ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جيڪو ان کان اڳ ۾ به ڪيترا ئي ڀيرا وائيٽ هائوس جو مهمان رهي چڪو آهي، هلندڙ سال جي وچ ڌاران صدر جو بائيڊن هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ميزباني ڪندو.
ان کان اڳ نريندر مودي لڳ ڀڳ ڇهه دفعا وائيٽ هائوس وڃي چڪو آهي، ليڪن سندس اهي دورا نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي اداري جي سالياني اجلاس يا ٻين تقريبن جي سلسلي ۾ ٿيا هيا. ليڪن هي پهريون ڀيرو آهي ته هو آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪندو.
ڀارتي اخبار ’ٽائيمز آف انڊيا’ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صدر بائيڊن وزير اعظم موديءَ کي هن دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ ٻنهين ملڪن جا عهديدار دوري جي تاريخ کي آخري شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
رپورٽ ۾ اهو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته دورو جون يا جولاءِ ۾ ٿيندو.
هن دوري ۾ وائيٽ هائوس ۾ سرڪاري ضيافت ۽ ٻين تقريبن سان گڏ کيس ڪانگريس جي ٻنهين ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب جر به دعوت ڏني ويندي.
دوري کان پوءِ سيپٽمبر ۾ ڀارت جي20 ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، جيڪو سفارتي تاريخ جو سنگ ميل هوندو.
ان کان اڳ ڀارتي وزير اعظم جو آمريڪا جو سرڪاري دورو نومبر 2009 ۾ ٿيو هو، جڏهن ان وقت جي آمريڪي صدر براڪ اوباما وائيٽ هائوس ۾ وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه جي ميزباني ڪئي هئي.