رسائی کے لنکس

ڪهاني سنو، پاڪستاني گانو يوٽيوب ٽاپ 10 ميوزڪ وڊيوز ۾ شامل


ڪيفي خليل (فائيل فوٽو)
ڪيفي خليل (فائيل فوٽو)

نوجوان پاڪستاني ڳائڻي ڪيفي خليل جو گانو ’ڪهاني سنو’ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ايڏي ته شھرت ماڻي چڪو آهي جو ھاڻ يوٽيوب جي ٽاپ 10 عالمي وڊيوز ۾ به شامل ٿي ويو آهي.

ڪهاني سنو اھو پهريون پاڪستاني گانو آھي جيڪو يوٽيوب جي گلوبل ميوزڪ ويڊيو چارٽ جي ٽاپ 10 وڊيوز ۾ شامل ٿيو آهي. ھي مشھور گيت چارٽ ۾ اٺين نمبر تي آهي.

لسٽ ۾ ڪيفي خليل جي گاني سان گڏ جن جڳ مشهور گلوڪارن جا گانا موجود آهن تن ۾ آمريڪي ڳائڻي سلينا گومز ۽ نائيجيريا جي ڳائڻي ريما جو ’ڪام ڊائون’ به شامل آهي.


يوٽيوب ٽاپ چارٽ ۾ گانو شامل ٿيڻ کان پوءِ آچر ڏينھن پاڪستاني موسيقار ۽ ڳائڻي ذوالفقار جبار خان عرف زلفي پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي.

زلفيءَ چيو ته اها شايد ڪنهن پاڪستاني گاني ۽ فنڪار جي لاءِ سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي.


هن چيو ته ٽاپ 10 گلوبل ميوزڪ وڊيوز ۾ مشهور پاپ اسٽار ريحانا ۽ ڀارتي ڳائڻي ارجيت سنگهه جا گانا شامل ناھن.ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ جي علائقي لياري جي هڪ گلوڪار وڏي چاه سان ۽ بنا ڪنهن وڏي اسٽوڊيو جي ’ڪهاني سنو’ ڳايو.

زلفيءَ چيو ته آءُ اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اهو مڙني فنڪارن لاءِ ممڪن آهي، اسان پاڪستاني فنڪارن کي بنا ڪنهن پليٽ فارم جي اڀرندي ڏٺو آهي.

يوٽيوب جي عالمي چارٽ تي پهچندڙ گلوڪار ڪيفي خليل سمورن مداحن جا ٿورا مڃيا.

ڪيفي خليل ’ڪهاني سنو’ کي گزريل سال جون ۾ پنهنجي يوٽيوب چينل تي رليز ڪيو هو ۽ هن وقت تائين هن گاني کي يوٽيوب تي ساڍا يارهن ڪروڙ ڀيرا ٻڌو ويو آهي.


هي گانو يوٽيوب جي عالمي ٽاپ ميوزڪ وڊيوز سان گڏ و گڏ ميوزڪ اسٽريمنگ ڪمپني ’اسپوٽي فائي’ تي پڻ پاڪستان جي ٽاپ گانن جي فھرست ۾ پهرين نمبر تي آهي.

ڪراچيءَ جي علائقي لياريءَ سان تعلق رکندڙ ڪيفي خليل گزريل سال پنهنجي گهر ۾ ٺاھيل ھڪ ننڍڙي اسٽوڊيو مان ڪوڪ اسٽوڊيو تائين پهتو.

ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 14 ۾ ڪيفي خليل ’ڪنا ياري’ ڳايو هو، جنهن کي پڻ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو.

XS
SM
MD
LG