رسائی کے لنکس

ايران کي عورتن جي ڪميشن تان هٽايو وڃي، آمريڪا جو مطالبو


’ڪميشن آن اسٽيٽس آف ومين’ جو اجلاس (فائيل فوٽو)
’ڪميشن آن اسٽيٽس آف ومين’ جو اجلاس (فائيل فوٽو)

گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪي سفير هڪ ڀيرو ٻيهر عورتن جي حيثيت متعلق عالمي اداري جي ڪميشن ۾ ايران جي شرڪت جي مخالفت تي زور ڀريو آهي.

وائس آف آمريڪا جي فارسي سروس جي هڪ رپورٽ مطابق، آچر ڏينهن ٽوئٽر تي هڪ پوسٽ ۾ لنڊا ٽامس گرين فيلڊ چيو ته ’’ايراني حڪومت کي صنفي مساوات ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ وقف بين الاقوامي اداري ۾ نه هئڻ گهرجي’’. سندس بقول، ايران کي عورتن جي اسٽيٽس متعلق ڪميشن تان هٽائڻ درست قدم ٿيندو.

ايران کي ڪميشن مان ڪڍڻ جي حوالي سان آمريڪا جو تجويز ڪيل هڪ مسودو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ ووٽنگ جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

مسودي ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه جون پاليسيون انساني حقن ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ عورتن جي اختيارت جي ڪميشن جي مشن سان ٽڪرائن ٿيون ۽ مذمت جي قابل آهن ۽ اسلامي جمهوريه ايران کي سندس رڪنيت جي موجوده مدت جي خاتمي کان اڳ ئي فوري طور تي عورتن جي اسٽيٽس جي متعلق ڪميشن تان هٽائي ڇڏڻ کپي.

ايران تازو ڪميشن جي چئن سالن جي مدي جو آغاز ڪيو آهي. ڪميشن جو مقصد، جنهن جو اجلاس هر سال مارچ ۾ ٿيندو آهي، صنفي هڪ جهڙائيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ آهي.

پوئين مهيني گرين فيلڊ چيو هو ته ڪميشن ۾ ايران جي رڪنيت اداري جي ساک تي هڪ ’’بدنما داغ’’ آهي ۽ اسان جي خيال ۾ ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.

ٻاويهن ورهن جي مهسا امينيءَ کي پوليس حراست ۾ ماريو ويو جنهن کان پوءِ 16 سيپٽمبر تي ايران ۾ مظاهرا شروع ٿيا. ٽامس گرين فيلڊ اهو بيان عوامي مظاهرن تي مرڪوز سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جي هڪ غير رسمي ميڙ جي سامهون ڏنو هو، جنهن کي ’اررها’ جي ميٽنگ جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.

XS
SM
MD
LG