پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران پنجاب ۽ خيبرپخرونخوا جي اسيمبلين جمعي جي ڏينهن ٽوڙڻ جي اعلان کان پوءِ سياسي ماحول گرم ٿي ويو آهي.
انهيءَ دوران سومر جي رات پنجاب اسمبليءَ ۾ وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي خلاف مخالف ڌر جي جماعتن تحريڪ عدم اعتماد جمع ڪرائي آهي، جڏهن ته گورنر پنجاب به چوڌري پرويز الاهيءَ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو آهي.
پنجاب جي سياسي صورت حال ڇا رخ اختيار ڪندي؟ وڏي وزير جي پاران عمران خان جي جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي خلاف بيانن جي کلي مخالفت کان پوءِ ٻنهين سياسي جماعتن جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ ڇا چوڌري پرويز الاهي هڪ ڀيرو ٻيهر پي ڊي ايم جي ويجهو ٿي رهيو آهي؟ هي اهي سوال آهن جيڪي پنجاب ۾ اقتدار جي ايوانن ۾ گونجي رهيا آهن، جڏهن ته عوامي حلقن ۾ به اهو معاملو زير بحث آهي.
قانون مطابق تحريڪ عدم اعتماد اچڻ کان پوءِ وڏو وزير اسيمبلي نه ٿو ٽوڙي سگهي، جنهن کان پوءِ عمران خان جي پاران اعلان ڪيل تاريخ تي پنجاب اسمبلي ٽوڙڻ جو معاملو پوئتي رهجي ويو آهي.
خيال رهي ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب بنائڻ جي لاءِ اپوزيشن جماعتن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي ايوان ۾ 186 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪن. انهيءَ ريت اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ به وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي ايوان ۾ 186 ميمبرن جي حمايت درڪار هوندي.
انهيءَ دوران پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائڻ جو معاملو به تنازعي جو شڪار ٿي ويو آهي. پنجاب جي گورنر اربع ڏينهن صوبائي اسميبليءَ جو اجلاس سڏايو آهي. ليڪن پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته اسيمبليءَ جو اجلاس اڳ ۾ ئي جاري آهي. ان ڪري، نئون اجلاس سڏائڻ جي گورنر جي هدايت بلاجواز آهي.
تحريڪ عدم اعتماد اوچتو جمع ناهي ڪرائي وئي
مبصر سمجهن ٿا ته حڪمران اتحاد پاڪستان ۾ عام چونڊن جي لاءِ تيار ناهي. انتخابات کان اڳ ان کي ڀرپور تياري ڪرڻي پوندي.
سينئر صحافي ۽ تجزيه ڪار، مجيب الرحمان شاميءَ جي خيال ۾ پنجاب جي وڏي وزير، چوڌري پرويز الاهيءَ جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد اوچتو جمع ناهي ڪرائي وئي.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته تحريڪ عدم اعتماد تي ڪيترن ڏينهن کان غور جاري هو ۽ ڪوشش اها آهي ته اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ کان بچايو وڃي.
شاميءَ چيو ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر سوچي سمجهي اها سياسي چال هلي آهي.
هن چيو ته اها ڪوشش به ٿي رهي آهي ته ڪنهن طرح سان پرويز الاهيءَ جو ٻيهر حڪمران اتحاد (پي ڊي ايم) سان معاملو طئي ٿي وڃي، جيڪڏهن پرويز الاهي اعتماد جي ووٽ ۾ 186 ميمبرن جي حمايت حاصل نه ڪري سگهيي ته پوءِ پنجاب حڪومت ختم ٿي ويندي.
سينئر صحافي مظهر عباس جي خيال ۾ پرويز الاهيءَ جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جمع ڪرائڻ جي نوبت عمران خان جي فيصلي کان پوءِ آئي آهي. غالب امڪان اهو ئي آهي ته تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب نه ٿيندي.
وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، مظهر عباس چيو ته چوڌري پرويز الاهيءَ جو ’اي آر وائي’ کي ڏنل انٽرويو ’’معني خيز’’ آهي، جنهن کان پوءِ پي ٽي آئي اندر به ڪي حلقا ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن. ليڪن عمران خان جيڪو ڪجهه چوندو اهو ئي ڪندو.
(ضيا الرحمان جي رپورٽ)