آمريڪي رياست ڪيلي فورنيا ۾ اغوا ٿيڻ واري هڪ سک خاندان جي چئني فردن جا لاش برآمد ڪيا ويا آهن. مارجي ويلن ۾ اٺن مهينن جي هڪ ٻارڙي به شامل آهي.
اها ڳالهه رياست جي مرسڊ ڪائونٽيءَ جي شيرف، ورن وارنڪي اربع جي رات هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هن هلاڪتن جي تصديق ڪندي چيو ته، ’’اسان جي بدترين خدشن جي تصديق ٿي وئي آهي’’.
وارنڪي خاندان جي انهن ڀاتين جي قتل جا تفصيل جاري نه ڪيا آهن. پوليس چيو آهي ته مقتولين جا لاش هڪ ٻئي جي ويجهو مليا آهن، جڏهن هڪ ڏورانهين علائقي جي هڪ فارم تي پورهيو ڪندڙ هڪ شخص جي انهن تي نظر پئي.
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، هي اعلان اربع جي ڏينهن صبح جو هڪ سرويلينس فٽيج جي جاري ٿيڻ کان پوءِ سامهون آيو جنهن ۾ هڪ شخص کي پستول جي زور تي انهن کي اغوا ڪندي ڏٺو ويو.
قتل ٿيڻ وارن ۾ اٺن سالن جي آروبي ڌيري، ان جي ماءُ 27 سالن جي جسلين ڪور، 36 ورهن جو پيءُ جسديپ سنگهه ۽ سندن چاچو 39 ورهن جو امنديپ سنگهه شامل آهي. انهن کي سومر ڏينهن اغوا ڪيو ويو هو.
وارنڪي ٻڌايو ته اغوا جي ٻئي ڏينهن،اٺيتاليهه سالن جي ڄمار جي سزا يافتا ڊاڪوءَاغوا ڪيو هو.وارنڪي ٻڌايو ته اغوا جي اڳئين ڏينهن جيزس سلگاڊو پنهنجي جان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن کيس گرفتار ڪيو ويو ته ان جي حالت تشويش ناڪ هئي.
جيزس سلگاڊو پوليس جي حراست ۾ آهي، ليڪن هو پوليس سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته هن اغوا جي پويان وجوهات اڃان تائين معلوم نه ٿي سگهيون آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفتيش جاري آهي.
مرسڊ ڪيلي فورنيا جي هڪ وسندي آهي جنهن جي آبادي 20000 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اها سان فرانسسڪو کان 80 ڪلوميٽر پري آهي. انهن چئني ڀاتين کي مرسڊ ۾ واقع سندن ڪاروبار جي هنڌ تان اغوا ڪيو ويو هو.
فٽيج ۾ ٻنهين مردن جا هٿ ٻڌل آهن، جڏهن ته جسلين ڪور جي ڌيءُ سندس ڪڇ ۾ آهي.
پوليس پاران جاري ڪيل سرويلينس فٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سلگاڊو پستول جي زور تي ان خاندان کي اغوا ڪري رهيو آهي. علائقي جي شيرف ٻڌايو ته پوليس هن اغوا ۽ قتل جي پويان اصل محرڪ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير ڀڳوت مان جي پاران واقعي جي مذمت
ڀارتي وڏي وزير جي آفيس طرفان هڪ ٽوئيٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڀڳوت مان وفاقي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان معاملي ۾ آمريڪي حڪومت سان لهه و چڙهه ۾ اچي ته هو ان جي تفصيلي جانچ ڪن. هن چيو ته هي تمام گهڻي مذمت جي قابل واقعو آهي جنهن سڀني کي صدمي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا مطابق قتل ٿيڻ واري خاندان جو تعلق ڀارتي پنجاب جي علائقي هوشيارپور سان هو.
(هن رپورٽ جي لاءِ مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)