پاڪستان جي قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي وڌيڪ 35 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪيا آهن.
قومي اسمبليءَ جمعي ڏينهن جاري ڪيل هڪ اعلان ۾ چيو آهي ته قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر آئين ۽ قانون جي متعلقه شقن مطابق پي ٽي آئي جي 35 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪيا آهن. استعيفائن جي منظوري جو اطلاق اپريل 2022 کان ٿيندو.
اسپيڪر جي پاران ٽن مرحلن ۾ منظور ڪيل مخالف ڌر جي استعيفائن جو انگ 81 ٿي ويو آهي.
قومي اسمبليءَ ۾ پي ٽي آئي جي ميمبرن جو ڪل تعداد 155 هيو جن منجهان هاڻي تائين 80 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪيا ويا آهن.
ان کان اڳ اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن مستعفي ٿيڻ وارن 35 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ڊي نوٽيفائي ڪري ڇڏيو هو. انهن ميمبرن ۾ 34 جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف سان هو جڏهن ته ڊي نوٽيفائي ٿيڻ وارن ميمبرن ۾ عوامي مسلم ليگ جو رڪن قومي اسمبلي شيخ رشيد احمد به شامل آهي.
پي ٽي آئي جي قومي اسمبليءَ جي ميمبرن جا اهي استعيفا اهڙي وقت منظور ڪيا ويا جڏهن هلندڙ هفتي عمران خان پاليامنٽ ۾ واپسيءَ جو اشارو ڏنو هو.
پي ٽي آئي جي رهنما ۽ قومي اسمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصراربع ڏينهن وائس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته حڪومت جي قومي اسمبليءَ ۾ واپس اچڻ جي دعوت تي جڏهن سندس پارٽيءَ فيصلي جو اعلان ڪيو ته اسپيڪر مخالف ڌر جي 35 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪري ورتا.
اسد قيصر چيو ته پي ٽي آئي جي ڪجهه ميمبرن جا استعيفا منظور ڪرڻ جي قدم کان پوءِ پارٽي قيادت پارليمنٽ ۾ واپسيءَ جي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪندي.
گزريل سال اپريل ۾ عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي منظوريءَ کان پوءِ پي ٽي آئي جي قومي اسمبليءَ جي ميمبرن اجتماعي طور تي استعيفا ڏنا هيا.
پي ٽي آئي جي مستعفي ٿيڻ وارن ميمبرن مطالبو ڪيو هو ته استعيفا فوري طور تي منظور ڪيا وڃن، ليڪن اسپيڪر ڪيترن مهينن کان پوءِ مرحله وار استعيفائن جي منظوريءَ جو عمل شروع ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان جي ٻن صوبن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ کان پوءِ عمران خان قومي اسمبليءَ ۾ ٻيهر واپس اچڻ جو اشارو ڏنو هو ته جيئن وزير اعظم شهباز شريف جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪري سهگجي.
(علي فرقان جي رپورٽ)