رسائی کے لنکس

موسمياتي تبديليءَ جا اگرا اثر، گيٽس فائونڊيشن پاران ننڍن ڪڙمين جي لاءِ هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي امداد


شرم الشيخ، مصر
شرم الشيخ، مصر

مصر ۾ آب و هوا جي تبديليءَ متعلق ٿيڻ واري بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شديد موسمن جي ڪري تباه ڪارين ۽ نقصان کان متاثر ننڍن ڪڙمين جي مدد جي لاءِ ’بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن’ هڪ ارب ۽ 40 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.

اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته صحارا آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ننڍن هارين نارين کي پنهنجي ڪم ۾ بهتري آڻڻ ۽ غذائي تحفظ کي بهتر بنائڻ جي معاملي ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي.گيٽس فائونڊيشن جي امداد جو هيءُ وعدو شرم الشيخ ۾ منعقد موسمياتي تبديليءَ جي بين الاقوامي اجلاس جي هڪ اعلان ۾ ڪيو ويو.

گڏيل قومن جي اداري گزريل هفتي چيو هو ته دنيا هن وقت غريب ملڪن کي ’گلوبل وارمنگ’ جي اثرات سان نبرڻ جي لاءِ ڪافي امداد نه ٿي ڏني وڃي. عالمي اداري چيو ته 2030 تائين سالانه مالي امداد جي ضرورت 340 ارب ڊالر هوندي.

فائونڊيشن چيو آهي ته ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهو خوراڪ ۽ آمدنيءَ جي لاءِ ننڍي پيماني تي ٿيندڙ کيتيءَ تي انحصار ڪن ٿا، جڏهن ته هنن کي آب و هوا جي تبديلين جي نوعيت جي اثرات سان نبرڻ ۾ مدد جي لاءِ عالمي آب و هوا جي لاءِ ميسر رقمن منجهان صرف ٻه في صد ڏنيون وڃن ٿيون.

بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته موسمياتي بحران هر نئين ڏينهن سان تمام گهڻي تباهي آڻي رهيو آهي ڇو ته دنيا جي سمورن خطن جي ماڻهن ۽ معيشتن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي.

گيٽس چيو ته هن ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ وڌيڪ مالي وسيلا ضروري آهن ته ڪمزور طبقن کي جديد زرعي ۽ ٽيڪنيڪي طريقا ۽ آلات فراهم ٿين ته جيئن اهي بدلجندڙ موسمي حالتن ۽ انهن جي ڪري ٿيڻ واري تباهيءَ سان نبري سگهن ۽ پاڻ کي نئين ضرورتن مطابق ڍالي زندگيون بچائي سگهن ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ واڌرو آڻي سگهن.

فائونڊيشن چيو آهي ته ان جو منصوبو اهو آهي ته ان فنڊنگ کي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ وارن سمارٽ زرعي منصوبن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي نئين ايپليڪيشنز ۽ ٻين جديد طريقن سان ۽ خاص طور تي عورتن جي سنڀال هيٺ هلندڙ ٻني ٻارن جي مدد جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

ان جو چوڻ آهي ته ترقي پذير ملڪن ۾ زرعي افرادي قوت ۾ عورتن جو حصو 43 في صد آهي، ليڪن اهي صنفي عدم مساوات جون شڪار آهن ۽ مردن جي ڀيٽ ۾ معاوضي، حقن ۽ تعليم تائين انهن جي رسائي نالي ماتر ئي آهي.

فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين، ملينڊا فرنچ گيٽس چيو آهي ته آفريقا جي ٻهراڙيءَ ۾ عورتون اناج اپائڻ جي معاملي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ليڪن ان جي باوجود انهن کي ڪڏهن به سندن وسيلن تائين مردن جي برابر رسائي حاصل ڪونهي، جن جي مدد سان اهي پنهنجون پوريون صلاحيتون استعمال ڪري سگهن يا موسمياتي خطرن سان نبرڻ جي لاءِ پنهنجي استعداد مطابق ڪم ڪري سگهن.

(هن رپورٽ جو مواد رائٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG