ڪيناڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جا رهنما اڱاري ڏينهن ميڪسيڪو سٽيءَ ۾ هڪ سربراه اجلاس ڪري رهيا آهن جنهن جي باري ۾ وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ’’اجلاس خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ اقتصادي تعاون تي ڌيان ڏيندو’’.
ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو، ميڪسيڪو جي صدر آندري مينوئيل لوپيز اوبراڊور ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي ٽه ڌري اجلاس کان پوءِ هڪ وڌيڪ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ آمريڪا ۽ ڪيناڊا جا عمل دار موسمياتي تبديليءَ متعلق معاملن سان نبرڻ جي لاءِ ۽ يوڪرين ۾ روسي حملي جي خلاف ۽ لڙائيءَ ۾ يوڪرين جي مدد جي طريقن تي گفتگو ڪندا.
سومر ڏينهن آمريڪا ۽ ميڪسيڪو وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ هجرت، موسمياتي تبديلي، واپار ۽ مينوفيڪچرنگ جا مسئلا نمايان رهيا جڏهن ته ميزبان اوپراڊور براعظم جي لاءِ وڌيڪ اقتصادي ۽ سماجي وسيلن جي ڳانڍاپي تي زور ڏنو.
سومر جي رات اعلي سطحي وفدن سان گڏ ٻنهين رهنمائن جي ٻه طرفي اجلاس ۾ لوپيز اوبراڊور صدر بائيڊن کي مخاطب ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته توهان انسانيت نواز ۽ اعلي خيال جا حامل صدر آهيو ۽ اسان جي براعظم ۾ اقتصادي ۽ سماجي وسيلن جي ڳانڍاپي جي ڪنهن نئين پاليسيءَ جي ابتدا جي لاءِ حالتون واقعي ان کان بهتر نه ٿيون ٿي سگهن.
وائيٽ هائوس چيو آهي ته اها ڳالهه ٻولهه پيچيده هئي. قومي سلامتيءَ جي صلاح ڪار جيڪ سليوان ميڪسيڪو سٽيءَ ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته سندن وچ ۾ گفتگو ٿي جيڪا بند دروازن جي پويان ئي بهترين طريقي سان ٿيندي آهي. ليڪن صدر يقيني طور تي هتي پنهنجي اقتصادي ايجنڊا جي هڪ اهم حصي کي گڏ کڻي آيا آهن.
سليوان اهو به چيو ته هن اڳواڻ اجلاس جو هڪ ذاتي عنصر به آهي جنهن کي ٽه ڌري غير رسمي سربراه اجلاس سڏيو ويندو آهي.
سومر جي ڏينهن سليوان ميڪسيڪو سٽيءَ ۾ اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته هيءُ دورو صدر بائيڊن جي لاءِ لوپيز اوبراڊور ۽ وزير اعظم ٽروڊو سان پنهنجي ذاتي ناتن کي سگهارو ڪرڻ جي سٺو موقعو آهي.