رسائی کے لنکس

لاهور هائي ڪورٽ پي ٽي آءِ کي 19 مارچ واري جلسي کان روڪي ڇڏيو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

لاهور هائي ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي آچر جي ڏينھن مينارِ پاڪستان تي جلسو ڪرڻ کان روڪيندي جلسي جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

لاهور هائي ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ خميص ڏينھن زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن خلاف پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوھدري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پنجاب پوليس جو انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) ۽ صوبي جو ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ حاضر ٿيا.

ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته ’’سڄيءَ قوم کي مصيبت ۾ وجھي ڇڏيو اَٿو. قوم جي حيثيت ۾ اسان جي ڏاڍي بي عزتي ٿي رھي آھي’’.

عدالت گذريل ٻن ڏينهن دوران پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت کي جلسي جي تاريخ اڳتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان 19 مارچ تي مينارِ پاڪستان گرائونڊ ۾ جلسي جو اعلان ڪيو هو. ان حوالي سان انتظاميه کي اجازت نامو جاري ڪرڻ جي درخواست پڻ جمع ڪرائي وئي آهي.

واضح رهي ته 19 مارچ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو فائنل ميچ به ٿيڻو آھي.

عمران خان جي وارنٽ واري معاملي تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته "مون کي ته ان سڄي معاملي ۾ ڪو مسئلو نظر نه ٿو اچي. سڀ ڪجھ قانون ۾ آهي پر ڪو قانون کي پڙهي نٿو. ٻنهي پاسن کان نظام کي معطل ڪري ڇڏيو ويو آهي’’.

جج رمارڪس ڏيندي چيو ته مسئلو وارنٽ جو آهي. ڪڏهن لاهور هائي ڪورٽ ٿا اچن ته ڪڏهن اسلام آباد هائي ڪورٽ ڏانهن رجوع ٿا ڪن. اوهان کي خبر ئي ناهي ته وڃڻو ڪيڏانهن آھي. قانون تي عمل ڪرڻو آهي ۽ قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي.

واضح رهي ته اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي کيس 18 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالتي حڪم جي پيروي ڪندي اسلام آباد پوليس اڱاري جي ڏينهن عمران خان جي زمان پارڪ واري گھر پهتي ھئي، پر ٻن ڏينهن جي جاکوڙ جي باوجود پوليس عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.

لاهور هائي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته لاهور هائي ڪورٽ يا اسلام آباد هائي ڪورٽ گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرڻ کان ناهي روڪيو.

ان تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل چيو ته هاڻي ان ٻڌڻي جي ضرورت ناهي، رڳو سيڪيورٽي جي ڳالھ ٿي سگهي ٿي.

ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت زمان پارڪ ۾ پوليس ڪاروائي خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي جمعي جي ڏينھن صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻيءَ کان پوءِ درخواست گذار فواد چوھدري پنهنجي ھڪ ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته لاهور هائي ڪورٽ زمان پارڪ ۾ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ جمعي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ان کان اڳ لاھور هائي ڪورٽ پوليس کي خميص جي صبح تائين زمان پارڪ ٻاهران ڪاروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران ان معاملي تي گهڻو بحث نه ڪيو ويو.

فواد چوھدريءَ ٻڌايو آهي ته عدالت پنجاب جي چيف سيڪريٽريءَ ۽ آءِ جي کي چيو آھي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ويهي انھن معاملن کي صلاح مشوري سان حل ڪيو وڃي.

(ضيا الرحمان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG