پنجاب جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن جي باوجود 14 مئي تي اليڪشن جي صورت حال واضح ڪونهي. ان صورت حال ۾ چيف جسٽس ۽ چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان فيصلو ڏيڻ وارن ٻن ججن سان فوج جي ٻن اعليٰ عهديدارن ملاقات ڪري بريفنگ ڏني آهي.
ملڪ جي طاقت ور ترين خفيه اداري، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آءِ ايس آءِ) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ۽ فوج جي ملٽري آپريشنز جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل اويس دستگير چيف جسٽس عمر عطا بنديال سان سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ چيف جسٽس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي، جتي فوجي آفيسرن مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. ان دوران، اٽارني جنرل عثمان منصور به موجود هيو.
بريفنگ دوران فوجي آفيسرن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورت حال، دهشت گرديءَ جي خلاف ڪاروائين ۽ چونڊن ۾ فوج جي دستيابيءَ سميت مختلف معاملن متعلق آگاه ڪيو. اها ملاقات لڳ ڀڳ ٽن کان چئن ڪلاڪن تائين جاري رهي.
اطلاعن مطابق، اها ملاقات اوچتي نه هئي بلڪه اڳ ۾ ئي طئي ٿيل هئي. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڏيڻ وارن عملدارن انهن فوجي آفيسرن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ چيف جسٽس جي چيمبر تائين پهچايو.
سپريم ڪورٽ پهچڻ تي ٻنهي اعليٰ عهديدارن سان اسٽاف جا مختلف آفيسر به هيا. ليڪن انهن ٻين فوجي آفيسرن کي چيف جسٽس جي چيمبر تائين رسائي حاصل نه هئي.
فوجي عهديدارن جي سرڪاري آفيسرن سان ملاقات
ٻئي پاسي، بچاءَ واري وزارت جي ’ليگل ڊپارٽمينٽ’ جي آفيسرن اٽارني جنرل سان سندس آفيس ۾ به ملاقات ڪئي جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻي اهم ۽ وڏي ملاقات آهي.
فوجي آفيسرن جي سپريم ڪورٽ جي ججن سان ملاقات جي باري ۾ مبصرن چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ سياسي جماعتون هڪ ٻئي کان گهڻي ويڇي تي آهن ۽ ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سان گڏ عدالت جي اداري ۾ اختلاف جي دوران جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته ملڪ جي لاءِ بهتر ٿيندو.
سپريم ڪورٽ پنجاب جي عام چونڊن جي حوالي سان چوٿين اپريل تي حڪم ڏيندي وفاقي حڪومت کي 21 ارب روپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ساڳئي ئي وقت وفاقي حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جي ضرورت مطابق سيڪيورٽي فورسز مهيا ڪرڻ کي ممڪن بنائڻ جي هدايت ڪئي هئي.
حڪومت کي 16 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن ۾ مڪمل جامع پلان جمع ڪرائڻو هو، ليڪن حڪومت اهو موقف اختيار ڪري رهي آهي ته دهشت گرديءَ جي خلاف مختلف آپريشنز جي ڪري فورسز جي مدد نه ملي سگهندي.
فوجي آفيسرن سان سپريم ڪورٽ ۾ اهي ملاقاتون به 16 اپريل تي ئي ٿيون هيون.
ان باري ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي اگزيڪٽو ڪاميٽيءَ جي چيئرمين حسن رضا پاشا وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي چيو ته چيف جسٽس ڪنهن به سرڪاري آفيسر کي عدالت ۾ گهرائي سگهي ٿو ۽ اها ملاقات به سندس مرضيءَ مطابق ئي ٿي هوندي.
حسن رضا پاشا وڌيڪ چيو ته اهڙيون ملاقاتون هونئن ته سٺيون نه سمجهيون وينديون آهن، پر هن وقت ملڪ جنهن مشڪل صورت حال ۾ آهي اهڙي وقت انهن ملاقات جي ڪري جيڪڏهن ڪا بهتري اچي ٿي ته ٺيڪ آهي.
ملڪ جي سياسي بي يقينيءَ ڏانهن اشارو ڪندي، هن چيو ته سڀني مسئلن جو حل هڪ ئي ادارو ڪڍي سگهي پيو، پر اهو ادارو پوين ڪجهه عرصي کان پاڻ ئي گهڻو متنازع ٿي چڪو آهي، جنهن جي ڪري هاڻي جيڪو به ادارو ان مشڪل صورت حال جي خاتمي ۾ مدد ڪندو اهو ئي سڀني کان بهتر آهي.
سياسي پارٽين کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي، حسن رضا پاشا چيو ته سموريون جماعتون لچڪ جو مظاهرو ڪنديون تڏهن ئي حالتون ٺيڪ ٿينديون.
ججن جي وچ ۾ اختلافن جي حوالي سان هن چيو ته عام طور ’جڊيشل سال’ جي شروعات تي فل ڪورٽ اجلاس ٿيندو آهي جنهن ۾ سمورا جج ملي ايندڙ سال جو خاڪو تشڪيل ڏيندا آهن، ليڪن گزريل ٽن سالن کان وٺي اهو اجلاس نه پيو ٿئي. جيڪڏهن هاڻي فل ڪورٽ بينچ نه به ٺاهيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ فل ڪورٽ اجلاس ضرور سڏائڻ کپي.