پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ’سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل’ اڪثريت جي رائي سان منظور ڪيو آهي.
قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ اربع ڏينهن اهو بل منظرو ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي جنهن کي ڪجهه ترميمن کان پوءِ منظور ڪيو ويو.
وفاقي ڪابينا ان بل جي اڱاري ڏينهن منظوري ڏئي چڪي آهي، جنهن کان پوءِ ان کي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو هو.
اربع ڏينهن ٿيڻ واري اجلاس دوران قومي اسيمبليءَ جي رڪن محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم کي به بل ۾ شامل ڪيو ويو. محسن داوڙ جي ترميم ۾ چيو ويو هو ته اڳ ۾ جيڪي به پاڻ مرادا ڻوٽيس ورتا ويا هيا انهن ۾ اپيل جو حق نه هو. ان ڪري، ان ترميم کي به شامل ڪيو وڃي.
قانوني ماهرن مطابق هن ترميم جو اطلاق ماضيءَ ۾ سپريم ڪورٽ پاران ورتل ازخود نوٽيسن تي به ٿيندو ۽ متاثر ڌرين کي اپيل جو حق ملي ويو آهي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل آهي ڇا؟
بل جي مسودي جي مطابق، سينئر ترين ٽن ججن جي ڪاميٽي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو فيصلو ڪندي. اها ڪاميٽي چيف جسٽس آف پاڪستان سميت سپريم ڪورٽ جي ٻن سينئر ترين ججن تي مشتمل هوندي.
ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به آئيني تشريح جي لاءِ ڪاميٽي پنج رڪني بينچ ٺاهي سگهندي. آرٽيڪل 184 هيٺ ڪو به معاملو سڀ کان اڳ ججن جي ڪاميٽيءَ جي سامهون ايندو.
بل هيٺ سپريم ڪورٽ جي پاڻ مرادي نوٽيس جي خلاف اپيل جو حق به هوندو. ڪنهن به ’سوموٽ نوٽيس’ تي 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪري سگهجي ٿي.
بل جي مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به سوموٽو جي خلاف اپيل کي ٻن هفتن اندر ٻڌو ويندو.
ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته اهو ايڪٽ سپريم ڪورٽ ۽ هائي ڪورٽ جي فيصلن تي لاڳو ٿيندو.
عدالتي اصلاحن جي ترميمي بل جي ذريعي چيف جسٽس جي بينچ ترتيب ڏيڻ جي اختيار کي به محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
عدالتي اصلاحن جي ترميمي بل جي ذريعي چيف جسٽس جي بينچ ٺاهڻ جي اختيار کي به محدود ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
’تجويز ڪيل ترميمن ذريعي سپريم ڪورٽ کي نشانو بڻايو پيو وڃي’
پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌريءَ تجويز ڪيل ترميمن کي رد ڪيو آهي.
هڪ ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌريءَ چيو ته حڪومت جي طرفان سپريم ڪورٽ کي مسلسل نشانو بنايو پيو وڃي. ان عمل جي شديد مذمت ڪيون ٿا ۽ تجويز ڪيل ترميمن کي به رد ڪيون ٿا.
فواد چوڌريءَ چيو ته اهو حق رڳو چونڊيل پارليامينٽ وٽ آهي ته اها تفصيلي بحث کان پوءِ ڪا به ترميم ڪري سگهي ٿي.