رسائی کے لنکس

آسٽريليا جي درياهن ۾ مڇيون ڇو مري رهيون آهن؟


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

آسٽريليا جي اتر ۽ اوڀر واري علائقي ۾ گهڻي گرميءَ ۽ ٻوڏ جي سبب درياهن جي پاڻيءَ ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري لکين مڇيون مري ويون آهن، جيڪي درياه مٿان پيون آهن.

خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز جي وسنديءَ آئوٽ بيڪ جي اختياريءَ وارن مئل مڇين جي نڪ کي ساڙيندڙ بانس جي شڪايت ڪئي آهي.

قدرتي نظارن جي فوٽوگرافي ڪرڻ واري هڪ مڪاني رهواسيءَ، جيف لونيءَ ٻڌايو آهي ته اها بوءِ ايڏي ته تيز آهي جو مون کي ماسڪ پائڻو پيو. مان پنهنجي صحت جي باري ۾ فڪرمند ٿي ويو هيس ته ساڳيو ئي پاڻي اسان جي گهرن ۾ به استعمال ٿيندو آهي.

سندس مطابق، پوءِ مڪاني ماڻهن ڏسيو ته اترئين علائقي ۾ هر پاسي درياهن ۾ مئل مڇيون نظر اچي رهيون آهن.

پرائيمري انڊسٽريز جي کاتي مطابق، مڇين جي مرڻ جي ڪري ٻوڏ وارو پاڻي ختم ٿيڻ تي درياه جي پاڻيءَ ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي آهي، جڏهن ته گرم موسم جي دوران مڇين جي آڪسيجن جي گهرج وڌي ويندي آهي، جنهن سبب جي ڪري حالت گهڻي خراب ٿي وئي.

آسٽريليا جي شهر نيو سائوٿ ويلز جي ميننڊيءَ جي وسنديءَ ويجهو وهندڙ درياه
آسٽريليا جي شهر نيو سائوٿ ويلز جي ميننڊيءَ جي وسنديءَ ويجهو وهندڙ درياه

پوليس رياست هي هڪ علائقي، ميننڊيءَ ۾ وڏي پيماني تي صفائيءَ جي لاءِ امرجينسي آپريشن سينٽر قائم ڪيو آهي. رياست جي امرجينسي آپريٽر ڪنٽرول، پيٽر ٿيٽيل جي مطابق، سندس تڪڙو ڌيان رهواسين جي پاڻيءَ واپرائڻ جي ضرورتن ڏانهن ويو.

هن چيو ته پريشانيءَ جي ضرورت ڪانهي ڇو ته مڪاني ڪميونٽيءَ کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٻئي متبادل موجود آهن. رياستي ادارن آڪسيجن جي ڪميءَ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ درياه ۾ مٿان کان صاف پاڻي ڇڏڻ جي لاءِ قدم کيان آهن.

ميننڊيءَ جي هڪ رهائشيءَ چيو آهي ته علائقي ۾ شديد باس آهي ۽ هر طرف مئل مڇيون نظر اچي رهيون آهي.

تازي عرصي ۾ ڊارلنگ نالي درياه، جنهن کي باڪا درياه به سڏيو ويندو آهي، مڇين جي مرڻ جون رپورٽون سامهون آيون هيون. فيبروريءَ ۾ هتي لکين مڇين جي مرڻ جون خبرون مڪاني ميڊيا نشر ڪيون هيون.

سال 2018 ۽ 2019 کان اڳ ۾ به ميننڊيءَ جي لڳ درياه ۾ سوڪهڙ جي ڪري مڇيون مرڻ جو خبرون آيون هيون. اتي جي رهواسين مطابق ان وقت به لکن جي تعداد ۾ مڇيون مري ويون هيون.

(هن خبر ۾ شامل معلومات خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG