رسائی کے لنکس

مريخ تي ’مارز روور’ جو پهرئين ’واچوئڙي’ جو مشاهدو


مريخ تي ’مارز روور’ خلائي جهاز بيٺل آهي. 13 ڊسمبر 2022.
مريخ تي ’مارز روور’ خلائي جهاز بيٺل آهي. 13 ڊسمبر 2022.

ناسا جي تيار ڪيل خلائي گاڏيءَ ’مارز روور’ مريخ تي ’واچوئڙي’، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ’ڊسٽ ڊيول’ چيو ويندو آهي، جو پهريون ڀيرو مشاهدو ڪيو. هيءَ خصوصي گاڏي مريخ جي سطح تي لاٿي وئي آهي جيڪا مريخ جي سطح ۽ فضا جي باري ۾ زميني مرڪز کي سائنسي معلومات فراهم ڪري رهي آهي.

مارز روور جو مائيڪروفون ان وقت ’آن’ هو جڏهن اهو واچوئڙو روور جي مٿان گزريو. خلائي جهاز واچوئڙي جي آواز کي رڪارڊ به ڪيو.

چاليهه ميلن جي رفتار سان هلڻ واري ان واچوئڙي جو آواز رڪارڊ ڪرڻ ۾ صرف ڏهه سيڪنڊ لڳا. هن رڪارڊنگ ۾ ’پرسويئرينس’ نالي جي خلائي گاڏيءَ مٿان ڌوڙ ۽ پٿريلا ذره ٽڪرائڻ جو آواز ٻڌي سگهجي ٿو.

اڱاري ڏينهن سائنس دانن پنهنجي نوعيت جي هيءَ پهرين رڪارڊنگ جاري ڪئي آهي.

خبررسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس (اي پي) جي مطابق، هن واچوئڙي جو آواز زمين تي ايندڙ واچوئڙن جهڙو ئي آهي. اگرچه هي آواز زمين جي ساڳي آواز جي ڀيٽ ۾ ڪجهه جهڪو آهي، ڇو ته مريخ جي فضا زمين جي مقابلي ۾ هلڪي آهي.

محققن جو چوڻ آهي ته مريخ جي هلڪي فضا جي ڪري سياري ۾ هوا جو دٻاءُ به زمين کان گهٽ آهي ۽ هوا مان پيدا ٿيندڙ آواز به ڪنهن حد تائين هيٺائون هوندو آهي.

هوائي واچوئڙي جي گزرڻ جو واقعو پوئين سال ٿيوهو ۽ ’يونيورسٽي آف ٽولوز’ جي نائومي مرڊوخ جي مطابق، هي واچوئڙو تيزيءَ سان مريخ تي موڪليل روور جي مٿان گزريو ان جي ڪري آڊيو ٿورڙي دير ۾ پوري ٿي وئي.

’نائومي نيچر ڪميونيڪيشنز’ ۾ شائع ٿيندڙ تحقيق جي اهم ميمبر، نائومي چيو آهي ته واچوئڙي جو هيءُ مختصر سفر مڪمل طور تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ’روور’ جي موسم جي معائنو ڪرڻ واري ڪيمرا اهو ڊيٽا ڪٺو ڪيو آهي.

ڳاڙهي سياري تي اهڙا واچوئڙا عام آهن ۽ رڪارڊ ڪيل اهو واچوئڙو 400 فٽ اوچو ۽ 80 فٽ ويڪرو هو، جيڪو 16 فٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان لڳي رهيو هو.

مارز روور جو مائڪروفون روزانو ڏينهن ۾ ٽن منٽن جي لاءِ کوليو ويندو آهي ۽ اهو محض هڪ اتفاق آهي جو ان وقت اهو واچوئڙو خلائي جهاز جي مٿان گزري رهيو هو.

نائوميءَ ٻڌايو ته ان مائڪروفون جي رڪارڊنگ مان سائنس دانن کي مريخ جي فضا جو معائنو ڪرڻ جو موقعو ميسر آيو آهي.

(هن رپورٽ جي لاءِ مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG