رسائی کے لنکس

نيٽو پاران فن لينڊ ۽ سويڊن جي شموليت جي دستاويز تي دستخط


برسلز ۾ فن لينڊ ۽ سويڊن جا امور خارجه جا وزير نيٽو جي سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ سان گڏ. 5 جولائي 2022.
برسلز ۾ فن لينڊ ۽ سويڊن جا امور خارجه جا وزير نيٽو جي سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ سان گڏ. 5 جولائي 2022.

نيٽو رڪن ملڪن اڱاري ڏينهن فن لينڊ ۽ سويڊن کي دفاعي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جي دستاويز تي صحي ڪئي آهي.

ٻنهين ملڪن مئي جي مهيني ۾ نيٽو اتحاد جي رڪن بنجڻ لاءِ باضابطه درخواست ڏني هئي، جنهن جو سبب يوڪرين تي روس جو حملو بڻيو جنهن کان پوءِ ٻئي ملڪ ڊگهي عرصي کان جاري رکيل غير وابستا رهڻ جي پاليسي ترڪ ڪرڻ تي مجبور ٿيا.

نيٽو جي سيڪريٽري جنرل، جينز اسٽولٽن برگ چيو آهي ته فن لينڊ ۽ سويڊن کان سواءِ نيٽو لاءِ هيءُ هڪ سٺو ڏينهن آهي. ٻٽيهه ملڪن جو هي ادارو اڃان وڌيڪ سگهارو ٿيندو ۽ اسان جو عوام اڃان وڌيڪ محفوظ ٿيندو، اهڙي وقت جڏهن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ سڀ کان وڏو سلامتيءَ جو بحران آڏو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته انهن يورپي جمهوريتن لاءِ نيٽو جا دروازا هميشه کليل رهندا، جيڪي اسان جي مشترڪه سڪيورٽيءَ جي خواهش رکن ٿا ۽ ان لاءِ تيار آهن.

شموليت جي دستاويزات تي صحيءَ کان پوءِ هاڻي انفرادي قومي ضابطن جي روشنيءَ ۾ نيٽو جي 30 ملڪن مان هر هڪ ان دستاويز جي تصديق ڪندو.

فن لينڊ ۽ سويڊن تاريخي طور تي نيٽو جي ساٿي اتحادين سان ڪم ڪندا رهيا آهن، جن ۾ نيٽو جي اجلاسن ۾ شرڪت ۽ فوجي مشقن ۾ شريڪ ٿيڻ شامل آهي.

سويڊن جي وزير خارجه اين لنڊيءَ اڱاري جي ڏينهن ملاقات کان اڳ ۾ چيو ته اتحاد جي مستقبل جي رڪن جي حيثيت سان سويڊن اتحاد جي سمورن ساٿين جي سلامتيءَ جو مڪمل ساٿ ڏيندو.

فن لينڊ جي وزير خارجه پيڪا هاوستو چيو ته سندس ملڪ نيٽو اتحادين سان ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي ته جيئن يورپ ۽ بحر اوقيانوس جي خطي کي محفوظ بنائي سگهجي ۽ خطو خوش حالي ماڻيندو رهي.

هاوستو جي لفظن ۾ اسان پاڻ ۾ ملي وڌيڪ سگهارا ٿيندا سين ته جيئن جمهوريت جي آزاديءَ ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جي لاءِ ضابطن تي قائم بين الاقوامي قانون ۽ اصولن جو دفاع ڪري سگهجي.

XS
SM
MD
LG