ڪيترن ئي مهينن کان وٺي آمريڪا جي دهشت گرديءَ جي روڪ ٿام سان واسطو رکندڙ عهديدارن جو توجه غير ملڪي دهشت گرد تنظيمن تان هٽي آمريڪا جي اندر انهن ماڻهن تي مرڪوز ٿي رهيو آهي جيڪي پنهنجي شدت پسند جذبن جي لاءِ نظرياتي فرق کي جواز جي طور تي استعمال ڪندا آهن.
حڪومت جي تازي دهشت گرديءَ جي ايڊوائزريءَ جي مطابق، سڀ کان وڌيڪ ممڪنه حمله ڪندڙ اڪيلي سر ئي ڪم ڪندا آهن يا اهڙا ننڍا گروهه آهن جيڪي عقيدي ۽ وسيع ذاتي شڪايتن جي نتيجي ۾ ’’مملڪت جي لاءِ مستقل ۽ هاڃيڪار نتيجن جو باعث بڻجن ٿا’’.
ليڪن اهڙي وقت جڏهن مئي 2022 ۾ وڏي پيماني تي فائرنگ جهڙو حملو جنهن ۾ بفلو، نيو يارڪ ۾ 10 سياه فام خريدار مارجي ويا هيا، اڃان ذهن ۾ تازو آهي ۽ عمل دارن جو توجه ان طرف آهي. دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي هڪ اعلي آمريڪي عمل دار خبردار ڪيو آهي ته اهڙي وقت جهادي گروپ، جيئن ته القاعده ۽ اسلامڪ اسٽيٽ کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.
'نيشنل ڪائونٽر ٽررزم سينٽر 'جي نيئر ايسٽ پاليسيءَ جي ڊائريڪٽر، ڪرسٽين ابي زيد اڱاري ڏينهن هڪ تقريب ۾ چيو ته اسان کي اڃان به انهن تنظيمن جي پاران درپيش خطرن جي باري ۾ خبردار رهڻو پوندو جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ آهن، ۽ هتي آمريڪا ۾ آمريڪين جي خلاف حملو ڪرڻ چاهن ٿيون.
هن چيو ته اسلامڪ اسٽيٽ گروپ، جنهن کي داعش جي نالي سان به ڄاتو ويندو آهي، ’’القاعده ۽ آئي ايس آئي ايس کان متاثر ٿيندڙ خطرا اڃان به موجود آهن’’.
اسلامڪ اسٽيٽ
تازي عرصي دوران آئي ايس خاص طور تي سخت متاثر ٿي آهي، جيڪا گزريل 12 مهينن دوران پنهنجي ٻن اميرن کان محروم ٿي چڪي آهي. ابو إبراهيم الهاشمي القريشي گزريل فيبروريءَ ۾ اتر اولهه شام ۾ آمريڪي اسپيشل فورسز جي ڇاپي جي دوران ماريو ويو هو ۽ ابو الحسن الهاشمي القريشي گزريل آڪٽوبر ۾ هڪ اپريشن ۾ هلاڪ ٿيو.
انهن ٻنهين هلاڪتن جي وچين عرصي دوران شام ۽ عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي شراڪت دار فوج سان گڏ ترڪيءَ جهڙن اتحادين آئي ايس جي ڏهن سينئر رهنمائن کي هلاڪ يا گرفتار ڪري ورتو.
ليڪن ائين ٿو لڳي ته آئي ايس جي خلاف انهن ڪاميابين تنظيم ۽ ان سان وابسته ماڻهن جي مجموعي جوش ۽ جذبي ۾ ڪمي آندي آهي.
ابي زيد چيو ته ’’آئي ايس آئي ايس دراصل هڪ تمام گهڻو متحرڪ گروپ آهي جنهن جي قيادت عراق ۽ شام ۾ آهي. اهي نه صرف پنهنجي علائقائي سالميت بلڪه پنهنجي خراب شهرت ۽ برانڊ جي واڌاري ۽ اولهه جي خلاف حملن ۾ دلچسپي رکندا آهن’’.
هن چيو ته اسان آفريقي کنڊ ۾ آئي ايس آئي ايس جي واڌ کي ڏسي رهيا آهيون. اسان افغانستان ۾ داعش خراسان جا ارادا ڏسي رهيا آهيون جيڪي ان (افغانستان) جي علائقي کان اڳتي وڌي سگهن ٿا
القاعده
هڪ حد تائين القاعده کي به شديد چوٽ لڳي چڪي آهي. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم آگسٽ ۾ ڪابل ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ ان جي ديرينه رهنما، ايمن الظواهريءَ جي هلاڪت هئي.
ابي زيد چيو ته ’’ظواهري ان نيٽ ورڪ جي لاءِ ڪشش جو مرڪز هو. هو علامتي طور تي به اهم هو. ليڪن حڪمت عمليءَ جي طور تي به تنظيم سان وابسته ادارن جي متنوع نيٽ ورڪ جي لاءِ اهم هيو’’.
ايران
ابي زيد چيو آهي ته آئي ايس ۽ القاعده کان علاوه ايران ۽ ان جا ’پراڪسيز’ جيڪي مشرق وسطي ۽ ايسيتائين جو افغانستان ۾ به سرگرم آهن، دهشت گرد حملي ڪرڻ جي رضامنديءَ ۾ پهرئين کان وڌيڪ آماده آهن.
اين سي ٽي سي جي ڊائريڪٽر چيو ته ’’مان ملڪ کان ٻاهر دهشت گردانه حملا ڪرڻ ۾ ايران جي دلچسپيءَ کي سڀ کان حيران ڪن پيش رفت جي طور تي بيان ڪندس. مون کي جيڪو نظر اچي رهيو اهو انتهائي بي خوف ايراني خطري جو نيٽ ورڪ آهي، جيڪو بين القوامي سطح تي ۽ خطي ۾ حملن جا رستا تلاش ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي’’.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن لبناني حزب الله جهڙا ڪجهه ايراني ’پراڪسي’، گهڻو آواز اٿاري رهيا آهن، هي رڳو ڪنهن هڪ جي ’پراڪسي جنگ’ ناهي.
ڪرسٽين ابي زيد آمريڪا جي قومي سلامتيءَ جي اڳوڻي صلاح ڪار، سفير جان بولٽن کي قتل ڪرڻ جي ايراني سازش ڏانهن ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته حقيقي تشويش جو باعث اهو آهي ته اسان وٽ ان ڳالهه جون شهادتون موجود آهن ته انهن آمريڪا جي اندر پنهنجي ان مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
(رپورٽ جيف سيلڊن، وائس آف آمريڪا)