ڪويت نيوز ويب سائيٽ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تان هڪ مختصر دورانئي جي وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ خاتون نيوز ڪاسٽر کي ڏسي سگهجي ٿو.
سموري دنيا ۾ مصنوعي ذهانت يعني آرٽيفيشل انٽيلي جينس (اي آئي) جي مدد سان نيون ايجادون ۽ مختلف ڪم انجام ڏنا پيا وڃن. ليڪن تازو ڪويت ۾ مصنوعي ذهانت جي مدد سان هڪ اهڙي نيوز ڪاسٽر بنائي وئي آهي جنهن کي ڏسي حقيقت جهلڪي ٿي.
ڪويت جي ابلاغ جي ذريعن جي هڪ اداري ’ڪويت نيوز’ هڪ ورچوئل نيوز پريزنٽر’ جي مهورت ڪئي آهي جنهن کي مصنوعي ذهانت کي استعمال ڪندي تيار ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي ’فضه’ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڪويت نيوز ويب سائيٽ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تان هڪ مختصر دورانئي جي وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ خاتون نيوز ڪاسٽر کي ڏسي سگهجي ٿو.
اڇي رنگ جي ٽي شرٽ ۽ ڪاري رنگ جي جيڪيٽ پاتل ان نيوز ڪاسٽر ڪلاسيڪل عربيءَ ۾ پنهنجي سڃاڻپ هنن لفظن ۾ ڪرائي، ’’مان فضه آهيان، ڪويت جي پهرين پريزنٽر جيڪا ڪويت نيوز ۾ مصنوعي ذهانت سان ڪم ڪندي آهيان. توهان ڪنهن قسم جي خبرن کي ترجيح ڏيندا آهيو؟ اچو ته توهان جي راءِ ٻڌئون’’.
خبرن جي اداري، اي ايف پيءَ مطابق، ڪويت نيوز ويب سائيٽ ملڪ جي انگريزي روزنامي ’ڪويت ٽائمز’ سان لاڳاپيل آهي. ان اخبار کي 1961 ۾ خطي جي پهرئين روزنامي جي طور تي شروع ڪيو ويو هو.
انهن ٻنهي آئوٽ ليٽس جي ڊپٽي ايڊيٽر ان چيف، عبدالله بوفتين چيو آهي ته هي ’نئون ۽ جديد مواد’ پيش ڪرڻ جي آرٽيفيشل انٽيلي جينس جي صلاحيت جو امتحان آهي.
هن چيو ته مستقبل ۾ فضه ڪويتي لهجو اپنائي سگهي ٿي ۽ ويب سائيٽ جي ٽوئٽر اڪائونٽ تي خبرون پڙهي سگهجن ٿيون.
هن جي لفظن ۾’’فضه هڪ مشهور، پراڻي ڪويتيءَ جو نالو آهي جنهن جو مطلب چاندي (سلور) جي ڌات آهي. اسان هميشه روبوٽس کي سلور ۽ ڌاتوءَ جو رنگ تصور ڪندا آهيون، ان ڪري اسان انهن ٻنهي کي ملائي ڇڏيو آهي’’.
سندس چواڻي، نيوز پريزنٽر جا سنهري وار ۽ هلڪي رنگ جون اکيون تيل سان مالا مال ملڪ جي مختلف نوع جي آباديءَ جا نقش پيش ڪن ٿيون، ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جينس سان تيار ٿيڻ واري فضه ڪويت ۾ سڀني جي نمائندگي ڪري ٿي.
سموري دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ’اي آئي’ جتي صحت جي سار سنڀال ۽ مختلف ڪمن جي خاتمي ۾ فائدو پهچايو آهي اتي ان سان غلط معلومات ڦهلجڻ ۽ مختلف ملازمتن جي لاءِ خطرا به پيش اچي سگهن ٿا.
فضه جي 13 سيڪنڊن جي ابتدائي وڊيو تي صحافين سميت ٻين سوشل ميڊيا صارفين پاران رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي.
(هن خبر جي ڪجهه معلومات خبرن جي اداري، اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)