پاڪستان جي بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان جا ڪابل ۾ حڪمران طالبان سان سٺا ناتا آهن. ليڪن، اهي تحريڪ طالبان پاڪستان تي حملن ۾ پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهن.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پيءَ جي وچ ۾ ’ڪامريڊري’ موجود آهي، ڇو ته اهي ويهن سالن تائين نيٽو جي خلاف ملي وڙهندا رهيا، پر هاڻي ائين ٿو لڳي ته افغان طالبان ٽي ٽي پيءَ کان فاصلو اختيار ڪري چڪا آهن.
خواجا آصف چيو ته ٽي ٽي پي جي اڳواڻن کي پاڪستان ۾ ٻيهر وسائڻ عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي، جنهن کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي به حمايت حاصل هئي. پر اها ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته خيبرپخونخوا ۾ اڳوڻي قبائلي علائقن ۽ ٻين شهرين ٽي ٽي پيءَ جي خلاف مظاهرن جي حوالي سان هاڪار ڪئي ته عوام ٽي ٽي پيءَ سان ملي رهڻ کان صاف انڪار ڪري رهيا آهن، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهو احتجاج هٿيارن سان ناهي.
وائس آف آمريڪا جي افغان سروس جي نذرانه غفار کي ڏنل انٽرويو ۾خواجا آصف افغانستان اندر عورتن جي حقن، پاڪستان جي اندروني سياست ۽ معاشي حالتن، اسٽيبلشمينٽ جي اثر و رسوخ ۽ ڪنهن نئين عمراني معاهدي جهڙن معاملن تي به تفصيلي گفتگو ڪئي.
افغان طالبان سان پاڪستان جا ناتا
هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستان جي بچاءَ واري وزير چيو ته طالبان سان ناتا سٺا آهن، ليڪن پاڪستان تي ٽي ٽي پيءَ جا حملا روڪڻ جي لاءِ اهي خاطر خواه ۽ موثر ثابت نه ٿيا آهن.
هن چيو ته طالبان سان اسان جا ڪافي سٺا ناتا آهن. ليڪن جيڪا شئي اسان کي پريشان ڪري رهي آهي اها هيءِ آهي ته اڄ به پاڪستان تي خاص طور تي خيبرپختونخوا تي حملن جي لاءِ افغانستان جي سرزمين استعمال ٿي رهي آهي. ڊي جي، آئي ايس آئي سان گڏ افغانستان جو هڪ مهينو اڳ دوري ۾ اهو معاملو بحث هيٺ آيو هو. طالبان ان مسئلي سان نبرڻ جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو هو. ۽ ٻڌايو هو ته دوحا معاهدي هيٺ هو پنهنجي زمين دهشت گرديءَ جي لاءِ ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا.
پاڪستان جي اندر گزريل ڏينهن دوران قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي اعلان ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ حملن جي پٺيان ’’ٽي ٽي پي کي واپس آڻڻ ۽ انهن جي لاءِ نرم رويو موجود هئڻ به دهشت گرد حملن جو هڪ سبب بڻيو آهي’’. ان سلسلي ۾خواجا آصف اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي ذمي دار قرار ڏنو.
هن چيو ته هڪ پروگرام هيٺ طالبان کي واپس آڻي ٻيهر وسايو ويو. عمران خان پنهنجي سموري سياسي ڪيريئر ۾ اشارو ڏيندو رهيو آهي ته هو طالبان جو نظرياتي طور تي حامي آهي. انٽرنيشنل ميڊيا ڪن موقعن تي کيس ’طالبان خان’ به چوندو رهيو آهي.
پاڪستان جي بچاءَ واري وزير چيو ته سندس خيال ۾ افغان طالبان ٽي ٽي پيءِ کان فاصلو اختيار ڪري چڪا آهن، ليڪن ماضيءَ ۾ هڪ ئي ميدان ۾ نيٽو جي خلاف ملي وڙهڻ جي ڪري سندن ۽ ٽي ٽي پيءَ جي وچ ۾، سندس بقول، هڪ ’ڪامريڊري’ موجود آهي.
هن چيو ته ٽي ٽي پيءَ جي هٿياربندن متعلق جيڪي مون وٽ اطلاع آهن خواجا آصف جي مطابق انهن جا ست يا اٺ هزار افغان طالبان سان ملي نيٽو فورسز جي خلاف 20 سالن جي جنگ ۾ شامل رهيا هيا.
ان لحاظ کان افغان ۽ پاڪستاني طالبان جي ڪامريڊري موجود آهي جيڪا طالبان سان ملاقاتن ۾انهن جي ڳالهين ۾ نظر ايندي هئي، ته اهي سندن مخالفت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. ليڪن، هو پاڪستان جي به مدد ڪرڻ گهرن ٿا.
خواجا آصف چيو ته ٽي ٽي پي جي ماڻهن وٽ آمريڪا پاران افغانستان ۾ پوئتي ڇڏيل جديد هٿيار به موجود آهن. هن ڀارت تي الزام لڳايو ته هو طالبان جي اڄ به مدد ڪري رهيو آهي.