جيل جا دروازا ڏسڻ واري ايران گلوڪار پنهنجي ان احتجاجي گيت تي ’گريمي ايوارڊ’ کٽيو آهي جيڪو اسلامي جمهوريه کي لوڏڻ واري احتجاج جو ترانو بڻجي ويو آهي. آمريڪي خاتون اول جيئن ئي اهو اعلان ڪيو ته شيرون حاجي پور پنهنجي گيت ’براءِ’ تي سماجي تبديلين جي ڪيٽيگريءَ جو خصوصي ميرٽ ايوارڊ کٽيو آهي، ته هن روئي ڏنو، ڇو ته هو ان گيت جي تخليق تي جيل ڪاٽي چڪو آهي.
ٽوئٽر تي هڪ صارف هڪ آن لائين وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ حاجي پور کي هڪ اونداهي ڪمري ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ان اعلان کان پوءِ پنهنجا ڳوڙها اگهي رهيو آهي. سندس سنگتي خوشيءَ سان رڙيون ڪري رهيو آهي ۽ کيس پنهنجي ڳلي سان لڳائي رهيو آهي.
حاجي پور جو گانو ’براءِ’ جي لفظ سان ٿئي ٿو، جنهن جو مطلب آهي ’جي لاءِ’.
منهنجي ڀينرن جي لاءِ، ڪٽ لڳل ذهنن جي لاءِ
امن ۽ راحت جي احساس جي لاءِ، هڪ ڊگهي اونداهي رات کان پوءِ سج اڀرڻ جي لاءِ
اسان جي بي خواب راتين ۽ ننڊ آڻيدڙ گورين جي ڪري
مردن، ’فادر لينڊ’ ۽ خوش حالي جي لاءِ
انهن نينگرين جي لاءِ جيڪي سوچين ٿيون ته جيڪر اسان ڇوڪرا هجون ها
گاني جي پڄاڻي ان نعري تي ٿئي ٿي، جيڪو سيپٽمبر ۾ ايراني ڪرد خاتون مهسا امينيءَ جي موت کان پوءِ ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن جي علامت بڻجي ويو، ’عورتن جي لاءِ، زندگي، آزادي’.
عورتن جي لاءِ ۽ زندگي ۽ آزاديءَ جي لاءِ.
هيءُ گيت صارفين ٽوئٽر تي شيئر ڪيو آهي.
حاجي پور جي انسٽاگرام پيج تي جاري ڪيل اهو گانو تيزيءَ سان وائرل ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ حاجي پور کي گرفتار ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر ۾ ضمانت ٿيڻ تي ٻاهر نڪرڻ کان اڳ کيس ڪيترا ئي ڏينهن قيد رکيو ويو.
ايران ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن مطابق، 25 ورهن جي گلوڪار ’حڪومت جي خلاف پروپيگنڊا’ ۽ ’تشدد تي اڪسائڻ’ جي الزامن کي منهن ڏنو، جنهن جي سزا ڇهه سال قيد ٿي سگهي پي. سندس ايران ڇڏڻ تي به پابندي آهي.
لاس اينجلس ۾ ايوارڊ جي تقريب ۾ جل بائيڊن چيو ته هڪ گانو ’’متحد، حوصلي افزائي۽ آخر ڪار دنيا کي بدلي سگهي ٿو’’.
جل بائيڊن چيو ته ’’اهو گانو مهسا امينيءَ جي احتجاج جو ترانو بڻجي ويو، جيڪو آزاديءَ ۽ عورتن جي حقن جي لاءِ هڪ طاقتور ۽ شاعرانه اپيل رکي ٿو. شيرون کي گرفتار ڪيو ويو. پر هي گانو پنهنجي طاقتور ’ٿيم’ جي ڪري پوري دنيا ۾ گونجندو رهندو، ’عورت، زندگي، آزادي’.
تقريب ۾ موجود ماڻهن جل بائيڊن جي اعلان تي تاڙيون وڄايون ۽ نعرا لڳايا. انسٽاگرام تي حاجي پور صرف اهو لکيو ته ’’اسان کٽي وياسين’’.
حاجي پور جي ايوارڊ کٽڻ تي سرڪاري ميڊيا يا سرڪاري عهدي دارن جي طرفان ترت ئي ڪو ردعمل سامهون نه آيو. ايران ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن مطابق، گلوڪار مظاهرن جي دوران گرفتار ڪيل 19،600 ماڻهن منجهان هڪ هيو. حڪام جي پاران احتجاج کي پرتشدد طور تي ڪچلڻ جي دوران گهٽ ۾ گهٽ 527 ماڻهو مارجي ويا آهن.
آچر جي ڏينهن ايران جي سپريم ليڊر مبينه طور تي سخت ڪاروائيءَ جي پيماني کي پهريون ڀيرو تسليم ڪيو، مظاهرن جي دوران حراست ۾ ورتل ’’هزارين’’ ماڻهن جي لاءِ عام معافي يا قيد جي سزائن ۾ ڪميءَ جو حڪم ڏنو.
(هن رپورٽ جو ڪجهه حصو ايسو سي ايٽڊ پريس جي خبر تان ورتو ويو آهي)