فرانس پاڪستان جي سيلاب زدگان جي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪندو، مفتاح اسماعيل

رليف ڪيمپ. 16 سيپٽمبر، 2022 (فائيل فوٽو)
رليف ڪيمپ. 16 سيپٽمبر، 2022 (فائيل فوٽو)

گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيل پاڪستان جي اعلي عهديدارن چيو آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ جي ڪري تباهيءَ تي قابل ذڪر رد عمل ڏئي رهي آهي ۽ فرانس جلد ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪندو. هنن ٻڌايو ته وزير اعظم شهباز شريف جمعي ڏينهن جنرل اسمبليءَ کي پنهنجي خطاب ۾ دنيا کي سيلاب جي تباه ڪارين کان آگاه ڪندو.

وائس آف آمريڪا جنرل اسمبليءَ جي ستهتروين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وزير اعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ آيل وفد ۾ شامل خزاني جي صلاح ڪار مفتاح اسماعيل، مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر ۽ اطلاعات جي وزير مريم اورنگزيب سان گفتگو ڪئي. وزير خزانه ٻڌايو ته عالمي برادريءَ ملڪ ۾ سيلاب زدگان جي بحاليءَ جي سلسلي ۾ تمام سٺو رد عمل ظاهر ڪيو آهي.

مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته سيلاب متاثرين جي امداد لاءِ هاڻي تائين آمريڪا جي طرف کان پنج ڪروڙ 50 لک ڊالر جو سامان ڏنو ويو آهي، چين ڇهه ڪروڙ ڊالر جو سامان فراهم ڪيو آهي، برطانيه، فرانس ۽ جرمنيءَ به امدادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته آسٽريليا امدادي سامان ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.

آعيزه عرفان جي رپورٽ ۾ وزير خزانه جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته فرانس جي صدر چيو آهي ته هو پاڪستان جي لاءِ بين الاقوامي ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪندو. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن جو ادارو، آئي ايم ايف ۽ عالمي بينڪ به شامل ٿيندا.

پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته دنيا پاڪستان ۾ سيلاب جي ڪري ايندڙ تباهيءَ سان نمٽڻ جي لاءِ وعدو ڪري رهي آهي. ليڪن ڏسڻو پوندو ته اها امداد ڪنهن رفتار سان پاڪستان تائين پهچي ٿي.

اطلاعات جي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنرل اسمبلي کي خطاب ۾ وزير اعظم شهباز شريف اها ڳالهه نمايان ڪندو ته جيڪي ملڪ گرين هائوس گيس جي اخراج ۾ اضافي جو باعث ناهن، ليڪن موسمياتي تبديلي انهن کي تمام گهڻو متاثر ڪري رهي آهي، تن جي مدد ڪرڻ عالمي برادري جو ڪم آهي. هن چيو ته هاڻي سوال ڪلائميٽ جسٽس جو آهي.

آمريڪا سان تعلقات تي اظهار خيال ڪندي، مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جا سڀني ملڪن سان سٺا تعلقات رهيا آهن، جڏهن ته ٻه طرفه تعلقات ۾ هيٺ مٿاهين ٿيندي رهندي آهي.

هن تحريڪ انصاف جي حڪومت تي الزام لڳايو ته ان جي چئن سالن جي دور ۾ پاڪستان کي سفارتي طور تي نقصان پهچايو. هن چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ کي گزريل چئن مهينن دوران وزير اعظم شهباز شريف محتاط طريقي سان ۽ درست رخ ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي.

XS
SM
MD
LG