رسائی کے لنکس

سرڪاري عمارت مان دهشت گردن جو قبضو ڇڏرائڻ جي ڪوشش، ٽي ٽي پيءَ سان رابطو


بنون
بنون

خيبر پختونخوا جي ضلعي بنون ۾ دهشت گرديءَ کان ڇٽڪاري (سي ٽي ڊي) جي محڪمي جي عمارت ۾ يرغمال بنايل عمل دارن کي 24 ڪلاڪ گزرڻ کان پوءِ به بازياب نه ڪرايو ويو آهي. ان حوالي سان عمل دارن چيو آهي ته افغانستان ۾ موجود بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي رهنمائن سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

وڏي وزير جي اطلاعات متعلق صلاح ڪار بيرسٽر محمد علي سيف سومر ڏينهن وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته سي ٽي ڊيءَ جي ٿاڻي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت عام ماڻهو به موجود آهن، معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.

بيرسٽر سيف چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ٿاڻي تي قبضو ختم ڪرائي يرغمالين کي بحفاظت بازياب ڪرايو وڃي. سندس بقول، ان سلسلي ۾ سرحد پار افغانسان ۾ ٽي ٽي پي رهنمائن سان رابطو ڪيو ويو آهي.

آچر ڏينهن سي ٽي ڊي جي عمارت ۾ زير حراست مبينه هٿياربندن سيڪيورٽيءَ تي تعينات عمل دارن کي يرغمال بنائي عمارت تي قبضو ڪري ورتو هو. هٿياربندن جي فائرنگ جي ڪري هڪ ڪپتان سيمت ٽي سيڪيورٽيءَ جا عمل دار زخمي ٿيا آهن.

ڪمپائونڊ تي قابض دهشت گرد افغانستان تائين حفاظت سان پرامن فضائي رستو فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

حڪومتي عمل دارن جو چوڻ آهي ته فوج جي اسپيشل سروس گروپ (سي ايس جي) ڪمانڊوز ۽ ڪوئيڪ ريسپونس فورس (ڪيو آر ايف) جا عمل دار آپريشن ۾ مصروف آهن جڏهن ته بنون ڪينٽ جي فضائي نگراني به ڪئي پئي وڃي.

مڪاني رهواسين ٻڌايو آهي ته بنون ڇاوڻيءَ جو علائقو مڪمل طور تي بند آهي ۽ هتي انٽرنيٽ سروس به معطل آهي، جڏهن ته يونيورسٽيءَ ۾ سومر ڏينهن جا امتحان منسوخ ڪيا ويا آهن.

بنونءَ جي هڪ سينئر صحافيءَ ٻڌايو آهي ته مڪاني سيڪيورٽي جي عمل دارن جي مطابق، سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ جي اندر زير حراست مبينه دهشت گردن جو تعداد لڳ ڀڳ 20 آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي وارن عمل دارن اٺن هٿياربندن کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي.

آچر ڏينهن جاري ٿيل هڪ سرڪاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هٿياربندن بنونءَ جي ڇاوڻيءَ تي حملو ڪري ڪمپائونڊ جي هڪ حصي جو ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ ڪيترن ئي سيڪيورٽي عمل دارن کي يرغمال بنايو آهي، جڏهن ته ڪمپائونڊ ۾ قيد ڪيترن ئي انتهائي مطلوب دهشت گردن کي ڇڏرايو ويو آهي.

بيرسٽر محمد علي سيف آچر ڏينهن هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سي ٽي ڊي پوليس اسٽيشن بنونءَ تي ڪنهن به حملو ناهي ڪيو. پوليس اسٽيشن ۾ ڪجهه ملزم دهشت گرديءَ جي شڪ ۾ زير حراست هيا، انهن ملزمن اسٽيشن ۾ موجود سيڪيورٽي عمل دارن کان هٿيار کسڻ جي ڪوشش ڪئي.

هوڏانهن اتر وزيرستان ۾ خودڪش ڌماڪي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا آهن جن ۾ هڪ فوجي عمل دار به شامل آهي.

فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آئي ايس پي آر) جي جاري ڪيل بيان مطابق، اتر وزيرستان جي علائقي ميران شان ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.

آئي ايس پي آر ٻڌايو آهي ته ڌماڪي ۾ ٽي ڄڻا نشانو بڻيا جن ۾ ٻه عام شهري جڏهن ته هڪ فوجي نائيڪ، عابد مارجي ويو آهي.

بيان جي مطابق، هلاڪ ٿيڻ وارو فوجي مانسهري جو رهواسي هيو.

(شميم شاهد جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG