رسائی کے لنکس

ڇا عافيه صديقي جيل مان ڇٽي سگهي ٿي؟


هن عدالتي اسڪيچ ۾ عافيه صديقيءَ کي نيو يارڪ جي وفاقي عدالت آڏو حاضريءَ دوران پيش ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. (فائيل تان ورتل اسڪيچ)
هن عدالتي اسڪيچ ۾ عافيه صديقيءَ کي نيو يارڪ جي وفاقي عدالت آڏو حاضريءَ دوران پيش ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. (فائيل تان ورتل اسڪيچ)

هن سال فيبروريءَ ۾ گوانتانامو بي ڪيوبا منجهان ٻن پاڪستاني ڀائرن عبدالرحيم غلام رباني ۽ محمد احمد غلام ربانيءَ کي 20 سالن جي ٽيپ ڪاٽڻ کان پوءِ آزادي ڏيارڻ واري انساني حقن جي هڪ نامياري وڪيل، ڪلائيو اسٽافورڊ اسمٿ چيو آهي ته سندس اڳيون مشن پاڪستاني شهري عافيه صديقيءَ کي رهائي ڏيارڻ آهي.

عافيه صديقي هن وقت آمريڪي رياست ٽيڪساس جي هڪ وفاقي جيل ۾ 36 سالن جو قيد ڪاٽي رهي آهي. هن کي 2012 ۾ نيو يارڪ جي وفاقي عدالت آمريڪي شهرين کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش سميت ستن ڏوهن ۾ سزا ڏني هئي.

وائس آف آمريڪا سان اسڪائيپ جي ذريعي ڳالهائيندي، برطانيه ۾ رهندڙ انساني حقن جي آمريڪي وڪيل، ڪلائيو اسٽا فورڊ اسمٿ چيو آهي ته هاڻي هو عافيه جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ لاءَ جاکوڙ ڪندو.

ڪلائيو هلندڙ سال جنوريءَ ۾ عافيه سان ملاقات ڪئي هئي.

هن ٻڌايو ته، ’’گوانتانامو بي ۾ جن قيدين سان مان هينئر تائين ملي چڪو آهيان اهي وڏي نفسياتي صدمي مان گزري رهيا آهن’’.

عافيه صديقيءَ تي الزام آهي ته هن 2008 ۾ افغانستان جي غزني صوبي ۾ افغان پوليس جي هڪ عمارت جي اڱڻ ۾ هڪ آمريڪي فوجي اهل ڪار تي رائيفل تاڻي هئي ۽ آمريڪي فوجين ۽ ايف بي آئي جي عمل دارن تي فائرنگ ڪئي جيڪي ان وقت عافيه جي القاعده سان مبينه رابطن جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري رهيا هيا.

انساني حقن جي وڪيل وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته عافيه جيل مان ڇٽي سگهي ٿي.

هن چيو ته اسان کي عافيه کي جيل مان ڪڍرائڻ جو حل ڳولڻو پوندو. کيس پاڪستان جي ڪنهن نفسياتي اسپتال ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو، جتي سندس علاج ٿي سگهندو، جنهن جي هن کي ضرورت آهي.

وڪيل چيو ته ’’شايد اسان ڪو اهڙو معاهدو ڪري سگهئون جنهن ۾ قيدين جو تبادلو ممڪن ٿئي، ڇو ته اهڙا ڪيترا ئي ماڻهو آهن جن جي رهائي اسان پاڪستان کان چاهيون ٿا، جيئن ته ڊاڪٽر شڪيل آفريدي، جنهن اسامه بن لادن جي مارڻ ۾ آمريڪا جي مدد ڪئي هئي’’.

هن چيو ته اهڙو حل ڪڍي سگهجي ٿو جنهن سان ٻئي ڌريون مطمئن ٿين.

عافيه صديقي هن وقت ٽيڪساس جي فيڊرل بيورو آف پرزنز جي ميڊيڪل فيسلٽيءَ ۾ سزا ڪاٽي رهي آهي.

پر سوال اهو آهي ته ’ڇا آمريڪي قانون جي مطابق، عافيه صديقيءَ کي ڇڏي سگهجي ٿو؟ يا قيديءَ جي حيثيت ۾ پاڪستان منتقل ڪري سگهجي ٿو؟’

(نيلوفر مغل جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG