کان پوءِ مارچ کان مئي تائين غير معمولي گرمي رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو آھي.
ڀارت جي موسميات کاتي اڱاري تي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مارچ ۽ مئي جي وچ واري گرميءَ جي لهر خاص طور تي انھن مرڪزي ۽ اترين صوبن کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جيڪي ڪڻڪ پيدا ڪندا آھن.
ھن چيو ته فيبروري جي مهيني دوران سڀ کان وڌيڪ گرمي رڪارڊ ڪئي وئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته مسلسل ٻئي سال گرمي جي لهر سبب ڪڻڪ، تيلي ٻجن وارا فصل ۽ چڻن جي پيداوار متاثر ٿي سگهي ٿي، ۽ ان سان خوراڪ جا اگهه به حڪومتي ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري سگهن ٿا.
ٻئي پاسي شديد گرميءَ جي ڪري بجليءَ جي طلب پڻ حد کان وڌي سگهي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته مارچ عام طور تي ڀارت ۾ سياري جا فصل لڻڻ جو مهينو هوندو آهي، جنهن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي معمول کان مٿي رهڻ جو امڪان آهي.
عالمي واپار سان لاڳاپيل ممبئي جي ھڪ ڊيلر چيو ته ڪڻڪ جو فصل اڳ ۾ ئي تيز گرمي جي ڪري دٻاء هيٺ آهي. مارچ جو مهينو وڌيڪ گرم ھئڻ سبب پيداوار ويتر گهٽجي ويندي.
ڀارت ۾ سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ٿيندڙ ڪڻڪ جو فصل آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پوکبو جڏھن ته مارچ ۾ لڻبو آهي.
گزريل سال 2022 ۾ ڀارت ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، جنهن ڪري ڀارت ڪڻڪ جي امپورٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. ياد رهي ته ڀارت ڪڻڪ پيدا ڪندڙ دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي.
ھن سال فيبروري دوران ڀارت ۾ سراسري گرمي پد 29.5 ڊگري سينٽي گريڊ هو، اھو 1901 کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سراسري گرمي پئي آھي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ فيبروري دوران معمول کان 68 سيڪڙو گهٽ برساتون پيون، جنهن ڪري باراني علائقن جا فصل متاثر ٿيا.
ڀارتي اختياريءَ وارن گزريل سال خبردار ڪيو هو ته مستقبل ۾ ڀارت ۾ سخت گرمي جي لهر اچي سگهي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ گزريل ٻن ڏهاڪن کان مون سون دوران سراسري گرمي پڻ وڌي رهي آهي.
ڀارت جي صحت کاتي سڀني رياستن کي آگاه ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ جيئن ته گرمي اڳ ۾ ئي غير معمولي طور وڌيل آهي، تنهن ڪري عوامي صحت جي منصوبن تي ترت عمل ڪيو وڃي.
(هن خبر لاءِ ڄاڻ رائٽرز تان ورتي وئي آهي)
ڀارت ۾ گرميءَ جي نئين لھر، فيبروري گرم ترين مهينو قرار
