انساني آباديءَ ۾ 12 لک ماڻهن جي واڌ جي ڪري هلندڙ سال آمريڪا جي آدم شماري 33 ڪروڙن کان مٿي ٿي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جو سبب وڏي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ڪري آيل ماڻهن جو اچڻ آهي.
آمريڪي آدم شماريءَ جي بيورو پاران خميص ڏينهن جاري ٿيڻ واريءَ هڪ رپورٽ مطابق، آمريڪا جي مجموعي آبادي 33 ڪروڙ 32 لک ٿي وئي آهي.
بيورو جي مطابق، سنه 2021 ۽ 2022 جي دوران 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهو ٻين ملڪن مان هجرت ڪري آمريڪا آيا جيڪي ان کان اڳئين سال آمريڪا اچڻ وارن کان 168 في صد وڌيڪ آهن. 2020 کان 2021 جي دوران ٽي لک 76 هزار 29 پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا آيا.
گزريل سال هر آمريڪي رياست ۾ ٻاهرين ملڪن مان تارڪين وطن اچي آباد ٿيا.
هن سال آمريڪا ۾ ’گروٿ ريٽ’ وڌي 0.4 في صد رهيو جيڪو ڪرونا وبا جي دوران 2020 ۽ 2021 ۾ 0.1 في صد هو. اها شرح آمريڪا جي قائم ٿيڻ کان وٺي سڀني کان گهٽ شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آمريڪا جي اتر اوڀر جي علائقن ۾ هڪ سال جي دوران ٻه لڪ 19 هزار ماڻهن جو انتقال ٿيو. اهڙيءَ طرح رياست پينسلوانيا ۾ فوتگين جي شرح پيدائش کان وڌيڪ آهي.
آمريڪا جي وچئين علائقي ۾ به هڪ سال دوران تقريبا 49 هزار ماڻهو فوت ٿيا.
آمريڪا جي ڏاکڻئين حصي ۾ 13 لک انسانن جي واڌ ٿي. ان جو وڏو سبب ٽيڪساس ۽ فلوريڊا جي رياستن ۾ آباديءَ ۾ واڌ آهي. ٻنهين رياستن ۾ پنج پنج لک ماڻهن جي واڌ آئي.
انساني آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻي وڏي رياست ٽيڪساس جي آبادي ٽن ڪروڙن کان وڌي وئي آهي.
رپورٽ جي مطابق، ڪيليفورنيا ۾ هن سال هڪ لک 13 هزار رهواسي فوت ٿي ويا. سنه 2022 ۾ ڪيليفورنيا جي آبادي ٽي ڪروڙ 90 لک هئي. نيويارڪ جي هڪ لک 80 هزار کان وڌيڪ رهواسين جي گزاري وڃڻ جي ڪري ڪيليفورنيا ۾ رهواسين جي تعداد ۾ گهٽتائي ٻئي نمبر تي رهي.
ٻڌايو ويو آهي ته ٽي لک 43 هزار مڪاني رهواسي ڪيليفورنيا مان لڏي ويا. ان ۾ ڪمي نه آمريڪا جي اولهندي خطي جي آباديءَ ۾ واڌ صرف هڪ لک 53 هزار رهائشين تائين محدود ڪيو ويو.
ان صورت حال ۾ بين الاقوامي هجرت ۽ شرح پيدائش ۾ قدرتي طور تي وڏي پيماني تي واڌ کان سواءِ آمريڪا جي اولهندي خطي جي انساني آباديءَ ۾ ڪمي ڏٺي وئي، ڇو ته رهواسي اوريگون ۽ واشنگٽن رياستن کي ڇڏي ٻين حصن ڏانهن منتقل ٿيا.
(ايسو سي ايٽڊ پريس جي رپورٽ تان ورتل)