سعودي عرب ۾ کيڏيل چئن ملڪن جي وومينز فٽ بال ٽورنامنٽ جي فائينل ۾ پاڪستان جي ڪپتان، ماريه خان ميچ جي پنجهٺوين منٽ تي گول ڪري نه صرف راند جي شوقينن کي حيران ڪيو، بلڪه ميزبان ٽيم جي خلاف ميچ ڊرا ڪرائي ڇڏيو.
خميص جي رات کيڏيل ان ميچ جي پڄاڻي ته هڪ هڪ گول تان برابر رهي، ليڪن پوائنٽس ٽيبل تي وڌيڪ پوائنٽن جي بنياد تي ميزبان ٽيم کي چمپئين قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پاڪستان ٻي پوزيشن حاصل ڪئي.
پاڪستان جي وومينز ٽيم جي لاءِ سندس ڪارڪردگي ڪنهن ڪارنامي کان گهٽ ناهي، گرين شرٽس مينز ۽ وومينز ٽيم تمام گهٽ ڪنهن ٽورنامنٽ ۾ جڳه بڻائي آهي. ليڪن ماريه خان جي گول جي سڄيءَ دنيا ۾ ڌم متل آهي.
ان گول جي خاص ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني ڪپتان فري ڪڪ تي ڪنهن رانديگر کي پاس ڏيڻ جي بجاءِ پري کان بال سڌو گول ۾ اڇلايو، جنهن کان پوءِ اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائين اچرج ۾ اچي، بيهي گهڻيءَ دير تائين تاڙيون وڄايون.
ماريه خان جي هن گول جي وڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ٿي ته جلد ئي وائرل ٿي وئي.
پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف به ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ ماريه خان جو نالو وٺي گول کي ساراهيو ۽ پاڪستاني ٽيم کي ٻي پوزيشن ملڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون.
ماريه خان ڪير آهي؟
پاڪستان وومينز فٽ بال ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار رانديگر ماريه خان نه صرف هڪ پروفيشنل بالر آهي بلڪه ان جو تعلق خيبر پختونخوا صوبي جي ان اسپورٽس گهراڻي سان آهي جنهن ۾ چمپئن پيدا ٿيندا رهيا آهن.
هوءَ پاڪستان جي پهرئين اسڪواش ليجينڊ، هاشم خان جي پوٽي آهي جنهن 50 جي ڏهاڪي ۾ ست ڀيرا برٽش اوپن ٽينس چمپئن شپ جو ٽائيٽل کٽيو هو. ان لحاظ کان، اسڪواش جو سڀ کان ڪامياب رانديگر جهانگير خان به سندس پري جو مائٽ آهي.
ايڪيهن سالن جي ماريه خان آمريڪا ۾ پيدا ٿي ۽ اتي ئي پلي ۽ نپني. هن فٽ بال جي ڪيريئر جو آغاز 2009 ۾ ’ڊينور پايو نيئرز’ جي گول ڪيپر جي طور تي ڪيو. ليڪن چار سال پوءِ جڏهن هوءَ ماسٽرز ڊگري وٺڻ جي لاءِ متحده عرب امارات وئي ته اتي مڪاني ٽيم جي نمائندگي ڪندي مڊ فيلڊر جي پوزيشن تي پهتي.
انهيءَ ئي پوزيشن ته هن 2018 ۾ پاڪستان ۾ کيڏيل نيشنل وومينز فٽ بال چيپئن شپ ۾ واپڊا جي نمائندگي ڪئي. گزريل سال کيس حاجره خان جي جاءِ تي پاڪستان فٽ بال ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. تڏهن کان وٺي هينئر تائين انهيءَ ئي پوزيشن ۾ پنهنجو بين الاقوامي ليول جو تجربو رانديگر ساٿين سان شيئر ڪري رهي آهي.
ماريه جي گول جي دنيا ۾ ڌم متل آهي
سعودي عرب جي خلاف ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي جتي ماريه خان کي ’پليئر آف دي ميچ’ جو ايوارڊ ڏنو ويو، اتي سموري دنيا ۾ سندس گول جي ڌم مچي چڪي آهي.
فٽ بال جي عالمي تنظيم، ’فيفا’ پنهنجي سوشل ميڊيا تي سعودي عرب جي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي پاڪستان وومينز فٽ بال ٽيم جي انٽرنيشنل ليول تي واپسيءَ کي به ساراهيو آهي.
پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽر ۽ ڪمينٽيٽر، عروج ممتاز به ان شاندار گول تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ’ماريه خان شان دار’.
(عمير علويءَ جي رپورٽ)