نوبيل انعام جي حامل پاڪستاني، ملاله يوسفزئي اڄ ڪلهه پنهنجي ياد داشتن کي ڪتاب جي شڪل ڏيڻ ۾ مصروف آهي.
نياڻين جي تعليم جي لاءِ ڪم ڪرڻ واري ملاله يوسفزئي جي هن نئين ڪتاب جو اعلان پبلشنگ گروپ ’سائمن اينڊ شوسٽر’ جي ’ايٽريا بڪس’ جي پاران سومر ڏينهن ڪيو.
هن ڪتاب ۾ ڇا هوندو، ان جو عنوان ڪهڙو هوندو ۽ هي ڪتاب ڪيسيتائين ڇپجي ويندو؟ ان باري ۾ اڃان تائين ڪجهه نه ٻڌايو ويو آهي.
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، ايٽريا جي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ 25 سالن جي ملاله يوسفزئي چيو آهي ته سندس زندگيءَ جي پوين ڪجهه سالن دوران غير معمولي تبديليون ۽ ترقيءَ سان گڏ ملڻ وارين ڳڻتين ۽ خوشين سان ڀرپور آهي، جيڪي سندس ذهن ۾ نقش آهن.
سندس چواڻي، ’’اهو منهنجو هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ ذاتي ڪتاب هوندو ۽ مون کي اميد آهي ته پڙهندڙن کي منهنجي آتم ڪهاڻي ۾ سڃاڻپ، يقين ۽ بصيرت نظر ايندي’’.
هوڏانهن ايٽريا ان نئين ڪتاب کي چڱ ڀلائيءَ ڏانهن واپسي ۽ سڃاڻپ جي تلاش جي حيرت انگيز ڪهاڻي چيو آهي ۽ اهو ڪتاب عوامي ڌيان ڇڪائڻ جي قابل هوندو، پنهنجي تلاش ۽ اڄ جي منهنجي حياتيءَ تي ويجهي نظر قرار ڏنو آهي.
ان کان اڳ، ملاله يوسفزئي ’I am Malala: The Story of the Girl Who Stood up for Education and Was Shot by the ’Taliban ڪتاب لکيو هو جيڪو 2013 ۾ شائع ٿيو هو.
ان ڪتاب کان هڪ سال پوءِ، يعني 2014 ۾ کيس 17 سالن جي عمر ۾ امن جو نوبيل انعام سان نوازيو ويو هو.
ملاله آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ آهي ۽ هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ منيجر عصر ملڪ سان شادي ڪئي آهي. سندس پراڊڪشن ڪمپني ’ايڪسٽرا ڪريڪيولر’ جو ’ايپل ٽي وي پلس’ سان گڏ فلم ۽ ٽيلي ويزن پراجيڪٽس جي هڪ وسيع رينج جي لاءِ معاهدو به آهي.
ملاله يوسفزئي نياڻي جي تعليم کي روڪڻ جي طالبان جي پيش ڪيل نظريات جي خلاف مسلسل آواز بلند ڪندي رهي آهي. هن کي تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سال 2012 ۾ پاڪستان جي شهر سوات ۾ اسڪول مان گهر ايندي گولي ماري هئي.
(هن خبر ۾ شامل معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)