سنڌ ۾ بلدياتي انتخابات جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچيءَ، حيدرآباد سميت 16 ضلعن ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، ليڪن سڀ کان وڌيڪ اهميت سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ جي چونڊن کي حاصل آهي.
ڪراچيءَ جي بلدياتي انتخابات ۾ حصو وٺڻ وارين سياسي جماعتن پنهنهي پنهنجي برتريءَ جي دعوا ڪئي آهي.
سنڌ ۾ حڪمران پيپلز پارٽيءَ جي رهنما ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته انتخابي نتيجن جو سلسلو جاري آهي، جن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرسي نظر اچي رهي آهي.
خانگي نشرياتي اداري، ’جيو نيوز’ سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊن جي منعقد ڪرڻ متعلق مونجهاري جي باوجود ’ٽرن آئوٽ’ سٺو رهيو.
ٻئي پاسي، پيپلز پارٽيءَ هي رهنما تيمور ٽالپر به دعوا ڪئي ته ميئر پيپلز پارٽيءَ جو هوندو.
جماعت اسلامي به ڪراچيءَ ۾ برتريءَ جي دعوا ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي جي ڪراچيءَ جي امير ۽ ميئر جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلز ۾ برتري حاصل ڪري چڪي آهي.
هن چيو ته وسطي، شرقي ۽ ڪورنگيءَ جي ضلعن مان جماعت اسلاميءَ ڀاري اڪثريت سان کٽيو آهي.
هوڏانهن تحريڪ انصاف جا رهنما به ڪاميابيءَ جا دعوا ڪري رهيا آهن. پي ٽي آئي جي رهنما خرم شير زمان چيو آهي ته پي ٽي آئي جو اصل مقابلو جماعت اسلاميءَ سان آهي. هن صوبي جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽيءَ تي دانڌليءَ ڪرڻ جا الزام به لڳايا.
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ پي ٽي آئي جي رهنما عمران اسماعيل چيو آهي ته سندس پارٽي ڪراچيءَ جون بلدياتي چونڊون کٽي چڪي آهي.
بلدياتي انتخابات مان ڪراچيءَ کي فائدو نه ٿيندو، ايم ڪيو ايم
تازو متحده قومي موومنٽ ۾ شامل ٿيڻ واري مصطفي ڪمال چيو آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ ’ٽرن آئوٽ’ پنجن کان ست في صد کان وڌيڪ نه هيو. ’جيو نيوز’ سان گفتگو ڪندي، هن چيو ته ’ٽرن آئوٽ’ چونڊن متعلق ايم ڪيو ايم جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
هن چيو ته حلقا بنديون ڪندي ڪراچيءَ جون 70 يونين ڪائونسلز گهٽائيون ويون ۽ پيپلز پارٽيءَ تسليم ڪيو ته 53 يو سيز اڃان وڌڻ کپن.
هن چيو ته جيڪڏنهن وفاقي حڪومت کان ٻاهر نڪري وڃجي ها ته ڊالر ڪاڏي وڃي ها، جن 10 ارب ڊالر جا وعدا ڪيا ويا آهن انهن جو ڇا ٿئي ها؟ هن چيو ته حڪومت ڇڏڻ جو مسئلو ناهي، پاڪستان جو مسئلو آهي.
مصطفي ڪمال چيو ته هنن چونڊن جي ڪا اهميت ڪانهي ۽ اهي ڪراچيءَ جي عوام کي ڪو فائدو نه پهچائي سگهنديون.
ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري
سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پولنگ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي جڏهن ته مڪاني ميڊيا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا نشر ڪرڻ شروع ڪيا آهن.
مڪاني مقڊيا جي مطابق، اليڪشن ڪميشن ڪن پولنگ اسٽيشنن ۾ پولنگ جي وقت ۾ اضافو ڪيو.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي 16 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊن جي لاءِ آچر جي ڏينهن پولنگ ٿي ۽ شام جو پنجين وڳي پولنگ جو وقت پورو ٿيو. پولنگ دوران ڪن علائقن ۾ بد انتظامي ۽ دانڌليءَ جا الزام به عائد ڪيا ويا. صبح اٺين وڳي کان شروع ٿيندڙ پولنگ جو عمل بغير ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهيو.
آچر ڏينهن جي هفتيوار موڪل جي ڪري صبح جي وقت پولنگ اسٽيشنن تي گهما گهمي گهٽ رهي، جڏهن ته منجهند جو سياسي جماعتن جي ڪيمپن ۽ پولنگ اسٽيشنن ۾ ووٽر رائي ڏيڻ جو حق استعمال ڪرڻ جي لاءِ ڪٺا ٿيڻ شروع ٿيا. ڪراچيءَ ۾ هلندڙ هفتي موسم به شديد سرد آهي جنهن جي ڪري شهرين جي پولنگ جي لاءِ ٻاهر نه نڪرڻ جو هڪ سبب قرار ڏنو، جڏهن ته متحده قومي موومنٽ اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو.
ڪراچيءَ جي بلدياتي انتخابات ۾ تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ پيپلز پارٽي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، تحريڪ انصاف ۽ جماعت إسلامي ميدان ۾ لٿا.
اليڪشن ڪميشن جي مطابق، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي 16 ضلعن ۾ مجموعي طور تي ووٽرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 32 لک 83 هزار 696 آهي.
ڪن سياسي جماعتن پولنگ دير سان شروع ٿيڻ جي دعوا ڪندي مطالبو ڪيو هو ته پولنگ جو عمل شام ستين وڳي تائين وڌايو وڃي، ليڪن اليڪشن ڪميشن مقرر وقت تي پولنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.