رسائی کے لنکس

آمريڪا؛ نسلي آزاديءَ جي علامت لنڪن ميموريل 100 سالن جو ٿي ويو


لنڪن ميموريل تي صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن جو فيملي فوٽو (فائيل فوٽو)
لنڪن ميموريل تي صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن جو فيملي فوٽو (فائيل فوٽو)

آمريڪي گاديءَ واري شهرواشنگٽن ڊي سي ۾ واقع تفريح گاه نيشنل مال ۾ قائم ڪيترا ئي عجائب گهر ۽ يادگار سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائن ٿا. ان ۾ لنڪن ميموريل به شامل آهي. هيءُ يادگار آمريڪا جي سورهين صدر ابراهم لنڪن جي خدمتن جي اعتراف ۾ تعمير ڪيو ويو آهي،جن 1861 کان 1865 تائين ملڪ جي قيادت ڪئي ۽ ملڪ ۾ غلاميءَ جي خاتمي جي سلسلي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون.

لنڪن جو دور آمريڪي تاريخ جو مشڪل ترين دور هو. هيءُ اهو وقت هو جڏهن ملڪ جي ڏکڻ جي يارهن رياستن غلاميءَ جي مسئلي تي اختلاف ڪندي رياست متحده آمريڪا کان عليحدگي اختيار ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ خانه جنگي شروي ٿي وئي هئي.

لنڪن ميموريل خانه جنگيءَ جي خاتمي کان لڳ ڀڳ 50 سالن کان پوءِ ان وقت ٺاهيو ويو جڏهن خانه جنگيءِ جي ڪري تقسيم جي شدت ۾ ڪمي آئي، ليڪن نسل پرستيءَ جي ورڇ ڪنهن نه ڪنهن سطح تي اڄ به برقرار آهي.

لنڪن ميموريل کي ڏسڻ لاءِ هر سال لکين سياح ايندا آهن.

يادگار جو ٻاهريون حصو مشهور قبل از تاريخ يوناني عبادت گاه پارٿينين سان مشابهت رکندو آهي. عمارت جي اندر هڪ چبوتري تي ابراهم لنڪن جو 6 ميٽر بلند سنگ مرمر جو مجسمو نصب ٿيل آهي.

پنسلوانيا جي رياست سان تعلق رکندڙ ڪاليج جي هڪ نياڻيءَ هنا ويگنر جو چوڻ آهي ته لنڪن هڪ بي مثال صدر هو. مان انهن سڀني ڪمن کي قدر جي نگاه ڏسندي آهيان جيڪي لنڪن ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيا.

روزويلٽ هائوس پبلڪ پاليسي انسٽي ٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ۽ لنڪن تي تحقيق ڪندڙ اسڪالر هيرالڊ بولزر چيو آهي ته لنڪن جي مشهور تقريرن جا اقتسابات يادگار جي ڀتين تي اڪريل آهن، جن ۾ گيٽيز برگ جو اهو مشهورخطاب به شامل آهي، جيڪو انهن خانه جنگي جي دوران ٿيڻ واري سڀ کان وڏي لڙائيءَ جي هنڌ تي ڪيو هو.

نيشنل مال تي واقع لنڪن ميموريل
نيشنل مال تي واقع لنڪن ميموريل

هن ٻڌايو ته انهن اقتسابات ۾ ٻئي هڪ سالانه صدارتي خطاب جا جملا به شامل آهن جنهن ۾ هن غلاميءَ کي قومي ڏوه قرار ڏيندي ان کي خانه جنگيءَ جو سبب قرار ڏنو هو. هن پنهنجيءَ تقرير ۾ قوم کي چيو هو ته هڪ ٻئي سان ڀلائيءَ سان پيش اچو.

واشنگٽن ۾ نيشنل مال ۽ ميموريل پارڪس جي ترجمان، مائيڪ ليٽرسٽ چيو آهي ته يادگار اندر خاموشيءَ جو پيغام ڏيندڙ لهجو هن عظيم شخص جي تعظيم جي علامت آهي، جيڪا ايترن سالن کان پوءِ به قائم آهي.

گهانا کان ايندڙ هڪ سياح ايڊجو ڪوٽيءَ چيو ته صدر لنڪن منهنجي لاءِ هيرو هيا ڇو ته هنن ڪيترن ئي سياه فامن کي آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي هئي.

تاريخ دان، ايڊنا گرين ميڊ فورڊ وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته اگرچه لنڪن ملڪ ۾ غلاميءَ جي خاتمي جو در کوليو، ليڪن هن کان علاوه ڪيترن ئي افريقي آمريڪن به پنهنجي آزاديءَ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪيو هو.

لنڪن ميموريل جي تعمير 1914 ۾ شروع ٿي ۽ ان جو افتتاح 30مئي 1922 ۾ ڪيو ويو. مگر غلاميءَ جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري ان عظيم شخصيت سان منسوب يادگار جي افتتاحي تقريب ۾ نسلي تفريق جي جهلڪ نمايان طور تي نظر آئي. ان تقريب ۾ ڪنهن به سياه فام کي اڳين نشستن تي وهڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هنن کي پويان وارين انهن نشستن تي وهاريو ويو جيڪي سياه فامن جي لاءَ مقرر ٿيل هيون.

لنڪن جو شاندار مجسمو
لنڪن جو شاندار مجسمو

هن تقريب جو اڪيلو سياو فام مقرر، ٽسڪيگي انسٽي ٽيوٽ جو صدر رابرٽ روسا هو مگر کيس پنهنجي تقرير سينسر ڪرڻي پئي.

ليڪن ان ڏينهن کان پوءِ لنڪن ميموريل شهري حقوق جي تحريڪن ۽ مظاهرن جي لاءِ نمايان ڪم ڪيو.

مشهور واقعن منجهان هڪ واقعو سياه فام گلوڪاره ماريان اينڊرسن جو آهي. هوءَ ميمويل جي ويجهو هڪ هنڌ تي عوامي پرفارمنس ڪرڻ گهري پئي. ليڪن هن کي اتي پنهنجيءَ تقريب ڪرڻ بجاءِ ميموريل جي سامهون پرفارمنس جي اجازت ڏني وئي. هيءَ تقريب ان ڪري به يادگار هئي جو ماريان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ستر هزار کان مٿي مجمعو ڪٺو ٿيو.

اهڙي ئي قسم جو هڪ مشهور واقعو آگسٽ 1963 ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي پاران مارچ جي دوران پيش آيو. هنن پنهنجي مشهور تقرير منهنجو هڪ خواب آهي انهيءَ ئي ميموريل جي احاطي ۾ ڪئي هئي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پورا هڪ سو سال اڳ 1863 ۾ ابراهم لنڪن آزاديءَ جو اعلان جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته باغي رياستن ۾ غلام رکيل سمورا ماڻهو اڄ کان آزاد آهن ۽ آزاد رهندا.

XS
SM
MD
LG