پاڪستان فوج چيو آهي ته بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ مبينه دهشت گردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نون دهشت گرد ماريا ويا جڏهن ته ٽن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پاڪستان فوج جو چوڻ آهي ته اهي دهشت گرد 30 سيپٽمبر 2022 تي ڪوهلو بازار ۾ ٿيڻ واري ڌماڪي جا ذمه دار هيا جنهن ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿيا هيا.
ترجمان پاڪستان فوج جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي آپريشن ڪوهلو جي علائقي، سياه ڪوه ۾ ڇنڇر ڏينهن صبح جي ڇهين وڳي شروع ٿيو.
فوج جي مطابق بندش پيل بلوچ لابريشن آرمي (بي ايل اي) جي دهشت گردن جي خلاف انٽيلي جينس جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو.
عمل دارن چيو آهي ته انٽيلي جينس ادارا 30 سيپٽمبر 2022 تي ڪوهلو بازار ۾ ڌماڪي کان پوءِ انهن دهشت گردن جي تلاش ۾ هيا جنهن ۾ ٻه راهگير ۽ 19 ڄڻا زخمي ٿيا هيا.
عهديدارن جو چوڻ آهي ته اها ئي تنظيم ۽ سندس دهشت گرد علائقي ۾ اغوا براءِ تاوان، ڀته خوري ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث رهي آهي. ان کان سواءِ دهشت گرد بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪرڻ وارن انجنيئرن ۽ مزدورن کي به نشانو بڻائيندا هيا.
ترجمان مطابق، هڪ هنڌ تي گهيري ۾ آيل دهشت گردن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي تيز ڏي وٺ ٿي جنهن دوران نون دهشت گرد هلاڪ ٿيا.
سيڪيورٽي فورسز اڃان تائين سرچ آپريشن جاري رکيو آهي.
بلوچستان ۾ عليحدگي پسند تنظيمن جي طرفان اڪثر اهڙيون ڪاروائيون ڪيون وينديون آهن ۽ گهڻي ڀاڱي ڪاروائين کان پوءِ ذمي داري به قبول ڪنديون رهيون آهن. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز انهن تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهيون آهن.